سن ۾ 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي مختلف پارٽين جا 5 جلسا ٿيندا

سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگرهه سڀاڻي 17 جنوري تي ملهائي ويندي، مختلف قومپرست ڌرين طرفان 5 ڌار ڌار جلسا رٿيا ويا آھن. جنهن ۾ مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن جون ڀرپور تياريون جاري آھن، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان 17 جنوري جي رات مشعل برادر ريلي ڪڍي سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري ويندي، جڏهن ته ڏينهن جو سيد جي درياءَ واري بنگلي جي سالگرھ گرائونڊ تي جلسو منعقد ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي،ادبي، تعليمي سماجي شخصيتن کي دعوت ناما ڏنا ويا آھن، جڏهن ته رات جو صوفي راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي. ان سلسلي ۾ ڪارڪن سن ۽ انڊس هاءِ وي جي مختلف بس اسٽاپن مانجهند، خاڻوٺ، علي آباد، ڄامشورو، منظورآباد، لاکا، خاصائي، نورپور سرائي سولنگي لڪي شاهه صدر، آمري بس اسٽاپ تي ايس يو پي جا جهنڊا ۽ جي ايم سيد جي تصويرن جا بينر لڳايا وياآھن. سن شهر کي ڪنوار وانگر سجايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاهه سن ۾ ڪيمپ قائم ڪري انتظامن جي نگراني ڪري رهيو آھي، جڏھن ته جسقم (بشير گروپ) طرفان صنعان خان قريشي، امجد مهيسر جي قيادت ۾ سيد جي مزار جي سيراندي کان جلسي جو پنڊال لڳايو ويندو، جسقم (آريسر گروپ ) پاران اسلم خيرپوري امير آزاد پنهور سرمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ مزار جي پيراندي کان جلسو ٿيندو، جسم (رياض چانڊيو گروپ) جو رياض چانڊيو ۽ نواز شاھ ڀاڏائي جلسي جي قيادت ڪندا، جڏھن ته جست (ڪرناڻي گروپ)جست (سرڪي گروپ ) جسقپ جسلف جو گڏيل حاضري ۽ جلسو شبير جمالي نواز خان زنئور، سوڀ قمر ڀٽي، عبدالخالق خاصخيلي سورهيه سنڌي جي اڳواڻي ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت سيد جي تصوير کان ڪرائي ويندي جيئي سنڌ محاذ (سرور سهتو گروپ )طرفان ڪارڪن پارٽي قيادت صوفي حضور بخش، علي نواز ٻٽ جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ کان پيادل مارچ ڪري مزار تي حاضري ڀريندا ان سلسلي ۾ تياريون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته سيڪيورٽي جي حوالي سان به انتظامن جو پلان ترتيب ڏنو ويو سيد خاندان طرفان سالگرهه ڏهاڙي تي ذاتي ماڻھو ويهاري مزار ۽ جلسي گرائونڊ ڏانهن ويندڙ رستن کي رڪاوٽون ڏياري عام ٽريفڪ لاءِ رستو بند ڪرائي صرف پيادل عوام کي ڇڏيو ويندو جڏهن ته پوليس طرفان سڄي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس گهرائي سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو آھي، هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته گذريل سالگرھ ۽ ورسي ۾ ڊيڪوريشن سروس ۽ ايڪو سائونڊ ڏيندڙن تي ڪيس داخل ٿيڻ سبب سالگرهه ۾ ڊيڪوريشن ۽ ايڪو سائونڊ مالڪ سامان ڏيڻ کان لنوائي رهيا آھن جنهن سبب ڪجھه جلسا بنا شامياني ۽ ايڪوسائونڊ جي ٿيڻ جا امڪان آھن.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …