سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 38 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 12 سئو 47 رڪارڊ نوان ڪيس ظاهر

سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 38 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 12 سئو 47 رڪارڊ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 27 هزار 307 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام طرفان احتياطي اپائن تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا جي ڪيسز ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ 923، گهوٽڪي ۾ 29 ۽ حيدرآباد ۾ 24 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 23، جيڪب آباد ۾ 22، سکر ۾ 21، ڄامشورو ۾ 14 ۽ نواب شاهه ۾ 8 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سجاول ۽ خيرپور ۾ 7-7 قمبر ۾ 5، ڪشمور ۽ دادو ۾ 4-4 ، ٺٽي ۽ بدين ۾ 3_ 3 جڏهن ته سانگهڙ ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته 13 هزار 623 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 12 هزار 565 گهرن ۾، 127 قرنطينه مرڪزن ۽ 931 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. وڏي وزير چيو آهي ته 310 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 68 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 522 مريض صحتاب ٿي ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو انگ 13 هزار 272 ٿي ويو . وڏي وزير چيو آهي ته احتياطي تبدبيرن تي عمل نه ڪرڻ سان ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهيو آهي، عوام کي محاط رهڻو پوندو، نه ته صورتحال بگڙجي ويندي.

وڌيڪ پڙھو

اصل قوتن ھٿ ھٽايو تہ مڪاني چونڊن جا نتيجا سڀني ڏٺا

اصل قوتن ھٿ ھٽايو تہ مڪاني چونڊن جا نتيجا سڀني ڏٺا

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) …