سوشل ميڊيا جي تڪڙي پوسٽ اي ايس پي کان لاڪپ تائين

سوشل ميڊيا جي تڪڙي پوسٽ اي ايس پي کان لاڪپ تائين

اڄ اچانڪ سوشل ميڊيا تي هڪ سپاهي شاه رخ ڪلهوڙو جي تصوير سان گڏ خبر وائريل ٿي ته ڪميشن پاس ڪري سپاهي مان اي ايس پي بنجي ويو آهي خبر وائرل ڪندڙ سندس ئي ايس ايڇ او هو جنهن کيس گلن جا هار پارائي تصوير ڇڏي ائين سوشل ميڊيا تان اها خبر اڏامندي اسٽريم ميڊيا تي هلي وئي ۽ بريڪنگ نيوز طور نشر ٿي. پ پ پ جي وزير مرتضا وهاب به ٽوئيٽ ڪندي دير نه ڪئي ۽ ساراهيو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ سوشل ميڊيا ۽ اسٽريم ميڊيا تي خبرون هلڻ لڳي ته ڪميشن پاس ڪندڙ نوجوان اهو پوليس سپاهي شاهه رخ عباسي نه پر هي پنو عاقل جو شاهه رخ شيخ اي ايس پي ٿيو، شاهه رخ شيخ جو پيءَ ڪرنل رٽائرڊ مختيار شيخ آهي، شهيد پائليٽ مريم مختيار جو ننڍو ڀاءُ آهي. ان کان پوءِ فوري طور اهڙي ترديد ان سپاهي جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او مشتاق جتوئي پاران به آئي ۽ پهرين واريون پوسٽون ڊليٽ ڪيون ۽ سپاهي شاه رخ جي لائيو وڊيو پڻ هڪ گاڏي مان هلائي ترديد ڪرائي. پهرين واريون پوسٽون صرف ايس ايڇ او نه پر سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ جن به اهڙيون پوسٽون ڪيون اهي ڊليٽ ڪيون ويون. ايستائين مرتضا وهاب به پنهنجو ٽوئيٽ ڊلِيٽ ڪيو. ضلعي جي ايس ايس پي نوٽيس وٺندي سپاهي شاه رخ ڪلهوڙو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ خبرن مطابق ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو. لائِيو وڊيو ۾ سپاهي ٻڌائي ٿو ته هن به ڪميشن جو امتحان 2019 ۾ ڏنو هو رول نمبر ياد نه هيو نالو ڏٺو خوشي ۾ وڌيڪ جانچ نه ڪئي. ٿي سگهي ٿو ممڪن آهي سپاهي پنهنجي ڳالهه ۾ درست هجي خوشي ۾ ابهرائپ جو شڪار ٿي ويو هجي. ايس ايڇ او به لائيڪ ڪمينٽس جي چڪر ۾ تڪڙي پوسٽ ڪري ورتي هجي پر اسان جي اسٽريم ميڊيا ۽ وزير موصوف مرتضا وهاب کي ته ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها.
بي لغام سوشل ميڊيا تي تيز گهوڙي جيان لائيڪ ڪمنٽس جي خفت ۾ غير تصديق شده خبرون نه صرف پاڻ وٽ پر سڄي دنيا ۾ ڊوڙن ٿيون ۽ ڪاپي پيسٽ جي رجعان سان اهي تمام تيزي سان وائرل ٿينديون آهن پر اسٽريم ميڊيا جيڪڏهن ائين هلي ۽ سوشل ميڊيا جي خبرن کي پنهنجي بريڪنگ نيوز ٺاهي ته پوءِ ان اسٽريم ميڊيا جي هجڻ ۽ ان جي هيومن ريسورس نيٽ ورڪ جو فائدو ڪهڙو ٿيو. انڪري هن انفارميشن جي تيزي واري دور ۾ ريٽينگ جي چڪر ۾ اڳ ۾ خبر بريڪ ڪرڻ لاءِ به پنهنجي ريسورسز کي درست استعمال ڪرڻ گهرجي تصديق ۽ تحقيق ٿيڻ ۽ نگراني ڪرڻ گهرجي. هي ته ٺيڪ آهي هڪ ڪميشن پاس جي خبر هئي پر ائين نه ٿئي سڀاڻي ڪا اهڙي خبر هلي وڃي جنهن سان ڪو وڏو ٻائيتال مچي وڃي انڪري اسٽريم ميڊيا کي پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
باقي سپاهي کي لاڪپ ڪرڻ مون کي درست ناهي لڳو ان جيڪڏهن واقعي ڪميشن جو امتحان ڏنو هو ته ان ماڻهو جي حوصلاافزائي ٿيڻ گهرجي. ۽ خبر ڪوڙي نڪرڻ کانپوءِ جيڪا ان تان مذاق مشڪري هلي پئي اهو به غلط آهي. هن کان وڏي غلطي ته اسٽريم ميڊيا جي آهي اسان کي ان کي نندڻ گهرجي اسان کي لائيڪ ۽ ڪمينٽس جي خفت ۾ ٿيندڙ سوشل ميڊيا جي بنا تصديق پوسٽ ڪرڻ واري عملن تي سوچڻ گهرجي

وڌيڪ پڙھو

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث،  ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث، ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سنڌ جي ناليواري ليکڪ جي ٽي سال اڳ ۾ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول …