شهيد ڪمال راهمون جي 36 ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي

شهيد ڪمال راهمون جي 36 ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي


سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھيد ڪمال راھمون جي 36 ورسي جي موقعي تي مختلف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تقريبون ٿيون جن ۾ شھيد ڪمال راھمون جي زندگي تي روشني وڌي وئي کيس لفظن جون ڀيٽائون ڏنيون ويون . ان سلسلي ۾ ضلع ڄامشورو ۾ ڪوٽڙي ۾ شھيد ڪمال راھمون جي 36 ورسي جي تقريب کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سيڪريٽري جنرل حيدرملاح کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي قومي جدوجھد ۾ اسان جي ساٿين پنھنجي گرم رت ڏئي جدوجھد کي سگھ بخشي، شھيد ڪمال راھمون پنھنجي زندگي ارپي تاريخ ۾ ھميشہ امر ٿي ويو، ھن ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ملڪ ۾ موجود قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ، تاريخي حيثيت کان انڪار، معاشي بدحالي، مذهبي دهشتگردي ۽ جنگين سان ڀري پئي. جنهن ڪري پاڪستان قومن جي حقيقي فيڊريشن جي شڪل ۾ اڳتي وڌڻ بدران جبر جي شڪل اختيار ڪري بيٺو آهي دنيا ۾ جيڪي به ملڪ قومن جي تاريخي وطنن، تهذيب ۽ تمدن کان انڪار ڪندا آهن آهي ملڪ انارڪي جي ور چڙهي ترقي بدران تباهي طرف گامزن رهندا آهن. هن چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ پنهنجي مرضي سان شامل ٿي اسان جي وڏا 40 جي قرارداد جي واعدي تي هن ملڪ جي تخليق ڪئي جنهن قرار داد ۾ قومن سان واعدو ڪيو ويو هو ته انهن جا وطن محفوظ هوندا انهن جي قديم ٻولي کي ترقي تياري ڏني ويندي. سمنڊ، درياه جبل نديون، ٻيلا شهر ۽ وستيون هنن جي لاءِ هونديون پر ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ترت ئي هن ملڪ تي ان ايلٽ ڪلاس قبضو ڪري ورتو جنهن پاڪستان جي ٺهڻ جي نه صرف مخالفت ڪئي پر عملي طور هنن نئين ملڪ جي حيثيت کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان ايلٽ ڪلاس اڳتي هلي عالمي قوتن جي مدد سان ملڪ ۾ سيڪيورٽي ادارن کي اقتدار ۾ حصيدار ڪيو جنهن ڪري پاڪستان جي اقتدار تي وڏو حصو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سيڪيورٽي ادارن جو قبضو رهيو جن ملڪ کي مذهبي انتهاپسندي، جنگي جنونيت لساني ۽ نسلي سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو جيئن هنن جو دائمو قبضو رهي. شهيد ڪمال راهمون به فوجي جنرل ضياء جي دور ۾ آمريت جي حامين جي هٿان رڳو ان ڪري قتل ڪيو ويو جيئن سنڌ ۾ قومي حقن جي جدوجهد کي ماٺو ڪري سگهجي. حيدر ملاح وڌيڪ چيو ته سنڌين جي قومپرستي مڪمل پرامن ۽ ترقي پسند رهي آهي جنهن ڪري سنڌين ڪڏهن به ٻين جي نه گهرن نه ملڪيتن، ڪاروبارن ۽ عزتن تي حملا ڪيا. سنڌي ملڪ جي سموري تاريخ ۾ رڳو ڀت سان انڪري لڳايا ويا جو سنڌي نه لساني، نسلي دهشتگرد سياست جو حصو رهيا آهن نه ئي سنڌين مذهبي دهشتگردي کي ويجهو اچڻ ڏنو آهي. سنڌ ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد جي امامت وارو ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌ کي آمريت مخالف ڪردار ۽ جمهوريت دوستي جي ڪري سزا ڏني پئي وڃي اڄ سنڌ جي مٿان ڌارين کي وارد ڪيو پيو وڃي سنڌ جي شهرن تي غير سنڌي تيزي سان والار ڪري رهيا آهن جنهن ڪري سنڌي عوام اڄ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي خطري هيٺ ساه کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي اندر اقتداري منتقلي واري سياست سان فقط اقتداري چهڙا تبديل ٿيندا پر محڪوم قومن ۽ پيڙيل طبقن توڙي حقيقي جمهوري ادارن کي ڪا به سگهه توڙي تقويت نه ملندي. هن وقت ضرورت آهي ته قومن ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي جنهن ۾ قومن جي تاريخي حيثيت کي قبول ڪندي انهن جي ڌرتي توڙي وسيلن تي قومن جو تاريخي حق قبول ڪري نئين حقيقي قومن جي پاڪستان جي تشڪيل ڪئي وڃي جنهن ۾ مذهب رياست کان ڌار هجي. ملڪ سوشل ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪن پاڪستان جي نالي سان ٻيهر تربيت ڏنو وڃي جيئن ملڪ جي مالڪي عوام جي هٿ هيٺ رهي. ان موقعي تي شوال ڏيٿو ، امجد مستوئي, امير الدين مگسي ، منٺار ڇڇر ۽ ٻين خطاب حيدرآباد: پريس رليزDate 16 March 2022 سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھيد ڪمال راھمون جي 36 ورسي جي موقعي تي مختلف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تقريبون ٿيون جن ۾ شھيد ڪمال راھمون جي زندگي تي روشني وڌي وئي کيس لفظن جون ڀيٽائون ڏنيون ويون . ان سلسلي ۾ ضلع ڄامشورو ۾ ڪوٽڙي ۾ شھيد ڪمال راھمون جي 36 ورسي جي تقريب کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سيڪريٽري جنرل حيدرملاح کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي قومي جدوجھد ۾ اسان جي ساٿين پنھنجي گرم رت ڏئي جدوجھد کي سگھ بخشي، شھيد ڪمال راھمون پنھنجي زندگي ارپي تاريخ ۾ ھميشہ امر ٿي ويو، ھن ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ملڪ ۾ موجود قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ، تاريخي حيثيت کان انڪار، معاشي بدحالي، مذهبي دهشتگردي ۽ جنگين سان ڀري پئي. جنهن ڪري پاڪستان قومن جي حقيقي فيڊريشن جي شڪل ۾ اڳتي وڌڻ بدران جبر جي شڪل اختيار ڪري بيٺو آهي دنيا ۾ جيڪي به ملڪ قومن جي تاريخي وطنن، تهذيب ۽ تمدن کان انڪار ڪندا آهن آهي ملڪ انارڪي جي ور چڙهي ترقي بدران تباهي طرف گامزن رهندا آهن. هن چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ پنهنجي مرضي سان شامل ٿي اسان جي وڏا 40 جي قرارداد جي واعدي تي هن ملڪ جي تخليق ڪئي جنهن قرار داد ۾ قومن سان واعدو ڪيو ويو هو ته انهن جا وطن محفوظ هوندا انهن جي قديم ٻولي کي ترقي تياري ڏني ويندي. سمنڊ، درياه جبل نديون، ٻيلا شهر ۽ وستيون هنن جي لاءِ هونديون پر ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ترت ئي هن ملڪ تي ان ايلٽ ڪلاس قبضو ڪري ورتو جنهن پاڪستان جي ٺهڻ جي نه صرف مخالفت ڪئي پر عملي طور هنن نئين ملڪ جي حيثيت کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان ايلٽ ڪلاس اڳتي هلي عالمي قوتن جي مدد سان ملڪ ۾ سيڪيورٽي ادارن کي اقتدار ۾ حصيدار ڪيو جنهن ڪري پاڪستان جي اقتدار تي وڏو حصو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سيڪيورٽي ادارن جو قبضو رهيو جن ملڪ کي مذهبي انتهاپسندي، جنگي جنونيت لساني ۽ نسلي سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو جيئن هنن جو دائمو قبضو رهي. شهيد ڪمال راهمون به فوجي جنرل ضياء جي دور ۾ آمريت جي حامين جي هٿان رڳو ان ڪري قتل ڪيو ويو جيئن سنڌ ۾ قومي حقن جي جدوجهد کي ماٺو ڪري سگهجي. حيدر ملاح وڌيڪ چيو ته سنڌين جي قومپرستي مڪمل پرامن ۽ ترقي پسند رهي آهي جنهن ڪري سنڌين ڪڏهن به ٻين جي نه گهرن نه ملڪيتن، ڪاروبارن ۽ عزتن تي حملا ڪيا. سنڌي ملڪ جي سموري تاريخ ۾ رڳو ڀت سان انڪري لڳايا ويا جو سنڌي نه لساني، نسلي دهشتگرد سياست جو حصو رهيا آهن نه ئي سنڌين مذهبي دهشتگردي کي ويجهو اچڻ ڏنو آهي. سنڌ ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد جي امامت وارو ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌ کي آمريت مخالف ڪردار ۽ جمهوريت دوستي جي ڪري سزا ڏني پئي وڃي اڄ سنڌ جي مٿان ڌارين کي وارد ڪيو پيو وڃي سنڌ جي شهرن تي غير سنڌي تيزي سان والار ڪري رهيا آهن جنهن ڪري سنڌي عوام اڄ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي خطري هيٺ ساه کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي اندر اقتداري منتقلي واري سياست سان فقط اقتداري چهڙا تبديل ٿيندا پر محڪوم قومن ۽ پيڙيل طبقن توڙي حقيقي جمهوري ادارن کي ڪا به سگهه توڙي تقويت نه ملندي. هن وقت ضرورت آهي ته قومن ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي جنهن ۾ قومن جي تاريخي حيثيت کي قبول ڪندي انهن جي ڌرتي توڙي وسيلن تي قومن جو تاريخي حق قبول ڪري نئين حقيقي قومن جي پاڪستان جي تشڪيل ڪئي وڃي جنهن ۾ مذهب رياست کان ڌار هجي. ملڪ سوشل ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪن پاڪستان جي نالي سان ٻيهر تربيت ڏنو وڃي جيئن ملڪ جي مالڪي عوام جي هٿ هيٺ رهي. ان موقعي تي شوال ڏيٿو ، امجد مستوئي, امير الدين مگسي ، منٺار ڇڇر ۽ ٻين خطاب ڪيو

وڌيڪ پڙھو

ايس ٽي پي پاران يوم مادر وطن جو شاندر جلسو، عوام جو سمنڊ اٿلي پيو

ايس ٽي پي پاران يوم مادر وطن جو شاندر جلسو، عوام جو سمنڊ اٿلي پيو

حيدرآباد سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته هن وقت …

Leave a Reply

Your email address will not be published.