سپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل جي لاءِ قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ ڇهن مهينن جي واڌ جي مشروط منظوري ڏئي ڇڏي

سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي 6 مهينن لاءِ مشروط طور واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم پيش ٿي حلف ناما جمع ڪرايا.
سُپريم ڪورٽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن تائين مشروط طور واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت کي 6 مهينن دوران قانونسازي جو حڪم ڏنو ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …