سنڌ ۾ ڏه ڪروڙن جو ڊاڪٽرن جو حفاظتي سامان سياستدانن جي گهر ۾

سنڌ جي ڊاڪٽرن لاءِ خريد ڪيل حفاظتي سامان سياستدانن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف، 10 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڊي جي صحت پاران خريد ڪيل سامان ڊاڪٽرن کي نه مليو، اڳواٽ اماڻيل سامان بابت جي ڊي ايڇ اوز کان رپورٽ طلب، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ سرڪار سنڌ جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي ذاتي حفاظت لاءِ سامان مهيا ڪرڻ خاطر صحت کاتي جي ڊي جي کي 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا هئا، جنهن تي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل مختلف ڪمپنين کان سامان خريد ڪيو هو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس ۾ مقرر ٿيل ۽ پروڪيورمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اياز ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته صحت کاتي جي ڊي جي پاران اهو سامان سمورن ضلعن کي اماڻيو ويو هو، مقامي ڊي ايڇ اوز وري اهو سامان مقامي سياستدانن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، اڪثر ضلعن مان ان قسم جي شڪايت ملي آهي، انهي ڪري هاڻي هر ضلعي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کان سندس ضلعي ۾ سامان جي گهرج بابت اڳواٽ لسٽ گهرايون پيا، انهي کانپوءِکين وڌيڪ سامان ڏينداسين، جيڪڏهن ڊي ايڇ اوز سامان وٺي ڊاڪٽرن کي نه ٿا ڏين ته اهو ڊي ايڇ اوز جو مسئلو آهي، اسان کين سامان اڳ ۾ موڪلي چڪا آهيون.

وڌيڪ پڙھو

اصل قوتن ھٿ ھٽايو تہ مڪاني چونڊن جا نتيجا سڀني ڏٺا

اصل قوتن ھٿ ھٽايو تہ مڪاني چونڊن جا نتيجا سڀني ڏٺا

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) …