
(ڊيسڪ رپورٽ) دنيا جي 75 سيڪڙو آبادي کي گهرن تائين محدود ڪندڙ ڪورونا وائرس سبب مجموعي طور تي هاڻ تائين 23 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو عالمي وبا سبب متاثر ٿيا آهن. ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪ اٽليءَ ۾ فوتگين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 80 هزار 539 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. عالمي سطح تي ڪورونا وائرس جي نگراني ڪندڙ ويب سائيٽ موجب سڄي دنيا ۾ هاڻ تائين 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ هڪ لک 20 هزار ماڻهو صحتياب به ٿيا آهن. ويب سائيٽ موجب، دنيا ۾ وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ چين رهيو، جتي متاثرن جو انگ 81 هزار کان وڌيڪ رهيو پر هاڻ اٽليءَ ۾ انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. اٽليءَ 80 هزار ڪورونا متاثرن سان ٻئين، آمريڪا 75 هزار کان وڌيڪ متاثرن سان ٽئين ۽ اسپين 56 هزار کان وڌيڪ متاثرن سان چوٿين نمبر تي آهي. جرمني ۾ 43 هزار، ايران ۾ 29 هزار ۽ فرانس ۾ 25 هزار متاثر رپورٽ ٿيا آهن، جن کانپوءِ متاثر ٿيل ملڪن ۾ سوئٽزرلينڊ، برطانيا، اتر ڪوريا ۽ نيدرلينڊز آهن. ڪورونا جي مريضن جو علان ڪندڙ طبي عملو به وائرس سبب وڌيڪ خطري ۾ آهي، متاثر ماڻهن سان رابطي سبب ڪيترائي ڊاڪٽر حياتيون وڃائي چڪا آهن. فلپائن جي ميڊيڪل ايسوسيئيشن اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ 9 ڊاڪٽر ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن ۽ طبي عملي طرفان حفاظتي قدمن جي فقدان جون شڪايتن ۾ به واڌ آئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس خبردار ڪيو آهي ته قاتل ڪورونا وبا جي پکيڙ کي رڳو گڏيل عالمي ڪوششن ذريعي ئي روڪي سگهجي ٿو.