سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊومحمد خان ، قمبر شھدادڪوٽ، ڄامشورو، دادو، خيرپورميرس، سکر، نوشھرفيروز، سکر، گھوٽڪي ، جيڪب آباد، نوابشاھ، لاڙڪاڻو، مٺي ، ميرپورخاص، ٽنڊوالھيار، مٽياري، ملير ، ڪراچي اولھ سميت مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون

May be an image of one or more people, people standing, outdoors and text

حيدرآباد  ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ڏنل سڏ تي پريس ڪلب حيدرآباد جي اڳيان مظاهرو ڪيو ويو جنھن م ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ خدابخش درس محمد علي ابڙو ضلعي صدر رستم لاشاري لياقت جويو شبير جوڻيجو ممتاز سراز عرفان بروهي سميت ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي.

ايس ٽي پي ضلعي خيرپور پاران مرڪز جي سڏ تي پاڻي جي کوٽ خلاف ٻٻرلوء ۾ ضلعي صدر امداد ڀيو ،ولي محمد مستوئي بابر مستوئي محمد حسن جتوئي رياض جتوئي سعيد جتوئي ظفر ڀيو ۽ ٻين جي اگواڻي ۾ ڀٽائي پارڪ کان کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پاڻي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي

ايس ٽي پي مرڪز جي سڏ تي سنڌ اندر پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ايس ٽي پي ٽنڊوالھيار طرفان ضلعي صدر حافظ مالڪ داؤداڻي جي اڳواڻي م ايس ٽي پي ھاؤس ٽنڊوالھيار کان پريس ڪلب ٽنڊوالھيار تائين پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي نعري بازي ڪئي وئي پريس ڪلب تي ايس ٽي پي ضلعي صدر حافظ مالڪ داؤداڻي محبوب سمون ضامن بھراڻي افضل جسڪاڻي امداد ناريجو عرفان آريسر تعلقي اڳواڻ ساجن لغاري اقبال ڪلھوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو ء ملڪ جي اعلا ادارن کان گھر ڪئي ت سنڌ اندر پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي اسان ھن کي سنڌ جي ماڻھن جو. معاشي قتل سمجھون ٿا

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي بدين پاران پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف مرڪز جي سڏ تي پوري سنڌ جيان بدين ۾ احتجاج مارچ ڪيو ويو جيڪو الله والا چوڪ کان ريلي جي شڪل ۾ شروع ٿي ايوان صحافت ۽ پريس ڪلب بدين آڏو احتجاجي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو جنھن ۾ اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ شاھنوازسيال صاحب ضلعي صدر راجہ اعجاز خواجہ نائب صدر علي حيدر پنھور جنرل سيڪريٽري پنھل نظاماڻي جوائينٽ سيڪريٽري غلام قادر مراداڻي خزاڻچي محمد حنيف جٽ ضلعي پريس سيڪريٽري رسول بخش چانگ  رابطہ سيڪريٽري عبدالجبارمڱريو تعلقي صدرن محمد صديق لاکاٽيو سلطان بوھڙ شوڪت عمراڻي لکاڏنو عمراڻي خالد مگسي جسقم جو ضلعي صدر حسين نظاماڻي حمالي مزدور يونين جو اڳواڻ عبدالستارراھمون ۽ ٻين اڳواڻن ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي

مٽياري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن ڄام شوڪت ابڙو، فتاح ڳاھوٽي ،مصري لڙڪو ، لياقت سٺيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو . ريلي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ بہ پريشان آھن، فوري طور سنڌو درياءِ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي.

نوشھرو فيروز  ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي ايس ٽي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالحميد پنهور ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري ذولفقارعلي ملاح ضلعي رابطه سيڪريٽري ضمير حسين  سهتو ضلعي ماليات سيڪريٽري حبيب ا لله مشوري  ضلعي مزدور فيڊيشن جي صدر اقبا ل احمد راڄپر  جي اڳواڻي ريلي نڪتي

ايس ٽي پي سکر طرفان مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف نومي سنڌي ظفر الله واحد کوسو حفيظ دايو منظور سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪامريڊ اسحاق کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ٽنڊو محمد خان  ايس ٽي پي ضلع صدر اقبال حاجاڻو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن جي ريلي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي جنھن ۾ ضلع نائب صدر اعجاز نوناري ضلع جنرل سيڪريٽري سليم ميمڻ ضلع فنانس سيڪريٽري جمن ملاح ھاري سنگت جو چيف آرگنائزر جمن سمون ستاف ضلع صدر شوڪت ڪولاچي سٽي صدر منور سومرو فنانس امتياز نوناري ٽنڊو غلام حيدر اڳواڻ کمن لاکو عظيم شاھ بلڙي شاھ ڪريم اڳواڻ بچل سٺيو علي نواز سمون تعلقه ٽنڊو محمد خان گل حسن سولنگي يوسين وارڊن ۽ ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ميرپورخاص طرفان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ۽ ريلي نڪتي جنھن جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ميريونس ٽالپر، ضمير لغاري ۽ ٻين ڪئي.

سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ایس ٽي پي مرڪزي سڏ تي ٺٽي ۾ ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين ضلعي صدر سيد جلال شاھ، ناٿو خان بروھي، جميل سمون، راجو قريشي، حاجي سمن مرگھر، سومار ملاح، عمر ناھيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءِ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ايس ٽي پي ضلعي گھوٽڪي پاران مرڪز جي سڏ تي پاڻي جي کوٽ خلاف ميرپور ماٿيلو ۾ ضلعي صدر زاھد ميراڻي ،نواز جلباڻي،مصطفي نائچ ،منظور نائچ ،ڄام.معشوق سميجو،ڄام مجيب سميجو قبول گبول ۽ ٻين جي اگواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ ميرپور ماٿيلو کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پاڻي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي..ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي مطالبو ڪيو تہ سنڌ ھن وقت پاڻي جي ڦڙي لاء تڙپي پئي زراعت تہ پنھنجي جڳھ تي پيئڻ جو پاڻي بہ دستياب ناھي جيڪا انتھائي خطرناڪ صورتحال آهي.تنھنڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ۽ خاص طور گھوٽڪي فيڊر ۾ پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڏي آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سنڌ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ڄامشورو م ايڊمور پمپ کان پريس ڪلب ڄامشورو تائين ايس ٽي پي ضلع صدر محترم يونس اوٺو صاحب ۽ تعلقه صدر اميرالدين مگسي جي اڳواڻي م احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ,

May be an image of 1 person, standing and outdoors

اڳواڻن چيو ته سنڌو درياه تي وفاق ۽ جاگيردارن جا ڌاڙا عام سنڌي ماڻھن جي جياپي جا سمورا گس بند ڪري رهيا آھن هڪ پاسي وفاق سنڌو درياه تي ڊيمن جي نالي تي آبي جارحيت برقرار رکيو اچي ته ٻئي پاسي جتي ٿورو گهڻو پاڻي پهچي رهيو هو اتي وري جاگيردار جبري طور قابض رهيو نتيجن درياه تي روزگار ڪندڙ ملاح , مزدور هاري ۽ پورهيت بيروزگار ٿي بک مري رهيا آھن .

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف مرڪزي سڏ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع سانگهڙ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ضلعي صدر محترم علي ڏنو خاصخيلي الجڙيو منگسي سليم ڏاھري ممتاز منگسي جبار جوڻيجوتعلقه صدر رفيق جلالاڻي سني جوڻيجو علي حسن مشهوري ساجد بلوچ احمد علي عمراڻي ڪامريڊ جعفر بروھي لياقت کوسو فراز ڪلھوڙو مشتاق ٺاڪر رزاق کوسو ماما مجنون شر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

وڌيڪ پڙھو

ايس ٽي پي 17 اپريل تي  قومي سنڌ ڪانفرنس سڏائي ورتي

ايس ٽي پي 17 اپريل تي قومي سنڌ ڪانفرنس سڏائي ورتي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پاران پ پ پ ۽ نواز ليگ پاران ايم ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.