شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي سوين ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جھنڊا، پينافليڪس ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب شھدادڪوٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ پهچي نٽھڻ اُس ۾ ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، جنهنڪري سنڌ بلوچستان ايندڙ ويندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون پڻ بيهجي ويون.ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، سجاد تنيو، داد محمد کنڊ، رشيد مگسي فارووق چاوڙو، اسماعيل مگسي عرفان چانڊيو، محسن ميرجت عمران خشڪ، علي مراد بروهي، لعل بخش جمالي نياز چانڊيو، رحيم کوسو، بلاول مگسي انيس مگسي بابر علي کيمٽيو، عثمان کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جڏھن کان ايس ايس پي بشير بروهي مقرر ٿيو آھي ان ڏينهن کان شھدادڪوٽ ۾ بدامني وڌي وئي آھي. هنن چيو ته شھر مان چاٻي چور روزانو موٽرسائيڪل چوري ڪري وڃن ٿا، شھر جي انتهائي مصروف ترين ڪوٽو موٽو چوڪ تي واقع حبيب بينڪ جي اي ٽي ايم مشين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏھن ته گهرن ۾ گھڙي هٿيارن جي زور تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. شھر مان موبائيل فون ۽ روڪ رقم جون ڦرون پڻ روز جو معمول بڻيل آھن. هنن چيو ته ايس سيڪشن ٿاڻي جو ايس يڇ او طفيل احمداڻي ۽ ان جو عمل چورن ۽ ڦورن سان ٻِٽُ بڻيل آھي ۽ ايس ايس پي جو خاص ڪمائيندڙ آھي جنهنڪري سندس بدلي نٿي ڪئي وڃي. هنن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گھُر ڪئي ته ايس ايس پي بشير بروهي ۽ شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او طفيل احمداڻي کي فورن بدلي ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ آئينده لاء شھرين جي اي پي سي ڪوٺائڻ، قمبر شھدادڪوٽ روڊ بند ڪرڻ سميت شٽر بند هڙتال سميت جدوجهد جا سمورا طريقا استعمال ڪيا ويندا

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *