ڪراچي:موسميات کاتي چيو آهي ته شوال جو چنڊ سڀاڻي نظر اچڻ جو امڪان آهي. چنڊ نظر اچڻ جي صورت ۾ عيدالفطر 5 جون تي ٿيندي.
رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي موسميات کاتي ڪراچي جي آفيس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت چيئرمين رويت مفتي منيب الرحمان ڪندو.
موسميات کاتي موجب شوال جي چنڊ جي پيدائش اڄ ٻنپهرن جو 3 لڳي 2 منٽن تي ٿيندي. اڄ سج لهڻ تائين چنڊ جي عمر 4 ڪلاڪ 16 منٽ ٿيندي.
سڀاڻي ڪراچي ۾ سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر 28 ڪلاڪ ۽ 16 منٽ ٿيندي. موسميات کاتي موجب سڀاڻي چنڊ سج لهڻ جي هڪ ڪلاڪ تائين آسمان تي موجود رهندو.
پشاور سميت پوري پاڪستان ۾ 4 جون تي چنڊ جي رويت ممڪن آهي.