شهيد نظير عباسي اڄ به زنده آهي


جيستائين دنيا ۾ فرسوده سوچ موجود آھي اوستائين شھيد نظير عباسي زنده آھي.جڏھن سماج ۾ مدي خارج ريتن رسمن جو خاتمو نه ٿو ٿئي اوستائين شھيد نظير عباسي بغاوت جو علم کڻي ميدان تي موجود آهي.شھيد نظير عباسي جو مهاڏو هڪ فرد سان نه پر هڪ سوچ,هڪ ذھنيت ۽ ھڪ نظرئي سان هو.اها سوچ ,اها ذھنيت ۽ اهو نظريو جنهن کي جاگيرداري/سرمائيداري جو نظريو چئي سگهون ٿا.ان نظرئي اڄ پوري دنيا کي هڪ نه کٽندڙ باه جي بٺي جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.
دنيا جو شايد ڪو خطو ۽ ملڪ هجي جتي سرمائيداري نظام پنهنجي انسان دشمن سوچ سان ڀيانڪ روپ ۾ موجود نه هجي.ايشيا کان کان آفريقا تائين لاطيني آمريڪا کان يورپ تائين ,پاڪستان سميت دنيا جو ڪوبه اهڙو ملڪ نه جتان جو ڪروڙين عوام سامراجي مفادن اڳيان ٻارڻ نه بڻجندو هجي.
اهي سرمائيداري مفاد اڄ تاريخ ان نهج تي پهتل آھن جو سياست کان ويندي معيشت تائين,معدني وسيلن کان ويندي قدرتي وسيلن تائين سماجيات کان ويندي جاگرافي تائين سڀني امرن تي سرمائي جي هڪ هٽي قائم هجڻ سبب انهن جو ڪارونهوار هلائيندڙ به سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سرمائيداري سوچ جا مالڪ آھن.موجوده دور ۾ عوام سخت معاشي,
سياسي,سماجي پيڙائن جو شڪار آھي ته ٻئي طرف چند سرمائيداري عالمي گلوبلائيزيشن جي نام نهاد نعري هيٺ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي روپ ۾ عوام مٿان حڪمراني ڪري رهيا آھن.ملڪي حڪمران فقط رٻڙ جي اسٽيمپ کان علاوه سامراجي ادارن آء ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جا ڳيجهو ۽ دلال بڻيل آھن.اهوئي سبب آھي جو 73سال گذري وڃڻ باوجود به ملڪي عوام کي مڪمل آزادي نه ملي سگهي آھي.افسوس جو اڄ به ويچارو عوام رياستي ادارن توڙي سامراجي ادارن جي عتاب جو شڪار آھي,عوام مسلسل قومي ۽ طبقاتي غلامي ۽ جبر جو شڪار آھي.عوام کي ذلتن مان ڪڍي هڪ باوقار ۽ خوشحال زندگي گذارڻ لاء عوامي انقلاب آڻڻ ئي شھيد نظير عباسي جو خواب هو.انقلاب جنهن جو هر اول دستو ملڪ جو نڌڻڪو پورهيت عوام هو جنهن کي ملڪي حڪمرانن پنهنجي هٿرادو قانون ٺاهي انهن کي زنجيرن ۾ جڪڙي زندگي جي سڀني سهولتن کان محروم ڪري رکيو هو .شھيد نظير عباسي اونداهين راتين جو اهو ڏيئو بڻجي آزاد صبح جا خواب ڏسندو رهيو جنهن لاء برصغير جي انقلابي شاعر ساحر لڌيانوي لکيو:
امید

شهيد نظير عباسي

وہ صبح کبھی تو آئے گی

ان کالی صدیوں کے سر سے، جب رات کا آنچل ڈھلکے گا
جب دکھ کے بادل پگھلیں گے، جب دکھ کا ساگر چھلکے گا
جب امبر جھوم کے ناچے گا، جب دھرتی نغمے گائے گی

وہ صبح کبھی تو آئے گی

جس صبح‌ کی خاطر جگ جگ سے، ہم سب مر مر کر جیتے ہیں
جس صبح‌ کے امرت کی دھن میں‌ ہم زہر کے پیالے پیتے ہیں
ان بھوکی پیاسی روحوں‌ روحوں پر اک دن تو کرم فرمائے گی

وہ صبح‌کبھی تو آئے گی

مانا کہ ابھی تیرے میرے ارمانوں کی قیمت کچھ بھی نہیں
مٹی کا بھی ہے کچھ مول مگر انسانوں‌کی قیمت کچھ بھی نہیں
انسانوں‌کی عزت جب جھوٹے سکوں‌ میں‌ نہ تولی جائے گی

وہ صبح کبھی تو آئے گی

دولت کے لیے جب عورت کی عصمت کو نہ بیچا جائے گا
چاہت کو نہ کچلا جائے گا، غیرت کو نہ بیچا جائے گا
اپنے کالے کرتوتوں پر جب یہ دنیا شرمائے گی

وہ صبح کبھی تو آئے گی

بیتیں ‌گے کبھی تو دن آخر یہ بھوک کے اور بیکاری کے
ٹوٹیں گے کبھی تو بت آخر دولت کی اجارہ داری کے
جب ایک انوکھی دنیا کی بیناد اٹھائی جائے گی

وہ صبح کبھی تو آئے گی

مجبور بڑھاپا جب سونی راہوں‌کی دھول نہ پھانکے گا
معصوم لڑکپن جب گندی گلیوں‌ میں‌ بھیک نہ مانگے گا
حق مانگنے والوں کو جس دن سولی نہ دکھائی جائے گی

وہ صبح کبھی تو آئے گی

فاقوں کی چتاؤں پر جس دن انساں نہ جلائے جائیں گے
سینوں کے دہکتے دوزخ میں ارماں نہ جلائے جائیں گے
یہ نرک سے بھی گندی دنیا، جب سورگ بنائی جائے گی

وہ صبح کبھی تو آئے گی​
شھيد نظير عباسي ان غلامي,ذلتن,قومي ۽ طبقاتي جبر جي خاتمي لاء سوشلسٽ نظرئي وسيلي ملڪ اندر پورهيت راڄ قائم ڪرڻ خاطر جدوجهد ڪندي ڪندي ٽارچر سيلن ۾ تشدد ٿيندي شھيد ٿي ويو پر پنهنجي انقلابي نظرئي تي ثابت قدم رهندي هڪ انچ به ٿيڙ نه کاڌي.سوشلزم جي نظرئي جو خالق جرمن ڄائو ڪارل مارڪس (1818ع 1883ع)۽ اينگلينڊ فريڊرڪ اينگلز (1820.1893ع) ھئا.سوشلزم 18 هين صدي جي پيداوار آھي جنهن يورپ مٿان لامارا ڏيندڙ سرمائيداري نظرئي کي زمين بوس ڪندي ان جي اصلي تضادن کي وائکو ڪندي پورهيت طبقي کي نظرياتي طور مسلح ڪيو.هنن ٻنهي مفڪر 1848ع ۾پهريون دعو ڪميونسٽ پڌرنامو(ڪميونسٽ ميني فسٽو)جاري ڪري سرمائيداري کي دنيا اندر وائکو ڪندي پورهيت طبقي کي هڪ انقلابي نظرئي هيٺ منظم ڪرڻ جا سڀئي گس ڏيکاريا.ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز جي سوشلسٽ نظرئي جا بنياد فرينچ انقلاب مان جنميل سوشلسٽ اڀار ۽ پيدا يندڙ سوالن کي بيس بڻايو,جرمن جي جدليات (جيڪا ابتي بيٺل هئي ) ۽ ان بابت پيدا ٿيندڙ سوالن ۽ انگلينڊ جي معيشت دانن جي اٿاريل سوالن جا تز ۽ واضح مدلل جواب ڏيندي سياسي سوشلزم,جدلياتي ۽ تاريخي ماديت ۽ سياسي معاشيات کي بنياد بنائي هڪ نئون ۽ جديد سائنسي نظريو پيش ڪيو.پوء ڏسندي ڏسندي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سوشلزم جو نظريو ڦھلجڻ لڳو.ڪارل مارڪس ۽ اينگلز جي ان بيانئي ته “دنيا جي فلسفين فقط دنيا جي تشريح ڪئي آھي جڏھن ته اصل ڳالھ دنيا کي تبديل ڪرڻ جو آھي”,ان حقيقت کي ڪامريڊ لينن روس اندر عملي انقلاب آڻي دنيا اڳيان سوشلزم جي سچائي ۽ اهميت کي وڌيڪ واضح ۽ نروار ڪيو.روس جي انقلاب ۽ سوشلسٽ تحريڪ جي ڪاميابي۽ ناڪامي جي سببن تي الڳ لکبو.
هتي پنهنجي موضوع طرف ته شھيد نظير عباسي هڪ انقلابي پارٽي ذريعي پورهيت انقلاب آڻڻ جو حامي هو.هڪ انقلابي پارٽي لاء ھڪ انقلابي نظريو هجڻ بيحد ضروري آھي.
سو جنهن پارٽي وٽ انقلابي نظريو ناهي اهي ماڻھن جا انبوه,
چند فردن جي ذاتي ملڪيت ۽ مافيائون ته ٿي سگهن ٿيون مگر انقلابي پارٽي نه.تنهنڪري مختصر اهو چئي سگهجي ٿو ته انقلابي نظريو ئي انقلابي پارٽي جي جان هوندي آھي
.انقلابي پارٽي ماء وانگر هوندي آھي جيڪا پنهنجي سياسي ڪارڪنن جي ماء وانگر پرگهور لهندي آھي.جيئن ماء پنهنجي ٻار مٿان ڪابه تڪليف ۽ اهنج برداشت ناهي ڪندي بلڪل ساڳئي وقت انقلابي پارٽي به هر ڏکئي گهڙي ۾ پنهنجي ڪارڪنن کي اڪيلو ناهي ڇڏيندي.افسوس جو موجوده وقت ۾ پآرٽين مٿان چند فردن جي اجاره داري قائم و دائم آھي.سياسي ڪارڪنن کي نظرئي ۽ فهم کان کين پاسيرو ڪندي عقيدتمند ۽ تقليدپرست بڻائي انقلاب دشمني جي سر جي بنياد رکي وئي آھي.چند پارٽين ۽ قيادتن وٽ وري به ڪارڪنن جي اهميت ۽ قدر عيان آھي باقي وڃي ٿيا خير.
انقلابي پارٽي وٽ انقلابي نظرئي کان علاوه انقلابي تنظيم ,
انقلابي قيادت,انقلابي ڪارڪن ,نظم وضبط,ڪارڪنن جي مسلسل تربيت ,اسٽڊي سرڪلز,سيمينار ,ورڪشاپ ,سنجيده بحث مباحثا,ڪارڪنن وچ ۾ سياسي ڊبيٽ ۽ ڪچهريون,تنقيد ۽ خود تنقيد ,مطالعي جو شوق,ڇڙواڳي خلاف منظم ويڙھ سميت ٻيا ڪيترائي مثبت رويا پاليا ويندا هئا.انقلابي ڪارڪنن کي سماج اندر رول ماڊل سمجهيو ويندو هو.
ڪارڪنن کي ئي سماج جا حقيقي ويڄ ,سونهان ۽ رهبر سمجهيو ويندو هو.اهو سمورو خواب ۽ آدرش کڻي انقلاب لاء راه هموار ڪندو هو شھيد نظير عباسي.هن کي انقلاب تي ايترو پختو يقين هو جيترو رات بعد نئين صبح جو.هو فيض احمد فيض جي هنن تاريخي الفاظن جي ترجماني ڪندي نظر ايندو هو :

ہم دیکھیں گے ۔
فیض احمد فیض

ہم دیکھیں گے
لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے
وہ دن کے جس کا وعدہ ہے
جو لوحِ ازل پہ لکھا ہے
ہم دیکھیں گے

جب ظلم و ستم کے کوہِ گراں
روئی کی طرح اُ ڑ جائیں گے
ہم محکوموں کے پاوٗں تلے
یہ دھرتی دھڑ دھڑ دھڑکے گی
اور اہلِ حکم کے سر اوُپر
جب بجلی کڑ کڑ کڑکے گی
ہم دیکھیں گے

جب ارضِ خدا کے کعبہ سے
سب بت اُٹھوائے جائیں گے
ہم اہلِ صفا مردودِ حرم
مسند پر بٹھلائے جائیں گے
سب تاج اُچھالے جائیں گے
سب تخت گرائے جائیں گے

بس نام رہے گا اللہ کا
جو غائب بھی ہے حاضر بھی
جو منظر بھی ہے ناظر بھی
اُٹھے گا انالحق کا نعرہ
جو میں بھی ہوں اور تم بھی ہو
اور راج کرے گی خلقِ خدا
جو میں بھی ہوں اور تم بھی ہو
ہم دیکھیں گے
لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے
ہم دیکھیں گے.
شھيد نظير عباسي هڪ فرد نه پر هڪ فڪر ۽ ھڪ تنظيم هو.ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ذات مٿان تنظيم کي اوليت ڏني هئي.هن لاء تنظيم جند جان کان وڌيڪ پياري هئي.هو هڪ سچو ۽ پڪو آدرشوادي انسان هو .جنهن تمام ننڍڙي عمر ۾ انقلابي ڪرت ۾ پاڻ کي رچي ريٽو ڪري ڇڏيو هو.اها سندس انقلاب سان سچائي ۽ ويساه هو جو شادي به هڪ انقلابي ساٿياڻي سان ٿي هئي.هنن جي شادي وارو ڪاڄ ڄڻ ته پارٽي جي سياسي ڪانفرنس هئي.پاڻ جلد ئي پنهنجي وني سميت گرفتار ٿيا,ان جي باوجود به هن جي سياسي ۽ نظرياتي ڪمٽمينٽ ۾ ڪا ڪمي آئي ۽ نه وري موجوده دور جي اڳواڻن وانگر جيڪي پاڻ کي شھيد نظير جو ساٿي ۽ وارث سڏائڻ کان ٿڪجن ئي نه ٿا, ته شھيد نه وري گرفتاري جو ڍنڍورو پٽيو ۽ نه وري ڪڏھن احسان جتايائين.افسوس جو پاڻ کي شهيد جو فڪري ۽ نظرياتي وارث سڏائيندڙ نالي جا نهال ڪامريڊ شھيد وارو انقلابي واٽ وڃائي ويٺا ڇاڪاڻ ته هنن صاحبن جي ترجيحات هاڻي انقلاب ۽ پورهيت طبقي جي بالادستي نه رهي آھي.خودرو بڻيل اڳواڻن جي لائيف اسٽائيل ۾ به زمين و آسمان واري تبديلي اچي چڪي آھي.ايئر ڪنڊيشن بنگلن ۽ گاڏين کان سواء هنن جو گذارو ته ڄڻ ناممڪن بڻجي چڪو آھي,پورهيتن جي پگهر کان ته هاڻي هنن صاحبن کي ڌپ محسوس ٿي رهي آھي,پارٽي جي اثاثن ۽ ملڪيتن مٿان ته ڄڻ هنن کي دائمي حق آھي,پنهنجي ذاتي خرچن ۽ روين ۾ هي جناب ته انقلاب کان ڪوهين ڏور ويٺل بورجوا اسٽائيل اپنائيندي شرمسار ٿيڻ بدران هي پنهنجي خول ۾ خوش نظر اچي رهيا آھن.هنن طوطائي دانشورن ته فقير منش انقلابي ڪارڪنن سان ڪلور ۽ ويساه گهاتيون ڪندي انهن جي آدرشن کي سر عام قتلام ڪري ڇڏيو آھي,هر
ڪو پنهنجي ڏيڍ سر جي الڳ مسيت ٺاهيو پاڻ کي مها انقلابي ۽ ٻئي کي غداري جا سرٽيفڪيٽ کيسن ۾ رکيو گهمي.پاڻ ھتي اهو واضع ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهي ماڻھو ۽ نام نهاد ليفٽسٽ اڳوڻ شھيد نظير جا وارث ٿي نه ٿا سگهن.هي پنهنجي روزي روٽي واري ڪرت سان ضرور لڳل هوندا باقي انقلاب هنن جي ترجيحات ۾ قطعي ڪونهي.افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شھيد نظير جي شھادت بعد هنن اڳواڻن هن وقت تائين شھيد نظير جي اڪيلي نياڻي زرقا جي مٿان نه شفقت جو هٿ رکيو ۽ نه وري ڪنهن ڏک ۽ سک ۾ ڪا پرگهور لڌي.
هن وقت اهو پڻ ويچارڻ جي ضرورت آھي ته هي ظلم ۽ ناانصافي واري سماج خلاف جيڪا به ۽ جتي به موجود آھي انکي واضح ڪري پاڻ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي ڪري ظالم قوتن خلاف ويڙھ ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي جيئن گم ٿيل ڪارڪنن جو مسئلو هجي,سنڌ جي قومي وحدت خلاف حڪمرانن جي رينگٽ ھجي,پاڻي, اين ايف سي ۽ 18 هين ترميم سميت جمهوري,قومي ۽ طبقاتي سوالن جو معاملو آھي .
آئون اهو سمجهان ٿو ته موجوده دور ۾ ليفٽ جي آئسوليٽيڊ قيادت کي ائين اڪيلو ويهڻ نه گهرجي .سمورن سنڌ دوست قوتن,قومپرستن ,جهموريت پسندن ,لبرل ۽ ترقي پسند قوتن جو وسيع اتحاد ٺاهي شھيد نظير عباسي جي خواب کي ساڀيان ڏيئي ان جي آدرش جي حفاظت ڪندي پنهنجي انائن ,گروهي ۽ ذاتي انائن کي قربان ڪرڻ جي اهم ضرورت آھي.انقلاب يا پورهيت عوام جي وسيع مفادن خاطر جهموري جدوجهد ڪندڙن,طبقاتي ۽ قومي جدوجهد ڪندڙ ساٿين ۾ ھم آھنگي ۽ ويجهڙائپ پيدا ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن عوامي اتحاد يا جدوجهد جي ڪنهن عوامي اڀار لاء ماحول سازگار بنائڻ لاء هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاء هينئر ئي تياري ڪرڻ گهرجي.
شھيد نظير ته ساه ڏئي ويساه ڏنو.جنهن ڏينهن شهيد کي گرفتار ڪيو ويو ته سندس جي کيسي ۾ پارٽي فنڊ جا 10 روپيا هئا,سندس گهرواري ادي حميده شھيد کي چيو ته گهر ۾ سودو وغير ڪجھ به ناهي..شھيد وراڻيو ته پارٽي فنڊ جا 10 روپيه مون وٽ امانت آھن جن کي خرچ ڪرڻ جو سوال ئي پيد نه ٿو ٿئي باقي ڪجھ ٻيا پيسا مون وٽ آھن اڄ جي کاڌي پيتي جو سامان وٺي اچان ٿو پوء ڏٺو ويندو.پارٽي فنڊ ۽ اثاثن جي حفاظت ڪرڻ جو عاليشان مثال قائم ڪيو هو شھيد.شھيد حقيقي معني ۾ ھڪ محب وطن انقلابي سورمو هو جيڪو پنهنجي مادر وطن ۽ مظلوم عوام جي سک ۽ خوشحالي لاء مسلسل ۽ مستقل مزاجي سان جدوجهد ڪندي ڪندي امر ٿي ويو.شھيد نظير طبقاتي توڙي قومي سوال تي واضح ۽ ڪليئر هو جنهن ڪري اردو دان ڪميونسٽ ۽ ڪجھ لڪير جا فقير هن سان نه ٺهندا ھئا.پهرين آگسٽ 1981ع تي جڏھن کيس فوجي وردي وارن گرفتار ڪيو ته هن اهو عزم ۽ عهد ڪيو ته پارٽي ۽ نظرئي مٿان جند جان گهوري ڇڏبو ,باقي
پارٽي ۽ دوستن کي مايوس نه ڪيائين.مسلسل 9 ڏينهن تائين کيس اذيتون ڏيندا رهيا ۽ ٽارچر ڪندي ڪندي شھيد نظير جو سمورو جسم هنڌ ھنڌ چور هو زخمن جا گهاء کيس پنهنجي آدرشي کان جهڪائي نه سگهيا.فوجي درندن ميجر امتياز ٻلي سڀ هيلا هلايا ۽ ھربا استعمال ڪيا مگر شھيد نظير کي نه جهڪائي سگهيا ۽ نه وري هن کان پارٽي ۽ دوستن جا راز فاش ڪرائي سگهيا.شھيد نظير ته ٽارچر وگهي شھيد ٿيو پر هو هڪ نئين زندگي ۽ آدرش سان سامهون اچي نروار ٿيو.
شھيد نظير جي شهادت کي 40 سال گذرڻ باوجود هو اڄ به انقلاب جو آواز آھي ,ملڪ جي پورهيت طبقي ۽ انقلابين لاء اتساه بڻيل آھي.شھيد نظير جي فڪر جا حقيقي وارث درست نموني ۾ اهي ٿي سگهن ٿا جيڪي سرمائيداري,جاگيرداري نظرئي جي خلاف عملي طور جدوجهد جي ميدان تي هجن
,شھيد نظير جا وارث اهي ئي آھن جيڪي فرسوده طبقاتي تضاد ۽ قومي جبر خلاف مسلسل ميدان عمل هجن ,شھيد نظير جا وارث سرداري,وڏيراشاهي ۽ ڀوتارڪي سوچ خلاف مسلسل جدوجهد ڪندي پنهنجي صفن ۾ شھيد نظير تسلسل کي جاري رکندي مادر وطن سنڌ جي عزت آجپو ۽ خوشحالي لاء جدوجهد ڪندي شھيد نظير کي اهو يقين ڏيارين ته جنهن سرخ صبح جا خواب اوهان ڏٺا هئا ۽ اهو صبح اسان ئي آڻينداسون ۽ صبح اسان کان ئي ايندو,اهو ئي شھيد نظير کي بهترين خراج پيش ڪرڻ جو طريقو آھي.
يقین

وہ صبح‌ ہمیں سے آئے گی۔۔۔۔۔۔

جب دھرتی کروٹ بدلے گی، جب قید سے قیدی چھوٹیں گے
جب پاپ گھروندے پھوٹیں گے، جب ظلم کے بندھن ٹوٹیں گے
اس صبح کو ہم ہی لائیں گے، وہ صبح ہمیں سے آئے گی

وہ صبح ہمیں‌سے آئے گی

منحوس سماجی ڈھانچوں میں جب ظلم نہ پالے جائیں گے
جب ہاتھ نہ کاٹے جائیں‌گے، جب سر نہ اچھالے جائیں گے
جیلوں‌کے بنا جب دنیا کی سرکار چلائی جائے گی

وہ صبح ہمیں‌سے آئے گی

سنسار کے سارے محنت کش کھیتوں‌سے ملوں‌ سے نکلیں گے
بے گھر، بے در، بے بس انساں تاریک بلوں سے نکلیں گے
دنیا امن اور خوشحالی کے پھولوں‌سے سجائی جائے گی

وہ صبح ہمیں‌سے آئے گی

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *