شاھ محمود قريشي اڊيالا جيل ۾ ٻيھر گرفتار

لاهور پوليس آچر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي 9 مئي تي وڌيڪ 8 ڪيسن ۾ اڊيالا جيل ۾ گرفتار ڪري ورتو. هاڻي پوليس انهن کان جيل ۾ ئي پڇا ڳاڇا ڪندي.

پوليس شاهه محمود قريشي کي جيل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس کي 9 مئي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏئي ڇڏي.

لاهور پوليس جي خاص ٽيم شاهه محمود قريشي جي گرفتاري لاءِ اڊيالا جيل پهچي وئي ۽ جاچ ٽيم عدالت کان شاهه محمود قريشي کي لاهور منتقل ڪرڻ جي اجازت گهري پر عدالت سڪيورٽي خدشن سبب شاهه محمود قريشي کي لاهور منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جاچ ٽيم جي درخواست تي عدالت شاهه محمود قريشي جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، لاهور پوليس ٽيم جوابدار شاهه محمود قريشي جو اڊيالا جيل ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو.

شاهه محمود قريشي وڊيو لنڪ ذريعي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيندو.

تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جو ڪنهن به صورت ۾ جواز ناهي. ترجمان موجب عدالت شاهه محمود قريشي جي انهن سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو.

ترجمان موجب شاهه محمود قريشي کي عمران خان جي نظريي تي قائم رهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.

ھي بہ پڙھو

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: (خميس: 06 جون 2024ع) پوليس مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي  قل ڪيس جي هڪ جوابدار …