
ڊائريڪٽر سول سي ڊي اي ايوان صدر طرفان ڪجه ڏينھن اڳ اخبارن کي اشتھار جاري ڪيو ويو تہ ايوان صدر جي جانورن جي باغ جي لاءِ طوطن جا پڃرا گھربل آھن جن جي لاءِ 19 لک 48 ھزارن جي بجيٽ ٻڏائي وئي 28 جون تائين ٽيندر گھرايا ويا. ھن اشتھار کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي تہ ڪفايت جي ڳالھ ڪندڙ حڪومت جو صدر صرف طوطن جي پڃرن جي لاءِ 19 لک 48 ھزار خرچ ڪيا پيا وڃن. اھڙي تنقيد کانپوءِ ايوان صدر جي ترجمان جو چوڻ آھي تہ سي ڊي اي پاران جاري ڪيل اشتھار کي فوري طور منسوخ ڪيو ويو آحي. ھي اشتھار صدر جي اجازت کان سوآءِ جاري ڪيو ويو جنھن تي تحقيقات ڪئي پئي وڃي