سپريم ڪورٽ يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي اعتراض جوڳي مواد سبب بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي اعتراض جوڳي مواد سبب بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ۾ فرقيواراڻي تشدد جو ڪيس ٻڌو ويو ، سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي قابل اعتراض مواد جو نوٽيس ورتو ۽ يوٽيوب کي پاڪستان ۾ بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.اربع تي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ، فرقه واريت تشدد واري ڪيس ۾ ملزم شوکت علي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ، ٻڌڻي دوران ، درخواستگذار جي وڪيل طرفان دليلن جي دوران ، جڏهن سوشل ميڊيا تي فرقيواراڻي تشدد جي مبينا واڌاري جي ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويوتہ بينچ ۾ موجود جسٽس قاضي امين ، ريمارڪس ڏنا ته عدالت جي ڪارڪردگي ۽ عوام کي فيصلن تي ڳالهائڻ جو حق آهي ۽ هو تهذيب جي دائري اندر رهندي انهن فيصلن تي تنقيد ڪري سگھن ٿا. هن چيو ته ججن جي پگھار عوام جي ٽيڪسن مان ادا ڪئي ويندي آھي.هن چيو ته عدالت کي اظهار جي آزادي سان ڪو مسئلو ناهي.جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته اها هاڻي هڪ نئين روايت آهي ته نه رڳو عدالتي فيصلن تي سوشل ميڊيا تي ناجائز طور تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي پر يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي به ججن جي خاندانن کي بہ نٿو ڇڏيو وڃي.ھن چيو ته ڪو چاچا تہ ڪو ماما يوٽيوب تي بڻجي وڃي ٿو ۽ ججن جي عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ شرمسارڪيو وڃي ٿو.جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي ماڻهو فوج ، عدليه ۽ حڪومت جي خلاف ڀڙڪايو وڃي ٿو .جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت صبر ڪري رھي آھي پر آخر ان جي انتھا ٿيندي .جسٽس مشير عالم جنهن بينچ جي صدارت ڪئي ، ريمارڪس ڏنا ته وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ڏٺو آهي ته يوٽيوب تي ڇا ٿي رهيو آهي.هن پي ٽي اي عملدارن کان سوال ڪيو ته ڇا يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ ڪو عملي قدم کنيو ويو آهي.پي ٽي اي جي آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته انھن جي اداري وٽ ڪنهن اهڙي مواد جي نشاھندگي تہ ڪري سگهي ٿو پر انهي تي ڪاروائي ڪرڻ جو کين اختيار نه ھجڻ جي برابر آهي.بينچ جي سربراهه رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ يوٽيوب بلاڪ ٿيل آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ سوشل ميڊيا مقامي قانونن تحت هوندو آهي. هن چيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپي يونين خلاف مواد يوٽيوب تي پوسٽ ڪيو وڃي ۽ پوءِ ڏسو ته ڪئين عمل ٿو ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي.

وڌيڪ پڙھو

افغانستان ۾ غلامي جون رنجيرون ٽوڙيون ويون آهن. پاڪستان ۾ هاڻي هڪ تعليمي نصاب هوندو-عمران خان

افغانستان ۾ غلامي جون رنجيرون ٽوڙيون ويون آهن. پاڪستان ۾ هاڻي هڪ تعليمي نصاب هوندو-عمران خان

وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پهرين کان پنجين درجي تائين هڪ جهڙو نصاب لاڳو …