سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث، ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث،  ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سنڌ جي ناليواري ليکڪ جي ٽي سال اڳ ۾ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ھڪ افساني جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت بحث شروع ٿي ويو، امرجليل جي مخالفت ۽ حمايت ۾ پوسٽن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ھڪ پاسي امرجليل جي مخالفت ڪندڙن جي دعوا ھئي تہ امر جليل انتھائي غلط ڪيو آھي ھن ڪفر وارا جملا چيا آھن تہ ٻي پاسي سندس حمايت ڪندڙن جو چوڻ ھو تہ امرجليل جي پوري وڊيو ڏسڻ گھرجي ھن خلاف ڪنھن سازش تحت مھم ھلائي پئي وڃي ٽوئيٽر پڻ آئي اسٽينڊ وث امر جليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ ھلايو ويو. ھوڏانھن سنڌ جي ناليواري ليکڪ جامي چانڊيو لکيو تہ

امرجليل سنڌ جو هڪ فقير منش، صوفي مزاج ۽ هڪ معصوم طبع اديب ۽ انسان آهي. هن هڪ ادبي ۽ علامتي لکڻي ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن جو مرڪزي خيال سمجهڻ گهرجي. جي هو ڏوهي آهي ته پو حافظ شيرازي، بلها شاه، سلطان باهو، سچل سرمت سميت سڀني وڏن صوفي شاعرن تي به فتوائون ڪڍندئو، جيڪا جاهلن جي اوقات ئي ناهي. ڇا مولانا عبيد اللله سنڌي، ابوالڪلام آزاد ۽ علامه غلام مصطفي قاسمي جهڙن جيد عالمن ڪڏهن اهڙيون فتوائون ڏنيون? مذهب جو جهالت جي هٿن ۾ وڃڻ پڻ مذهب جي توهين آهي. ادب کي سمجهڻ لاء فهم گهرجي جيڪو جاهلن ۾ ٿي نه ٿو سگهي. سموري ادبي تاريخ علامتي لکڻين سان ڀري پئي آهي. امرجليل سنڌ جو ڏاهو ۽ فقير طبع انسان آهي، هن خلاف انتهاپسندي جي باهوڙ سنڌ جي صوفياڻي ۽ سيڪيولر مزاج جي خلاف آهي، جنهن کي مسخ ڪرڻ جو حق ڪنهن به فرد ۽ هجوم کي نه ٿو ڏئي سگهجي. هاڻي علامتي ادب لکڻ لاء به بي علم ۽ ادبي شعور کان وانجهيل جاهلن ۽ هجومن ڏانهن نهارڻو پوندو؟ اظهار جي آزادي جو دفاع سموري سماج جو فرض آهي.

جڏھن تہ جمعيت العماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد سومرو لکيو تہ

تصویر کے دو رخ ، ایک امر جلیل کی وہ وڈیو جو صبح سے سوشل میڈیا کی زینت بنی ہوئی ہے اور دوسری یہ جو اب مجھے موصول ہوئی ہے ، ایک ہی پروگرام کی دو کلپ الگ الگ کیون ؟؟ ایک مین گستاخی کا پھلو اور دوسری مین رب کائنات کے وجود کو تمام مذاہب کے آئینہ مین ماننے اور قبول کرنے کا پھلو نظر آرہا ہے ، اصل تجزیہ تو پوری ہی تقریر سن کر کیا جاسکتا ہے ، مگر میری ذاتی راء یہ ہے کہ معاملے کی حقیقت تک پھنچنے سے پھلے اس پر کوئی تبصرہ کرنا کم از کم ھمارے لئے قبل از وقت ہوگا ، میرے ذہن مین کچھہ سوالات ہین جنکے جواب ہی شاید مجھے اصل مقام تک مددگار ثابت ہون ،2017 کی یہ وڈیو اب منظر عام پر کیون اور کیسے آئی ؟ یہ پوری وڈیو کیون منظر عام پر نھین وائرل ہوئی ؟ کیا یہ ایک کلپ سن کر ہی کوئی تجزیہ ، تبصرہ یا فتوی دے سکتے ہین کیون کہ دوسری کلپ مین امر جلیل خدا کی وحدانیت بیان کرتے ہوئے نظر آرہے ہین اس لئے میرے خیال مین مکمل بیان سننا ہی ضروری ہوگا آج جب چائنہ سی پیک کو چھوڑ کر ایران چاربھار پر بڑا معاھدہ کرنے جا رہا ہے اس وقت اس وڈیو کا منظر عام پر آنا کیا عوام کو موجودہ ملکی صورتحال سے کہین کسی اور موضوع پر تو مصروف رکھنے کی سازش نھین ہے ؟؟؟ اسٹیٹ بینک آف پاکستان کو آء ایم ایف کے پاس گروے رکہنے سے ھماری آنکہین کسی اور طرف کرنے کی پلاننگ تو نہیں ؟؟؟؟کیا واقعی گستاخی والی وڈیو کو یون اپنی پوسٹ کی زینت بناکر ہم تنقید کر رہے ہین یا پھر خود بھی اس گناھ مین شریک ہورہے ہین ؟؟ ملک مذہبی و مسلکی شدت پسندی کا بلکل متحمل نھین ہے مین اہل اقتدار سے اس معاملے کی غیر جانبدار تحقیق کا مطالبہ کرتا ہون ، ذاتی طور پر امر جلیل کے قریب احباب حکومت سندہ کے نمائندگاں سے رابطہ کرکہ انسے بھی وضاحت طلب کی ہے ، جب تک اس معاملے کی اصل حقیقت سامنے نھین آتی تب تک جذباتی بننے کے بجاء اعتدال کے ساتھہ معاملہ فھمی کی طرف جانے کا احباب کو مشورہ دون گا تاکہ وطن عزیز پاکستان کا اور بالخصوص سندھ کا امن امان باقی رہے ہم آگ لگانے والے نھین بجھانے والے ہین ،

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي لکيو تہ

..ھن سر جي گدلي سينور ۾

ھي نيل ڪنول به ته ڏوهي آء.

۽ ڪوبه چڪور انڌاري ۾ جي اڏري ٿو ته دروھي آء

سمجھ ۾ نٿو اچي ته سنڌ ۾ اھي ڪھڙا ھٿ آهن جيڪي سنڌ جي پر امن ھلندڙ ماحول ۽ سنجيده سوچ طرف وڌندڙ بحث مباحثي ۽ سھپ واري ماحول دؤران ڪا اھڙي ڳالھ اچليو ڇڏين يا بي وقتي راڳڻي چيڙي اھڙي سنڌ جي ماحول کي چؤچڙي ڏيو ڇڏين . اڄ سڄي دنيا ۾ شب برات جي مسلمانن لاءِ عبادتن واري رات آهي ۽ ھندو پائرن جي ھولي جو تھوار جنهن کي سنڌ مذھبي رواداري ۽ پائيچاري سان گڏ ملھائي رھي آھي ته ٽي سال اڳ ھزارن جي مجموعي ۾ امر جليل جي فلسفيانه طرزِ جي ( لکيل ) پڙھيل ڪھاڻي کي اڄ بھانو بڻائي امر جليل ۽ مذھب کي سامهون آڻي بيهاريو ويو آهي پنھنجا مخصوص مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ .جن به ماڻھن علامه اقبال جو. شڪوا .طويل نظم پڙھيو ھوندو انھن ڪڏهن ان نظم تي فتوا ته جاري ناهي ڪئي . جھڙو ماحول ٽي سال اڳ پڙھيل ھن ڪھاڻيءَ تي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ،خدارا رحم ڪريو .

وڌيڪ پڙھو

انسٽا اسٽوريز تي رد عمل لاءِ اسٽيڪرز جي آزمائش شروع

انسٽا اسٽوريز تي رد عمل لاءِ اسٽيڪرز جي آزمائش شروع

 مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام اسٽوريز تي رد عمل جي اظهار لاءِ اسٽيڪرز جي آزمائش …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *