سپريم ڪورٽ 30 مارچ کان 3 اپريل تائين ٻڌڻين جي لاءِ بينچ جوڙي ورتا

سپريم ڪورٽ 30 مارچ کان 3 اپريل تائين ڪيسز جي ٻڌڻين لاءِ بينچ جوڙي ڇڏيا، سپريم ڪورٽ پرنسپل سيٽ مان ٻه بينچز ڪيسز جي ٻڌڻيون ڪندا. بينچ نمبر ون ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندو. بينچ نمبر ٻه ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس قاضي محمد آمين ڪيسز جي ٻڌڻيون هلائيندا. جسٽس مشير عالم، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس مظهر عالم، جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي چيمبر ورڪ جا فرض سرانجام ڏيندا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس مقبول باقر، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس منيب اختر چيمبر ورڪ ۾ فرض سرانجام ڏيندا. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چار ججز جسٽس منظور احمد، جسٽس سعيد منصور علي شاهه، جسٽس آمين الدين خان ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيمبر ورڪ ۾ فرض سرانجام ڏيندا

وڌيڪ پڙھو

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

ڪابل: طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان …