شھيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ٽي پي جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو

شھيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ٽي پي جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ ايس ايس پي ٽنڊوالھيار جي آفيس اڳيان ترقي پسند ھائوس ٽنڊوالھيار کان احتجاجي ريلي ڪدي ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاجي ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن تہ ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي صاحب ڪئي .ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي قيادت ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ هوت خان گاڏهي قادر چنا, ڊاڪٽر سومار مڱريو, محمد علي ابڙو عاشق سولنگي نصرت حسين چن,خدابخش درس ڄام شوڪت علي ابڙو, شاهنواز سيال, خير محمد مگسي, سميت ضلعي اڳواڻ نثار ڪيريو, جلال شاه , عبدالفتاح ڳاھوٽي, سچل گوپانگ, اقبال حاجاڻو عبدالغني ملاح, اسلم مهندو, علي شير ڇڇڙ, حبيب الله مشهوري, علي ڏنو خاصخيلي, شهيد الطاف جسڪاڻي جا ڀائر افضل جسڪاڻي , ذيشان جسڪاڻي , اسد جسڪاڻي ۽ ٻيا موجود هئا . ڌرڻي دوران ايس ايس پي ٽنڊوالھيار پنھنجي ٽيم سميت پھچي ايس ٽي پي جي مرڪزي قيادت سان ڳالھيون ڪري يقين ڏياريو تہ جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو اھڙي يقين ڏيارڻ کانپوءِ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي انتظاميہ کي مھلت ڏيندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

وڌيڪ پڙھو

بلاول ڪالوني واقعي خلاف بلاول ڪالوني ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

بلاول ڪالوني واقعي خلاف بلاول ڪالوني ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪورنگي طرفان ڪورنگي بلال ڪالوني م افغاني دهشتگردن جي گرفتاري لاى …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *