سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي مريض جو انگ ساڍا پندرنھن لک ٿي ويو

سڄي دنيا ۾ 24 ڪلاڪن دوران 16 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جِي فوتگين کانپوءِ ڪورونا وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 90 هزار کان وڌي ويو، جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ ساڍا 15 لک کي اچي لڳو آهي.آمريڪا ۽ برطانيا سميت مختلف ملڪن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 6 سئو 31 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو ڪل انگ 90 هزار 86 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسپين ۾ 446، بيلجيم ۾ 283، آمريڪا ۾ 121، ايران ۾ 117 نيڌرلينڊ ۾ 148، سوڊان ۾ 106، انڊونيشيا ۾ 40، ڪئنيڊا ۾ 35، ميڪسيڪو ۾ 33 ۽ فلپائن ۾ 21 ماڻهو موتمار وائرس ڪورونا وگهي زندگيون وڃائي ويٺا.سڄي دنيا ۾ خطرناڪ وائرس جو شڪار ٿيل ماڻهن جو انگ 15 لک 41 هزار 538 ٿي ويو آهي، جن ۾ پهرئين نمبر تي آمريڪا آهي، جتي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيل ماڻهن جو انگ 4 لک 36 هزار 969 تي پهچي ويو آهي.يورپي ملڪ اسپين ۾ وڌيڪ 4 هزار 226 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪورونا متاثرن جو انگ هڪ لک 52 هزار 446 ٿي ويو آهي.اٽليءَ ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ هڪ لک 39 هزار 422 ٿي ويو، جڏهن ته جرمني ۾ وڌيڪ 961 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ هڪ لک 14 هزار 257 تي پهچي ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

ايس ٽي پي پاران 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ اي پي سي ۽ 13ٗس سيپٽمبر تي ڪراچي سنڌ بچايو ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان

ايس ٽي پي پاران 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ اي پي سي ۽ 13ٗس سيپٽمبر تي ڪراچي سنڌ بچايو ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي ترقي پسند ھائوس تي پارٽي جي سينٽرل …