سپريم ڪورٽ 2017 کانپوءِ نجي اسڪولن جي فيس ۾ ڪيل واڌ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏئي.

سپريم ڪورٽ 2017 کانپوءِ نجي اسڪولن جي فيس ۾ ڪيل واڌ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏئي. سپريم ڪورٽ اسڪول فيسن بابت درخواست تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت نجي اسڪولز ايسوسيئشن کي ساليانو 5 سيڪڙو فيس نه وڌائڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته 7 سيڪڙو تائين فيس وڌائيندڙ اسڪولن کي اسپيشل ڪيس طور ريگيوليٽري باڊي وٽ وڃڻ جو حڪم ڏنو هو. پر نجي اسڪولز ايسوسيئيشن عدالت جي فيصلي کي پهريون رضاڪاراڻه طور قبول ڪيو، جنهن کي بعد ۾ چيلينج ڪيو ويو. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي. جنهن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ نجي اسڪولن جي فيسن ۾ 2017 کانپوءِ ڪيل واڌ ڪالعدم قرار ڏني آهي ۽ نجي اسڪولن جي فيسن کي جنوري 2017 جي تاريخ تائين منجمد ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نجي اسڪولن 2017 کان قانون جي ابتڙ فيسن ۾ تمام گهڻي واڌ ڪئي، نجي اسڪولن جي فيس اها ئي هوندي، جيڪا جنوري 2017ع ۾ هئي، فيسن ۾ ڪيل 20 سيڪڙو لاٿ والدين کان نه اوڳاڙي ويندي. نجي اسڪول قانون موجب فيسون طئي ڪن. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته اسڪولن جي فيس جي ٻيهر اوڳاڙي جي نگراني لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽي ڪندي، لاڳاپيل اٿارٽي پاران منظور ڪيل فيس ئي والدين کان وٺي سگهجي ٿي. والدين کان ورتل واڌو فيس ايندڙ فيس ۾ ايڊجسٽ ڪئي وڃي. ريگيوليٽرز اسڪولن پاران وصول ٿيندڙ فيس جي نگران ڪن ۽ فيسن بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪمپينٽ سيل بڻايو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ جسٽس فيصل عرب اختلافي نوٽ لکندي چيو ته سالياني فيسن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي حد مقرر ڪرڻ مناسب ناهي، فيسن ۾ ساليانو 8 سيڪڙو اڌ ڪرڻ زميني حقيقتن جي لحاظ کان ٺيڪ رهندو.

وڌيڪ پڙھو

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ جي هدايت

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ جي هدايت

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران عسڪري قيادت ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ …