شيخ رشيد جو بيان سنڌ دشمني تي مبني آھي وفاق نوٽيس نہ ورتو تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو- ڊاڪٽرقادرمگسي

شيخ رشيد جو بيان سنڌ دشمني تي مبني آھي وفاق نوٽيس نہ ورتو تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو- ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي وفاقي وزير شيخ رشيد پاران ڏنل بيان تي سخت ردعمل ظاھر ڪندي چيو آھي تہ شيخ رشيد جو بيان مڪمل طور غيرآئيني ، غيراخلاقي،  بدنيتي ۽ سنڌ دشمني تي ٻڌل آھي جنھن جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي. شيخ رشيد جي بيان مان واضع ٿئي ٿو تہ عمران سرڪار مڪمل طرح سنڌ دشمني تي لٿل آھي ، ھن جي پھرين ڏينھن کان وٺي سنڌ جي وسيلن تي نظر آھي. ڪڏھن سنڌ جي ٻيٽن تي والار جا آرڊينس جاري ڪري ٿي تہ ڪڏھن سنڌ جي صنعتي ادارن تي قبضا ڪري رھي آھي تہ ڪڏھن سنڌ جون اسپتالون پنھنجي ھٿ ھيٺ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي پئي . وفاق جو ھي رويو انتھائي قابل مذمت آھي. شيخ رشيد جو اھو بيان ڪنھن بہ صورت ۾ ملڪ جي مفاد وٽان ناھي، سنڌ ھزارين سالن کان  ھڪ خود مخيار وطن رھي آھي ھن وقت پاڪستان ۾ اھا پاڪستان جي 1940 واري قراداد تحت شامل آھي. ان جا وارث سنڌي آھن. ۽ ڪراچي سنڌ جي گادي جو شھر آھي وفاق جي ملڪيت ناھي جو اسلام آباد مان ويھي ان بابت فيصلا ڪيا وڃن.ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي ٻاھران آيل بھارين سان ملائڻ ۽ کين شناختي ڪارڊ عمران خان جي مرضي سان جاري ڪرڻ وارو شيخ رشيد جي بيان کي اسان ھڪ گھري سازش سمجھون ٿا، سنڌين کي پنھنجي وطن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪنھن جي مرضي جي ضرورت ناھي. وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي ۽ پنھنجي وفاقي وزيرن جي ان قسم جي بيانن جو نوٽيس وٺي، ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي وڌيڪ چيو تہ ھن قسم جا بيان ڏئي سنڌ جي اندر نہ صرف لسانيت کي وڌائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر ان سان گڏ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . سنڌي قوم پنھنجي وطن جي تحفظ ۽ پنھنجي حقن جي لاءِ جدوجھد جا ماضي ۾ رڪاڊ قائم ڪيا آھن ۽ حڪمرانن جا سنڌ دشمني تي مبني فيصلا واپس ڪرايا آھن. انڪري ھاڻي ان قسم جون روشون ختم ٿيڻ گھرجن. ھن چيو تہ جيڪڏھن وفاقي وزير جي انھي تعصب پرستي تي ٻڌل بيان جو نوٽيس نہ ورتو ويو تہ سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو

وڌيڪ پڙھو

بلاول ڪالوني واقعي خلاف بلاول ڪالوني ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

بلاول ڪالوني واقعي خلاف بلاول ڪالوني ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪورنگي طرفان ڪورنگي بلال ڪالوني م افغاني دهشتگردن جي گرفتاري لاى …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *