شاگرد يونين جي بحالي جي لاءِ سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو جي اڳواڻي ۾ وفد جي ڊاڪٽرقادر مگسي سان ملاقات

ترقي پسند ھائوس تي ايس ٽي پي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي سان اسٽوڊنٽس يونين جي بحالي لاء 21 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ريلي جي سلسلي ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو گهانگڙو جي اڳواڻي ۾ صبا عباسي، سھيل ڀٽو، حمزا چانڊيو جي ملاقات يوٿ ايڪشن ڪميٽي طرفان شاگرد بحالي جدوجهد لاء ٿيندڙ ريلي جي دعوت ڏني جيڪا قبول ڪندي ايس ٽي پي ۽ ستاف طرفان ريلي ۾ ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو ان موقعي تي مجموعي سياسي ۽ اسٽوڊنٽس يونين جي بحالي لاء تفصيلي ڳاله ٻوله ڪئي وئي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايس ٽي پي اسٽوڊنٽس يونين جي بحالي لاء جاکوڙيندي رھي آھي ان جي سخت حمايتي رھي آھي ھن ملڪ جي بدنيت حڪمرانن ھڪ سوچيل سمجهيل سارش تحت سنڌ جي تعليمي ادارن اندر اسٽوڊنٽس يونين تي پاپندي ھڻي سياسي سماجي تعليمي اڪيدمڪ چرپر جي نرسري بند ڪري ڇڏي آھي ان لاء جيڪا به جدوجهد آھي ان کي مثبت قدم سمجهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي ۽ محمد علي ابڙو موجود ھئا.

وڌيڪ پڙھو

ثقافتي ڏينھن جوش جذبي سان ملھايو ويو. مختلف شھرن ۾ ريليون تقريبون

ثقافتي ڏينھن جوش جذبي سان ملھايو ويو. مختلف شھرن ۾ ريليون تقريبون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين طرفان ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *