شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو مھانگائي ۽ بجيٽ خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ
هر روز تيزي سان وڌندڙ مهانگائي خلاف ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ٽائون حال شھدادڪوٽ کان سوين ماڻھن احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهتي. جتي جلسي کي ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، زاهد مگسي، پير بخش ڀٽي، رشيد مگسي، فاروق سومرو، عرفان سيلرو، سجاد ڪنگو، داد محمد کنڊ، عمران خشڪ، رفيق سومرو، محرم مگسي، سجاد تنيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي غلط پاليسن ۽ وڌندڙ مهانگائي ۽ ٽيڪسن ۾ واڌاري سبب ماڻھون ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آھن. مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻھون پنهنجا ٻار کپائڻ ۽ خودڪشيون ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته هڪ طرف سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي جنهنڪري سنڌ جي زراعت تباھ عي رهي آھي ته ٻئي طرف وڌندڙ مهانگائي عوام جپ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته عوام هڪ سال اندر ئي عمران حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آھي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …

Leave a Reply

Your email address will not be published.