سن: جي ايم سيد جي سالگراہ ۾ فائرنگ، گرفتاريون، نامعلوم ماڻهن سرڪاري گاڏي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو

سن: جي ايم سيد جي سالگراہ ۾ فائرنگ، گرفتاريون، نامعلوم ماڻهن سرڪاري گاڏي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو

سن ( رپورٽ: قربان علي) سائين جي ايم سيد جي 119 سالگره جي موقعي تي سن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ اچانڪ فائرنگ شروع ٿي وئي جنھن سبب ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن سان ڪارڪنن جون جهڙپون ٿينديون رهيون جنهن ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين جا اطلاع آهن. سن شهر ۾ موبائيل نيٽ ورڪ پڻ بند ٿي ويو. آخري اطلاعن مطابق سياسي پارٽين پنهنجا جلسا مختصر ڪري ڇڏيا ٻي طرف ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سن واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگراہ جي موقعي ٿيندڙ فائرنگ، تشدد ۽ گرفتارين واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هن واقعن سان پ پ پ جي ڪوڙي جمهوريت جي پت وائکي ٿي وئي آهي. پ پ پ نٿي چاهي ته سنڌ ۾ سندس مخالف ڪابه سياسي پارٽي ڪا سياسي سرگرمي ڪري ان ڪري اهڙا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. ملڪ جو قانون آئين پرامن سياسي جلسن جلوسن ۽ اظهار جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿو پر پ پ پ سرڪار قانون جي ابتڙ پنهنجو راڄ قائم رکڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهي آهي ته جئين سندس سياسي مخالف خوف کائي خاموش ٿي وڃن. جيڪا هن جي ڀُل آهي. اهڙن پرتشدد ڪارروائين سان عوام کي خاموش نٿو ڪري سگهي. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته فوري طور زخمين جو علاج ڪرايو وڃي ۽ گرفتار سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ھي بہ پڙھو

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

لاڙڪاڻو: تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر نائب صدر امير بخش ڀٽو ۽ نائب صدر الله …