شهدادڪوٽ: بلوچستان مان ايندڙ برساتي پاڻي سنڌ جا 4 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

شهدادڪوٽ: بلوچستان مان ايندڙ برساتي پاڻي سنڌ جا 4 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

بلوچستان مان سنڌ پهتل برساتي پاڻي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪندي 400 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ڳوٺاڻن جي ڪنهن به سار ناهي لڌي.

بلوچستان مان سيلابي شڪل ۾ سنڌ اندر داخل ٿيل برساتي پاڻي شهدادڪوٽ ڪوٽ جي ڪاڇي جا 4 سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب سوين ڳوٺاڻا بي يارو مددگار ويٺل آهن.

ان ڏس ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بلوچستان مان سنڌ ۾ داخل ٿيل برساتي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر انتظاميه انهن ڳوٺن جي رهواسين کي ٻيئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.

هنن مطالبو ڪيو ته متاثر ٿيل ڳوٺاڻن کي فوري طور ٻئي هنڌ منتقل ڪري کين رهائش ۽ ٻيو رليف ڏنو وڃي ته جئين هو زندگي گذاري سگهن.

وڌيڪ پڙھو

بلوچستان ۾ قتل ٿيل سجاول واسي نوجوان غلام محمد جاواڻي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن سجاول نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

بلوچستان ۾ قتل ٿيل سجاول واسي نوجوان غلام محمد جاواڻي جي قتل جي ايف آءِ …

Leave a Reply

Your email address will not be published.