سگھ صرف انسان جي شعور ۾ آهي-

سگھ صرف انسان جي شعور ۾ آهي-


. مرحوم ولي خان پنهنجي ھڪ انٽرويو ۾ چيو ھو ته ھٿيارهڪ بي جان شئي آهي اصل طاقت جنهن جي ھٿ ۾ ھوندو آھي ان جي ذھني شعور جي سگھ ھوندي آھي . مون ڪجھ مھينا اڳ شھيد ڪامريد نجيب جي نياڻي جو شايد جرمني ۾ ڏنل انٽرويو ٻڌو ھو ، جنھن جي سامھون طالبان سڪوت ڪابل دوران لشڪر ڪشي ڪري شھيد نجيب جي خاندان کي قتل ڪري سندس لاش گاڏيل ۾ گھلي ڪابل جي چؤنڪ تي ٽنگي ڇڏيو هو ، جنھن ۾ ھوء چئي رھي ھئي منھنجو بابا شھيد نجيب تاريخ جو هڪ امر ڪردار آهي سندس ويڙھ اڄ به جاري آهي منھنجي روپ ۾ سندس شعور جي روپ ۾ ۽ اسان ھٿيار ناھن ڦٽا ڪيا .. مؤن اڄ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اھو نجيب جي نياڻي جو انٽرويو ھٿ اچي ته دنيا جي منھن تي ھڻان قومن ته عوام ۽ وطنن جي حقيقي مھندارن ۽ اڳواڻن ۾ ڪھڙو فرق هوندو آهي .اشرف غني . حامد ڪرزئي . عبدالله عبدالله . رشيد دوستم ۽ ان ٽولي جا ٻيا ساٿاري جيڪي آمريتن جي مھندار . ڪمنيوزم جي مقابلي ۾ مذھبي بنياد پرستي جي آبياري ڪندڙ .جارحيت پسند توسيع پسند سرمائيدار قوتن عوام دشمنن جي سرپرست اعلي آمريڪا جا پگھاردار ڪيئن وطن ۽ عوام جي بقاءَ جي جنگ وڙھي سگھندا ۽ ڪيئن پنھنجي جانين کي جوکم ۾ وجھي سگھندا . رات مون ڪافي عالمي ء ملڪي ڪجھ تجزينگارن جا وي لاگس يو ٽيوب تي ٻڌا ۽ ڏٺا پي جن برطانوي اخبارن ۾ اھو لکيو آهي ته پھريان حامد ڪرزئي پوءِ اشرف غنيءَ کي اقتدار تي پھچائڻ ۾ پاڪستان جي اقتدار ڌڻين جو وڏو ھٿ رھيو آھي جنھن جي نشاندهي اڄ شيخ رشيد به ڪئي آهي ته آخري وقت تائين ملڪ جو وزيراعظم عمران خان اشرف غنيءَ کي مشورا ڏيندو رھيو پر ھن مشورا نه مڃيا اسان پوءِ آخر ۾ ھٿ ڪڊيا . رات جڏهن قطر دوھا مان آمريڪي جھاز ۾ اڏام ڪري ملان عبدالغني برادر ساٿين سان افغانستان پھتو ته ، ،(مؤن چار ڏينھن اڳ جيڪا محترم ملان عبدالغني برادر جي تصوير سان گڏ سندس اٺ سال پاڪستان جي قيد ۾ مھمان طور رھڻ پوء امريڪا جي حڪم تي آزاد ڪري قطر روانو ڪرڻ وارو تفصيل لکيو ته مونکي فيس بڪ مانيٽر ڪندڙ برادري ٽيھن ڏينهن جي چڪاس ھيٺ رکڻ واري وارننگ جاري ڪري رکيل پوسٽ گم ڪري ڇڏي ھئي ،، ) عبدالغني جي اچڻ کان اڳ طالبان ترجمان زبيح الله مجاھد جي پريس ڪانفرنس جيڪا پريس ڪانفرنس پاڪستان جي قومي اليڪٽرانڪ ميڊيا لائيو ڏيکاري ۽ پوء سمورا ٽاڪ شوز ان پريس ڪانفرنس جي ارد گرد گھمندا رھيا بغير ڪنھن جي آشيرواد واد جي ممڪن ناهن ساڳي وقت پريس ڪانفرنس جي متن کي عالمي پذيرائي به عقل علم ۽ سياست جي چالن تي نظر رکندڙن لاءِ ڪافي آهن . ان کان به اھم ڳالھ اھا آھي ته ملان عبدالغني برادر جي افغانستان ۾ اچڻ کان پوءِ اھم اعلان ڪيو ويو آهي ته ايندڙ حڪومت جو اعلان عالمي برادري ، علاقائي ملڪن ۽ افغانستان جي اسٽيڪ ھولڊرن جي مشوري کانپوء ڪيو ويندو جنھن کي مثبت اشارا چيو وڃي ٿو . ملڪي سرڪاري سطح تي پڻ تسليم ڪيو ويو آهي ته نادرن الائينس جا اڳواڻ . افغانستان اسيمبلي جنھن کي گرينڊ جرڳي واري حيثيت آهي ان جو اسپيڪر ۽ بيا نمائندا اڳوڻي حڪومت جا اھم عھديدار جن کي ٻڌايو وڃي پيو ته پي آئي اي جھاز جو پائليٽ وڏي جرئت ھمت سان جھاز کي اڏائي کڻي پاڪستان رسايو هو اصل ۾ طالبان طرفان جھاز جي پرواز روڪڻ کانپوءِ آمريڪي حڪام جي چوڻ تي جھاز کي اڏام جي اجازت ملي اھي پڻ صلاح مصلحت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ ڪجھ افغانستان وڌيڪ مشورن لاءِ روانا ڪيا ويا آهن . مختلف ذريعن جي.خبرن تي نظر ڍوڙائڻ اھا به ڄاڻ ملي ٿي ته ڪابل . اسلام آباد . دوھا . واشنگٽن ۽ لنڊن ۾ ھاٽ لائن تي.رابطا موجود آهن اڄ يورپي يونين سواءِ جرمني جي افغانستان جي انساني بنيادن تي هلندڙ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي برطانيا ويھ.ھزار افغانين کي پاڻ وٽ رھائڻ جي حامي ڀري آهي . ساڳي وقت روس . چين ايران ۽ انڊيا بھ سفارتڪاري ۽ ڳالھ ٻولھ واري عمل کان ٻاهر ناھن . طالبان ترجمان جي پريس ڪانفرنس دوران پڇيل سوال تي تھ تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن کي افغان جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي ڇا انهن کي پاڪستان ۾ ڪو ڪردار سونپيو ويندو ؟ ته طالبان ترجمان مستقبل جي صورت حال متعلق سمجھڻ وارن کي اشارو ڪندي جواب ڏنو ته فلحال ڪجھ چئي نٿو سگهجي . اشرف غني خير سان يو اي اي ،گڏيل عرب امارات پھچي چڪو آھي . طالبان سربراه ملان ھيبت الله جنھن لاءِ گذريل ڪافي عرصي کان ٽي دفعا ٻھ دفعا حملي ۽ ھڪ دفعو ڪرونا وگھي مارجڻ جي خبر عالمي ميڊيا تي ھلندي رھي آھي ۽ طالبان طرفان اھڙي خبر جي ترديد ايندي رھي آھي ھو طالبان اڳواڻ ۽ سپريم ڪمانڊر سان گڏ افغانستان ۾ وڏي مذھبي عالم واري حيثيت پڻ رکندڙ آهي اڃان تائين منظر عام تي ناھي آيو حقاني نيٽورڪ جنهن کي آمريڪا پنھنجو سخت مخالف سمجھي ٿو جنهن جي سربراه سراج الدين حقاني تي پنجاھ لک ڊالر انعام پڻ آمريڪا طرفان رکيل آهي ويڙهاڪ ڪمانڊر صابق طالبان حڪومت جي سربراه ملان عمر جو فرزند محمد يعقوب آهي جيڪو ڪراچي جي مدرسي جو پڙھيل ۽ ويڙهاڪ حصي ۾ وڏي اھميت رکندڙ آھي ۽ پاڪستان جي تمام ويجهو سمجھو ويندڙ گروپ آهي اھي ڳالهايون به ھلندڙ آھن ته طالبان جي ويڙهاڪ ڪمانڊرن ۽ سياسي ونگ ۾ حڪومتي ورھاست . ٻين سان شراڪت اقتدارتي ۽ شريعت لاڳو ڪرڻ واري مسئلن تي اختلاف پڻ موجود آهن جيڪي ٻاھران آشيرواد ملڻ سان ٻاھر اچي سگھن ٿا ان سان گڏ وادي پنشير ۾ موجود اڳوڻو نائب صدرامر الله صالح جيڪو نائب صدر ٿيڻ کان اڳ افغان انٽيليجنس ايجنسين جو سربراھ به رھيو آھي ۽ احمد شاه مسعود جو پٽ احمد مسعود پنھنجي حمايتن سان گڏ موجود آهي ڇاڪاڻ ته احمد شاه مسعود جو ڳڙھ ھجڻ سان گڏ وادي پنشير پهاڙن جي وڇ ۾ گھيريل ھڪ وادي آهي جيڪا طالبان لاءِ مشڪل ھدف ٿي سگھي ٿي اھا ساڳي وادي پنشير آهي جيڪا گذريل طالبان حڪومت دوران نادرن الائينس جو ڪمانڊر احمد شاه مسعود ھتان وڙھندو رھيو ۽ نائن اليون کان چند ڏينهن پھرين ھڪ عربي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي مارجي ويو جنهن جو الزام اساما بن لادن تي ھيو ان ڪري طالبان جنھن تيزي سان افغانستان تي قبضو ڪيو آهي مستقبل م حڪومتي ڪاروھنھوار ھلائڻ انھن لاءِ ايڏو آسان نه ھوندو. ٻئي طرف طالبان جي ڪابل تي قبضي جي ٽئين ڏينهن تي عوامي مزاحمت جي شروعات ھزارين ماڻھن جي جلال آباد ۽ خوست ۾ مظاھرن سان ٿي آھي جنھن ۾ مظاهرو ڪندڙن طالبان طرفان افغانستان جي قومي جھنڊو تبديل ڪرڻ خلاف طالبان خلاف مظاهرا ڪيا مظاھرين مٿان شديد فائرنگ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٽي مظاھرين مارجي ويا آهن ۽ ڪافي زخمي ٿيا آهن طالبان طرفان اھڙن مظاھرن کي روڪڻ لاءِ رستا سيل ڪيا ويا آهن ، اڄ ئي آمريڪا سندن ساڊا نو عرب ڊالر جيڪي افغانستان جا رزرو فنڊ بئنڪن ۾ رکيل ھئا انھن جي افغانستان طرفان ڪڊرائڻ تي پابندي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي آئي ايم ايف طرفان پڻ افغانستان کي ملندڙ فنڊز روڪڻ لاءِ اجلاس سڏايو ويو آهي،
اھڙي صورتحال ھلندي صرف اھو چئي سگهجي ٿو ته تمام تر حقيقتون ۽ اشارا موجود ھجڻ باوجود ڪو حتمي ۽ ٺوس نتيجو نٿو ڪڍي سگھجي ڇاڪاڻ ته ھر ڌر وٽ پتا موجود آهن پر شِو ڪرڻ لاءِ تيار ناھن .
ھوت خان گاڏهي

وڌيڪ پڙھو

پهاڙون ڪي بيٽي

پهاڙون ڪي بيٽي

هن کي بلوچستان جي پهاڙن، جابلو رستن، کجي جي وڻن، ڳوٺن ۽ بلوچستان جي انهن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *