سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي سربراهي ۾ ملڪ جي آئيني صورتحال بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي سربراهي ۾ ملڪ جي آئيني صورتحال بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي

ملڪ جي آئيني صورتحال بابت پاڻمرادي تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو به ڏيئي ته بي اعتمادي رٿ کي رد نٿو ڪري سگهي

سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي سربراهي ۾ ملڪ جي آئيني صورتحال بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ وڪيل بابر اعواڻ ۽ اپوزيشن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو, ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان درخواستگذارن کي ٻڌڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڪير بيان ڏيڻ چاهي ٿو ته ڏيئي

پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته مان سپريم ڪورٽ جي 21 مارچ 2022 جي فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو، اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو هو ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي اچڻ کان نه روڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن کي نوٽيس نه ڪيو هو

ان تي چيف جسٽس چيو ته گذريل ڏينهن مختصر  حڪم نامو جاري ڪيو هو، اسان گذريل ڏينهن اسيمڀبلي جي ڪارروائي تي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون, بابر اعواڻ چيو ته صدارتي ريفرنس کي موجوده پاڻمرادو نوٽيس سان ٻڌو وڃي، منهنجي درخواست رڪارڊ ڪرايو، عمران خان اجازت ڏني آهي ته عرض ڪيان ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جي اڳيان سياسي ڳالهه نه ڪريو

وڌيڪ پڙھو

تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ عثمان ڊار سميت ٻين کي آزاد ڪيوويو

تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ عثمان ڊار سميت ٻين کي آزاد ڪيوويو

سيالڪوٽ: (ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سيالڪوٽ جي سي ٽي آءِ گرائونڊ ۾ بنا اجازت جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published.