سينٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جي عدم اعتماد تحريڪ ناڪام. اپوزیشن ميمبرن جي اڪثريت هوندي به ناڪام ٿي وئي

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي. پرزائيڊنگ آفيسر بئريسٽر سيف جي سربراهيءَ ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ڳجهي نموني ووٽنگ ڪرائي وئي. پولنگ دوران اپوزيشن ۽ حڪمران جماعت جي 100سينيٽرز ووٽ ڪاسٽ ڪيا، جڏهن ته جماعت اسلامي جي ٻن ميمبرز بائيڪاٽ ڪيو. اپوزيشن طرفان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ حاصل بزنجو کي اُميدوار نامزد ڪيو ويو. اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر راجا ظفر الحق سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت گهُري، جنهن جي 64 سينيٽرز حمايت ڪئي. پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ف سوڌو اپوزيشن جماعتن سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ متحده سوڌو حڪمران جماعتن صادق سنجراڻي جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن جي ڳڻپ بعد نتيجن جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اڪثريت راءِ سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جي رٿ ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته رٿ جي حمايت ۾ رڳو 50 ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪيا، تنهن ڪري رٿ لاءِ گهربل ووٽ حاصل نه ٿي سگهيا.

وڌيڪ پڙھو

Custom ‎informative Essay Writing Service

That function is expressly reserved for persuasive essays. Now you can wrap up all your …