سياسي جدوجهد يا مهم جوئي

حڪمران طبقا پورهيت ۽ مظلوم پرتن جي هر ان سرگرمي کي “دهشتگردي” جو نالو ڏيندا آهن جيڪا انهن جي مفادن کي نقصان رسائڻ لاءِ هوندي آهي.لفظ “دهشتگردي” بابت هو مبهم هجن ٿا.انهن لاءِ هڙتال به “دهشتگردي” جو طريقو آهي.جيڪڏهن “دهشتگردي” کي ان ريت سمجهجي ته پوءِ واقعي پوري طبقاتي (مظلوم ماڻهن جي جدوجهد) جيڪا دشمن کي نقصان رسائي اها “دهشتگردي” ئي آهي.پر هڪڙو سوال اهو رهي ٿو ته ڇا حڪمران سياستدان کي اهو حق آهي ته هو مظلوم طبقن جي جدوجهد تي اخلاقي ڀاشڻ ڏئي ان کي “دهشتگردي” سڏن جڏهن ته انهن جو سمورو رياستي ڍانچو ،ان جي پوليس ۽ فوج حڪمران طبقي جي دهشتگرد نيٽورڪ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي” (ليون ٽراٽسڪي ، مارڪسوادي انفرادي دهشتگردي جي مخالفت ڇو ڪندا آهن؟) ليون ٽراٽسڪي جي ڳالهه بلڪل درست آهي.رياست آخري نتيجي ۾ عالمي ۽ ڏيهي حڪمران طبقن ۽ سماج جي حاڪم مفادن جي پرتشدد ادارتي صورت آهي جنهن جو ڪم انهن مفادن کي نظرياتي حرفت بازي ۽ تشدد وسيلي تحفظ ڏيڻ آهي.رياستون پنهنجن سرحدن اندر تشدد تي “جائز” هڪ هٽي رکن ٿيون .حڪمرانن جي معاشي سياسي مفادن جي تحفظ لاءِ ۽ مظلومن جي جدوجهد کي نست و نابوت ڪرڻ لاءِ هر حد لتاڙينديون آهن.ان ڪري دنيا جا سرمائيدار لبرل انساني حقن جا ادارا به اها ڳالهه مڃن ٿا ته دنيا ۾ سڀ کان وڏي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي رياستون ڪن ٿيون.ويجهي جديد تاريخ ۾ بنگال ، ويتنام ، فسلطين ، ڪشمير، عراق ،بلوچستان ،ڪردستان کان ويندي ڏکڻ آمريڪا تائين اهڙا انيڪ مثال آهن جتي سامراجي رياستن مختلف حربا ،دهشتگردي جا ڪوڙا الزام هڻي ۽ جمهوريت جا بهانا ڪري مظلوم قومن ۽ ماڻهن جو ماس مرڊر ۽ نسل ڪشي ڪئي آهي.هند سنڌ ۾ انگريز سامراج پنهنجي معاشي سياسي ۽ عسڪري دهشتگردي کي لبرلزم ، تهذيب ۽ ترقي جو چوڳو پارايو ۽ سوريه بادشاهه کان ويندي ڀڳت سنگهه ۽ هيموڪالاڻي جهڙن انقلابن کي “هشتگرد“ قرار ڏئي شهيد ڪيو.اها “ڪرائم” ۽ “اسٽيٽ ٽيررزم” جا سڀ کان وڏا مثال آهن.ان ڪري مظلوم ماڻهن جي بدلي ۾ اچي جوابي تشدد ، انقلابي رستي ۽ خود مهم جوئي سمجهڻ لاءِ رياستي دهشتگردي ۽ حڪمران طبقي جي ماس مرڊر کي نظر ۾ رکڻ ۽ ان جي مزمت ڪرڻ لازمي آهي.سماجي تبديلي جو رستو ۽ مهم جوئي جو ڪردارسماجي تبديلي جو رستو جدلي ، گهڻپاسائون ۽ طويل ٿئي ٿو جنهن ۾ بنيادي ڪردار (protogonist) سياست جو آهي.انقلابي سياست جون حڪمت عمليون ۽ طريقا مظلوم ماڻهن جي قومي طبقاتي ۽ سياسي شعور کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هجن ٿيون ۽ ان مطابق تبديل ٿين ٿيون.مشهور بيٺڪيتي مخالف دانشور فرانز فينن مطابق حڪمرانن ،سامراجي قوتن ۽ رياست جو ڪم منظم تشدد ،نظرياتي حرفت بازي ۽ استحصال وسيلي مظلوم ماڻهن جي اجتماعي ارادي کي ٽوڙڻ هوندو آهي.جڏهن ماڻهن جو اجتماعي ارادو ٽٽي ٿو ته پوءِ هو پنهنجي روزمره جي جيئندان تائين سوچن ٿا ۽ پنهنجي بقاءَ کي يقيني ٺاهڻ لاءِ حڪمرانن جي ڏنل روزمره جي موقعي پرستي جي طريقن کي اپنائن ٿا.پاڪستان ۽ سنڌ جو ئي مثال وٺو .هتي بيٺڪيتي دور جي باقيات کي جاري رکندي ڪهڙي ريت وڏيرن ،لوڪل بيروڪريٽن ۽ رياست جي ڪلائنٽن وسيلي هڪ “سياسي سرپرستي” (Political patronage) جو نظام قائم ڪيل آهي جتي هاري پورهيت ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهو جي اها ذهن سازي ڪيل آهي ته هو پنهنجي تحفظ کان ويندي نوڪري ۽ معاشي تحفظ لاءِ ان سياسي سرپرستي جي نظام ڏانهن رجوع ڪري.حقيقت اها آهي ته سماج جو وڏو حصو هن وقت ان نظام ڏانهن رجوع ڪري نظام کي پنهنجي “غير فعال رضامندي” (passive consent) ڏئي ٿو.اها روزمره جي رياست (Everyday State) آهي جيڪا اسان جي ذهنن کان ويندي گهرن ۾ موجود آهي.جمهوريت هجي يا آمريت اها روزمره جي رياست جئين جو تيئن ڪم ڪندي آهي بلڪي حڪمران پارٽين جي ڪوڙي جمهوريت ۾ ته اها روزمره جي رياست وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي آهي.ڪجهه لبرل دانشور چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجي رضامندي سان هن نظام کي هلائن ٿا ۽ ان ۾ اعتماد رکن ٿا .هتي مون لفظ “غير فعال رضامندي” استعمال ڪيو ان ڪري ته اها رضامندي آخري نتيجي ۾ منظم تشدد وسيلي ماڻهن جي ارادي جي چيلهه چٻي ڪري حاصل ڪيل آهي.بيٺڪيتي دور کان وٺي موجوده پاڪستان تائين “روزمره جي سياسي سرپرستي ” جي نگراني رياست جا اعليٰ ادارا يعني فوج ۽ اعليٰ بيوروڪريسي ڪري ٿي.يعني روزمره جي رياست جي نگراني “رسمي رياست ((Formal State ڪري ٿي.ڪير آهي جيڪو سنڌ ۾ وڏيرن ،سردارن ۽ زرعي سرمائيدارن جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هڪ هٽي کي آخري نتيجي ۾ تحفظ ڏيندو آهي؟ .توهان ڪنهن وڏيري ،بلڊر ،ڌاريي يا صنعتي سرمائيدار خلاف ماڻهن کي سياسي طور منظم ڪري “سياسي سرپرستي” جي چمبي مان ماڻهن کي ڪڍو ته توهان تي غداري جا ڪيس ،ڌمڪيون ،هراسان ڪرڻ ۽ دهشتگردي جا ڪيس به لڳي سگهن ٿا.هتي ته شاگرد يونيورسٽي ۾ پاڻي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ته انهن تي غداري جو ڪيس لڳي وڃي ٿو يا پوليس جو تشدد کين سهڻو پوي ٿو.انگريز دور کان وٺي بيٺڪيتي حڪمرانن ۽ پوءِ انهن جي پوئلڳن هتان جي سماج جي اجتماعي ارادي جي چيلهه چٻي ڪرڻ لاءِ ٻه طريقا اپنايا.هڪڙي پاسي جاگيردارن ، پيرن ، برادري جي سردارن،مذهبي ٺيڪيدارن ۽ لوڪل بيوروڪريس جو اتحاد جوڙي “سياسي سرپرستي” جو نظام جوڙي ماڻهن کي ان جي چمبي ۾ رکيو ۽ ذهن سازي ڪئي ته پنهنجي مسئلن لاءِ ان نظام ڏانهن رجوع ڪيو ۽ ٻئي پاسي جديد پرتشدد ڪالونيل فوج،پوليس ۽ ڪارا قانون ٺاهيا ته جيڪڏهن ڪير ان نظام کي چيلنج ڪري ان کي تشدد وسيلي خاموش ڪيو وڃي.ان طريقي سان اڄ تائين ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي غلام رکيو ويو آهي ۽ سندن اجتماعي ارادي کي ٽوڙيو ويو آهي.ائين به ناهي ته سڄو سماج ماٺ هوندو آهي.مختلف وقتن تي ڇڙوڇڙ انداز سان ماڻهو استحصال خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندا رهن ٿا.اڄ به سنڌ ۽ پاڪستان جي صورتحال ڏسو ته وڌنڌڙ معاشي بحران ، سياسي جبر ۽ استحصال جي نتيجي ۾ شاگرد ، نوجوان ،مزدور ۽ مظلوم قومن جا ماڻهو مختلف شڪلن ۾ ڇڙوڇڙ ئي سهي پنهنجو سياسي اظهار ڪن ٿا.جيڪڏهن حڪمران قوتن جو ڪم سماج جي اجتماعي ارادي کي ٽوڙڻ ۽ ڇڙوڇڙ ڪرڻ آهي ته انقلابي سياست جو ڪم ان ارادي کي بحال ڪرڻ آهي.سماج جي مظلوم پرتن کي سياسي طور منظم ڪري کين فوري بقاءَ کي پٺتي اڇلائڻ ۽ اجتماعي آزادي لاءِ آماده ڪرڻ آهي ، شاگردن ،هارين پورهيتن ۽ ساڃاه وندن جي ڇروڇڙ جزوي تحرڪ کي منظم ڪري هڪ اجتماعي سياسي ۽ قومي جدوجهد ۾ تبديل ڪرڻ آهي جنهن کي گرامچي “قومي عوامي ارادو” ((National popular will چئي ٿو.پر انقلابي سياست اهو “قومي عوامي ارادو” ڪئين تشڪيل ڪري ٿي؟ اتي ئي اها ڳالهه اڳيان اچي ٿي ته انقلابي سياست صرف سائنس (سماج جو ٺوس تجزيو) نه پر ناممڪن جو آرٽ به آهي.اتي ئي سياست ۾ طويل جدوجهد ،سياسي تنظيم ڪاري ، سياسي حڪمت عملي جا سوال سامهون اچن ٿا.اتي ئي ان ڳالهه جي اهميت سمجهه ۾ اچي ٿي ته انقلابي ننڍن ننڍن جدوجهدن ۽ اصلاحن ۾ ڇو دلچسپي رکندا آهن.شاگرد يونين جي بحالي هجي ، مزدورن جي ٽريڊ يونين جي بحالي يا سندن معاشي تحفظ جي تحريڪ هجي ، قوم جي وسيلن ۽ ڦرلٽ خلاف جمهوري تحرڪ هجي جهڙوڪ ڪلاباغ ڊيم خلاف تحريڪ يا ڊومائيسائلن خلاف تحريڪ هئي ، هارپ جي قانون لاءِ ۽ وڏيرن سرپرستن خلاف حيدربخش جتوئي جهڙي جدوجهد هجي ،ادبي ۽ علمي ميدان ۾ تحريڪون هجن ،اهي سڀ تحريڪون هڪ انقلابي سياست ۽ تنظيم لاءِ ان لاءِ اهم آهن ڇاڪاڻ ته انهن تحريڪن ذريعي مظلوم ماڻهو سياسي طور جڙندا آهن ،روزمره جي جيندان مان نڪري طاقت سان ٽڪر کائيندا آهن ۽ ممڪنات جي دائري کي وسيع ڪندي پنهنجي اجتماعي ارادي کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وک وڌائيندا آهن.اهي سڀ ننڍيون تحريڪون ۽ اصلاح انقلابن لاٰءِ منزل نه پر منزل طرف اڳتي وڌڻ جو ذريعو هوندا آهن.انقلابي سياست لاءِ انقلاب ڪندڙ ايجنٽ صرف سماج جا مظلوم ماڻهو آهن.سماجي تبديلي انهن جي اجتماعي ارادي کانسواءِ انهن کي بائپاس ڪري نٿي اچي سگهي.سنڌي وطن جي نجات سنڌي ماڻهن جي نجات آهي ۽ اها نجات طويل جدلي انقلابي عمل آهي .اها انهن جي قومي عوامي ارادي جو ئي ثمر ٿي سگهي ٿي.ان ڪري انقلابي سياست بنيادي طور جمهوري سياسي عمل آهي .پر ڇا انقلابي سياست تشدد جو قطعي انڪار ٿي ڪري ؟ قومي عوامي ارادي جي تشڪيل ۾ تشدد جي ڪهڙي اهميت آهي؟ مارڪس هڪ هنڌ لکيو آهي “طاقت ان پراڻي سماج لاءِ دائي جو ڪردار ادا ڪندي آهي جيڪو نئين سماج کي کڻي پيٽ سان هجي” (Force is a midwife of an old society pregnant with new one)).ٻار پيدا ڪرڻ ۾ دائي جو ڪردار تڏهن ٺهندو آهي جڏهن ٻار پيدا ٿيڻ واري مرحلي ۾ هجي.دائي جو ڪم آخري زور ڏيڻ هوندو آهي جڏهن ٻار نون مهينن جو ٿي هاڻ دنيا ۾ اچڻ لاءِ تيار هوندو آهي.پر جيڪڏهن ٽن مهينن جي ٻار کي داي وارو زور لڳائجي ته ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي صحت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.ان جو مطلب ته دنيا جي انقلابن ۾ تشدد جو جز رهيو آهي ۽ انقلابي سياست تشدد جو ڪڏهن به قطعي انڪار يا ان کي قطعي طور قبول ناهي ڪيو.انقلابي سياست تشدد کي سماجي تبديلي جو آخري مرحلو سمجهي ٿي پر اهو تشدد هميشه دفاعي ،محدود ، لازم،آزادي بخش ۽ قومي عوامي ارادي جي تابع هجي ٿو.فرينچ انقلاب کان ويندي روسي انقلاب تائين انقلابي تشدد جو استعمال ٿيو پر اهو جوابي ،سامراج طرفان مڙهيل ۽ عوامي رضامندي جي تابع هو.اهو تڏهن رونما ٿيو جڏهن سماج جا سڀئي پرامن طريقا آزمائجي چڪا هئا ۽ سماج تي منظم تشدد مسلط ڪيو ويو.مثال روس اندار عظيم انقلاب کانپوءِ ستن سامراجي ملڪن ردانقلابن ذريعي حملو ڪري ڏنو ته جيئن پورهيتن جي انقلاب کي ختم ڪري سگهجي .اتي بالشويڪن جو تشدد جوابي،دفاعي ،محدود (يعني ويڙهاڪ وائيٽ گارڊس تائين محدود)،آزادي بخشي ۽ عوامي رضامندي جي تابع هو.ان باوجود بالشيوڪن هر ممڪن طريقي سان انقلاب کي بچائڻ لاءِ جرمني سان امن معاهدا ڪيا.ويتنام جي انقلاب ۾ تشدد جو معاملو به ان ريت هيو ته انهن جي قومي عوامي آزادي تي ٻن سامراجي ملڪن جي يلغار هئي ،نتيجي ۾ اتي تشدد جوابي ،آزادي بخش ،لازم ۽ قومي عوامي ارادي جي تابع هو.هتي اها ڳالهه واضع ڪرڻ جي ضرورت آهي ته انقلابي تشدد جي شڪل صرف گوريلا جنگ ناهي.جئين ته دنيا ۾ هن وقت نئين عالمي آرڊر ۽ طاقتور رياستن سبب گوريلا جنگ سماجي تبديلي جو متروڪ طريقو سمجهو وڃي ٿو.ان جو وڏو مثال ڪردستان ورڪرز پارٽي آهي جنهن جي هٿياربند ونگ ته سرد جنگ جي دور کان ٺهيل آهي پر اها هاڻ جمهوري ڪنفيڊرلزم جي اصول تحت عالمي بارڊر کي مڃيندي جمهووري عمل ذريعي خودمختياري چاهي ٿي.سريلنڪا ۾ ايل ٽي ٽي اي جي پسپائي ۽ نيپال ۾ مائوسٽن جو چونڊن ۾ اچڻ به نمايان مثال آهن.ان ڪري اهو وضع ڪرڻ ضروري آهي ته انقلابي تشدد ضروري ناهي ته هٿياربند جدوجهد هجي پر اها عوامي بغاوت ۽ تحريڪ جي ئي هڪ صورت ٿي سگهي ٿي .مثال فرينچ انقلاب ۾ عوام جڏهن محلن ۽ جيلن کي ٽوڙيو ته اهو انقلابي تشدد جو اعلي قسم هو.خود روسي انقلاب شهري مزدور بغاوت هئي.ائين ايم آر ڊي ۾ سنڌين جو هٿين خالي رياستي ادارن سان مقابلو انقلابي طاقت جي ابتدائي صورت هئي. هتي سماج جي خدرو ردعمل ۽ تشدد جي صورت تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لازمي آهي.مظلوم ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن غيرمنظم انداز ۾ ظلم جي انتها جي ردعمل ۾ خدرو تشدد ڪندا آهن جيئن آمريڪا اندر سياهه فام ماڻهن پنهنجي تحريڪ دوران ڪافي جگهن تي ان جو اظهار ڪيو .يا سنڌ ۾ محترمه بينظير جي شهادت کانپوءِ جيڪي واقعا ٿيا اهي به سماج جا خدرو جوابي تشدد جو قسم آهي.رياست ۽ ان جا دانشور ان کي قانوني ۽ اخلاقي دائرن ۾ ڏسندا آهن ۽ ان جي مزمت ڪندا آهن.انقلابي سياست اهڙي تشدد کي همٿائندي ناهي پر سماجي استحصال ۽ رياستي جبر کي ان جو ڪارڻ سمجهندي آهي ۽ عوام جي اهڙي خدرو ڪاوڙ کي منظم سياسي دڳ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.اسان جو بنيادي نقطو مظلوم ماڻهن جي جدوجهد ۾ ان بيماري جو جائزو وٺڻ آهي جنهن کي “مهم جوئي” ، “کاٻي ڌر جي مهم جوئي يا انتهاپسندي” يا انفرادي دهشتگردي جي مختلف اصطلاحن سان انقلابي سائنس سمجهي ٿي.بقول لينن جي مهم جوئي آخري نتيجي ۾ سياسي موقعي پرستي جو ٻيو پاسو آهي ڇاڪاڻ ته جتي سياسي موقعي پرستي سماج ۾ صرف ننڍن اصلاحن ۽ حڪمرانن طرفان ڏنل “سياسي خيرات” کي ئي منزل ۽ انقلاب قرار ڏيندي آهي ته اتي مهم جوئي وري مٿي ٻڌايل سماجي تبديلي جي مرحلن ۽ انقلاب ۾ مظلوم ماڻهن جي اجتماعي ارادي کي بائپاس ڪري گروپن جي انفرادي مهم جو ڪاروائين ذريعي انقلاب حاصل ڪرڻ چاهيندي آهي.سياسي مهم جوئي پنهنجي موضوعيت پسندي(Subjectivism) کي سماج تي مڙهي انقلاب ۾ مظلوم ماڻهن جي ڪردار جو انڪار ڪري ڪنهن مسيحا فرد يا گروپ جي بهادري ۽ هيروازم مان انقلاب جو آسرو رکندي آهي.اها مظلوم ماڻهن جي هر ننڍي جدوجهد ۽ حاصلات، جنهن سان سياسي طور ماڻهو جڙندا ۽ پنهنجي حوصلي کي حاصل ڪندا آهن ، ان کي بي معنيٰ ۽ بي مقصد سرگرمي سمجهي انقلاب جو شارٽ ڪٽ ڳولهيندي آهي.مهم جوئي حڪمران طبقن ۽ رياست جي اسٽرڪچر کي سمجهڻ کان قاصر هوندي آهي نتيجي ۾ ان جو هدف مهم جو ۽ هٿياربند ڪارواين ذريعي رياست جا ڪجهه اهم فرد يا اهم ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو هوندا آهن.لينن ان کي موقعي پرستي جو ٻيو پاسو انڪري سڏيو آهي ته ان جو آخري سياسي نتيجو مايوسي ، مظلوم ماڻهن جي سياست تان ويساهه کڄڻ ۽ نظام جو حصو ٿيڻ يا ان هٿان استعمال ٿيڻ آهي ڇڪاڻ ته ڪابه بنيادي تبديلي نه مظلوم ماڻهن جي سياسي ڪردار کانسواءِ ممڪن آهي نه ئي رياست جي ڪجهه فردن تي مهم جو ڪارواين ذريعي اچي سگهي ٿي . بلڪي ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته حڪمران قوتون ۽ رياست جا اعليٰ ادارا انهن ڪارواين جو بهانو ٺاهي مظلوم ماڻهن جي جدوجهد تي وڌيڪ ڪڙڪندا آهن ،انهن جي جدوجهد کي خوف ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن ڇاڪاڻ ته مظلوم ماڻهو پنهنجي جدوجهد جي ان ڏاڪي تي ناهن پهتل هوندا جتي هو رياستي تشدد جو مقابلو ڪري سگهن.مهم جوئي جي سياسي سماجي ڪردار کي سمجهڻ سان گڏ ان جي سماجي بيهڪ کي به سمجهڻ اهم آهي.مهم جوئي جو طبقاتي ۽ سماجي بنياد اڪثر نوجوان ،مڊل ڪلاس جو شاگرد ۽ فرد هوندو آهي.ڪنهن سياسي اٿل پٿل کان پهريان سڀ کان حساس ۽ متحرڪ ٿيندڙ سماجي پرت به اهو ئي هوندو آهي پر جيئن ته سماج جي پيداوري سرشتي ۽ مجموعي ڪاروهنوار ۾ ان جو مستقل ڪردار ناهي هوندو ۽ “سياسي سرپرستي جي نظام” ،فرسوده سماجي قدرن کان نسبتن آزاد هوندو آهي ان ڪري هو سامراجي استحصال ۽ ظلم جو خاتمو انفرادي هيروزم ۽ مهم جوئي ذريعي ڏسندو آهي.هو مهم جوئي مان گهڻو متاثر ٿيندو آهي ۽ آخر ۾ مايوس به جلد ٿي ڪري سماج جي روايتي سرشتي جو حصو به تڪڙو ٿيندو آهي.سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ حاصلاتن سان گڏ جيڪي مهم جوئي جا طاقتور لاڙا رهيا آهن ان جو هڪ سبب تحريڪ جو بنيادي مرڪز تعليمي ادارا ۽ لور مڊل ڪلاس جو شاگرد رهيو آهي جيڪو جزبي سان ته سرشار آهي ۽ سامراجي استحصال کي جڙ کان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ لازوال قربانين جو به امين آهي پر ان وٽ مجموعي طور نه سماج جو ٺوس تجزيو رهيو آهي ،نه تنظيمڪاري ۽ نه ئي سنڌ جي مظلوم هاري پورهيت عوام سان نامياتي تعلق.هتي اهو ٻيهر واضع ڪرڻ ضروري آهي ته انقلابي سياست مهم جوئي جي سخت مخالفت ڪري ٿي پر رياست ۽ ان جي دانشورن جي برعڪس ان جو ڪارڻ حڪمرانن جي استحصال ۽ رياستي جبر کي سمجهي ٿي.انقلابي سياست سمجهي ٿي ته مهم جوئي ۽ انفرادي دهشتگردي به جبر خلاف هڪ پلاند آهي پر اهو پلاند بيوقوفاڻو،نقصانڪار ۽ انفرادي نوعيت جو آهي.انقلابي سياست هن نظام کان هڪ منظم ،اجتماعي ۽ شعوري پلاند وٺڻ گهري ٿي ان ڪري انقلابين کي ڪا شورش ٿڌو نٿي ڪري سگهي.سنڌ جي موجوده سياسي جدوجهد ۽ مهم جوئيهن وقت سنڌ ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي.هڪڙي پاسي پاڪستان جي حڪمران بلاڪ سنڌ جي مظلوم ماڻهن کي هڪ منظم جبر هيٺ رکيو آهي.سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ هجي ،ڪوڙي شهرڪاري جي صورت ۾ زمينن جي نيلامي هجي ، اسان جي تهذيب جو بنياد سنڌو درياء تي منظم ڌاڙو هجي ،ڌاري آبادڪاري هجي ،عالمي سامراجي ملڪن سان ڳٺجوڙ ذريعي ادارن جي نجڪاري ،زرعي معيشت جي تباهي ۽ پورهيتن جو استحصال هجي ،عالمي سرمائي ان ڳٺجوڙ ذريعي سنڌي ماڻهن جي ٿر کان ويندي ڪوهستان ۽ جاتي تائين منظم دربدري جي رٿابندي هجي يا جمهوري سياست تي رياستي جبر هجي اهو سڀ ڪجهه هڪ منظم استحصال ،غلامي ۽ ڦرلٽ جو ڏس ڏين ٿا.ٻئي پاسي جديد بيٺڪيتي دور جي سياسي سرپرستي جي نظام۽ ڪوڙي وڏيرڪي جمهوريت ذريعي مظلوم ماڻهن جي وڏي انگ کي صرف روزمره جي جيئندان تائين محدود ڪيو ويو آهي.جيڪڏهن هو روزمره جي موقعي پرست طريقن جو انڪار ڪن ٿا ته مٿان طاقت جي تلوار لٽڪي رهي آهي.ان سڄي انڌير نگري ۾ روشني جي ڪرڻ اسان جا سياسي ڪارڪن آهن جيڪي مظلوم ماڻهن جي ڇڙوڇڙ جدوجهد کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪافي عرصي کانپوءِ سياسي ماحول جوڙي رهيا آهن ،اهي نوجوان ۽ شاگرد آهن جيڪي پنهنجي بنيادي مسئلن تي سياسي تحرڪ ڪري حڪمرانن جي ڏنل موقعي پرست طريقن ۽ نظرين کي رد ڪري چڪا آهن ،پورهيت هاري ۽ دربدر ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي مسئلن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ اهي ليکڪ آهن جيڪي عالمي سامراج ۽ ڏيهي حڪمرانن جي ڪوڙن فرسوده رجعت پرست نظرين کي چيلنج ڪري رهيا آهن.هي هڪ انقلابي سياسي ۽ قومي عوامي ارادي ڏانهن وکون آهن.اتي ئي ڪجهه جزباتي نوجوان ۽ شورش پسند ٽولا آهن جيڪي ٻيهر مهم جوئي ڪري انقلاب ۽ آزادي شارٽ ڪٽ وسيلي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن.خطي ۾ وڌندڙ چين ڀارت ،آمريڪا ۽ ٻين سامراجي قوتن جي ٽڪراءُ ۾ اهڙا ٽولا استعمال ٿي رهيا آهن ۽ سچن جزباتي ڪارڪن کي به مهم جوئي جو رستو اپنائڻ لاءِ اڪسائي رهيا آهن.حڪمران بلاڪ ۽ رياست سنڌ ۽ ٻين خطن ۾ هلندڙ جمهوري سياسي عمل جي وکن کي هميشه طاقت جي تلوار سان روڪيو ،ڀٽڪايو ۽ چيڀاٽيو آهي.ون يونٽ جي حاصلات کانپوءِ قومي عوامي ارادي ڏانهن ڪجهه وکون وڌايون هيوسين ته انهن قدمن کي پاپولسٽ طريقن سان ڀٽڪايو ويو ،ايم آر ڊي ۾ اٿياسين ته وڏيرڪي جمهوريت ،ڌاڙيل ڪلچر ۽ لساني تضادن ذڙيعي چيڀاٽيو ويو ، 21هين صديءَ ۾ وري ترقي ۽ دهشتگردي جي نعري سان خاموش ڪرايو ويو ۽ اڄ ٻيهر ڪجهه قومي عوامي ارادي ڏانهن هڪ ٻه وک کڻڻ جي ڪوشش ۾ آهيون ته حڪمران اهو چاهن ٿا ته ڪنهن بهاني ذريعي ان جمهوري سياسي عمل کي روڪيو وڃي.مهم جوئي ان لاءِ بهترين هٿيار ٿي سگهي ٿي.ان ڪري هن وقت ضروري آهي ته اسان نوجوان سياسي ڪارڪنن کي نظرياتي طور واضع لائن ڏيون ۽ انهن کي عوام دوست انقلابي سياست جي اهميت سمجهايون.ان لاءِ ضروري آهي ته مهم جوئي،نسل پرستي ۽ سامراجي پراڪسي جنگن جي سخت نظرياتي ۽ سياسي رستا روڪ ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …