شاهبندر سامونڊي لاڪارا تڙ وٽ وڄ ڪرڻ سبب ٺٽي ضلعي جي ٻهارا شهر جا ٽي ڄڻا فوت ٽي زخمي

شاهبندر جي سامونڊي ٻيٽ ۾ وڄ ڪرڻ سبب سامونڊي جيت ماريندڙ ليبر جا ٽي پورهيت فوت ٽي ڄڻا زخمي , فوتين ۽ زخمين جو تعلق ٺٽي ضلعي شھر ٻهارا سان ٻڌايو پيو وڃي , شاهبندر جي سامونڊي ٻيٽ تي قائم درگاھ حاجي ابراهيم واڙي واري ڀرسان لاڪارا تڙ وٽ وڄ ڪرڻ سبب ٺٽي ضلعي جي شهر ٻوهارا کان آيل سامونڊي جيت ماريندڙ پورهيت ٽي ڄڻا اسماعيل مالهيو , رزاق مالهيو , ڌڻي بخش مالهيو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته ٽي ڄڻا عبدالستار مالهيو , ادريس مالهيو ۽ عبدالرشيد مالهيو زخمي ٿي پيا جن کي پاڪ نيوي جي جوانن ايمبولنس ذريعي رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو جتي زخمين کي فرسٽ ڏني ويئي جڏھن ته فوتين جا مڙھ پڻ چوهڙ جمالي آندا ويا جتي وارثن کي اطلاع ڏيئي لاش ٻوهارا شھر روانه ڪيا ويا

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …