سڄي دنيا ۾ ھڪ ڪروڙ 41 لک کان مٿي ماڻھو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آھن

سڄي دنيا ۾ ھڪ ڪروڙ 41 لک کان مٿي ماڻھو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آھن

سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 هزار 280 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 لک 28 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد فوتين جو انگ هڪ ڪروڙ 41 لک کان وڌي ويو آهي . برازيل ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌڪ هڪ هزار 29 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 77 هزار 851 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 20 لک 46 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن . ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 668 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ 37 هزار 574 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 لک 24 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمار آهن. آمريڪا ۾ڪورونا وڌيڪ 797 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 41 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 37 لک 62 هزار کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 676 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 لک 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. ڪورونا وائرس ايران ۾183، ڪئنيڊا ۾12، روس ۾186، بنگلاديش 51 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 5 لک 98 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 84 لک 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

وڌيڪ پڙھو

ڪانگو ۾ صدارتي چونڊ جي لاءِ اپوزيشن جو اميدوار ڪورنا سبب حياتي وڃائي ويٺو

ڪانگو ۾ صدارتي چونڊ جي لاءِ اپوزيشن جو اميدوار ڪورنا سبب حياتي وڃائي ويٺو

ڪانگو ۾ صدارتي چونڊ جي لاءِ اپوزيشن اميدوار ڪورونا وائرس وگهي حياتي وڃائي ويٺو آهي. …