سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل

سکر ۾ باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ڪشمير جتوئي ۽ وزير جتوئي ۾ هلندڙ پراڻي زميني تڪرار تان ٻنهين ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ، ٻن سڱن ڀائرن نادر، صالح جتوئي سميت چندن ۽ سردارو جتوئي مارجي ويا آهن، ٻنهين ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو آهي،
مارجي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي باگڙجي پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان اڄ ٻيهر ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي.
جهيڙي دوران فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن، جيئن فائرنگ جو سلسلو بند ٿيندو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سکر سول اسپتال منتقل ڪيا ويندا.

وڌيڪ پڙھو

باري پتافي رھڙڪي پھچي متاثر ھندو خاندان کان معافي ورتي. متاثر خاندان معاف ڪري ڇڏيو.

باري پتافي رھڙڪي پھچي متاثر ھندو خاندان کان معافي ورتي. متاثر خاندان معاف ڪري ڇڏيو.

ميرپورماٿيلو ويجھو سانگھڙ جي ھندو خاندان سان بدتميزي ۽ تشدد ڪندڙ شھمير پتافي جي ماروٽ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *