سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو


 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا ولاز ۾ سنڌو واس فائونڊيشن پاران “سنڌ اندر لساني تضاد ۽ اڻبرابري” جي موضوع تي ڪانفرنس گھرائي وئي آهي جنهن ۾ اوهان لازمي شرڪت ڪيو. تنهنڪري سندس حڪم تي شريڪ ٿيڻو پئجي ويو. پروگرام ۾ جگديش آهوجا، ڊاڪٽر سڪندر مغل، عيسيٰ ميمڻ، علي مگسي، استاد خالد چانڊيو، فتاح جانوري، لطيف ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ هئا. ڪانفرنس ۾ تقريبن ماڻهن جو خيال هو ته سنڌ ۾ هن وقت لساني تضادن ۾ اها شدت ڪونهي جيڪا ماضي ۾ هئي. ان ڳالھه تي به تقريبن اتفاق هو ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجن سياسي مفادن جي حاصلات ۽ ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ لساني تضادن کي هوا ڏئي رهيون آهن.

جيئن ته پاڪستان جي قيام بعد يوپي ۽ سي پي سميت هندستان جي مختلف علائقن مان لکن جي تعداد ۾ مهاجر هجرت ڪري پاڪستان آيا، جن کي وڏي رٿابنديءَ سان سنڌ جي وڏن صنعتي ۽ ڪاروباري شهرن خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهايو ويو. هندن جي طرفان ڇڏي ويل گھر، دوڪان، زرعي زمينون، نوڪريون، ڪاروبار ۽ ٻيون کوڙ ساريون ملڪيتون ڪوڙن ڪليمن ذريعي سندن حوالي ڪيون ويون. سرڪاري دفترن ۾ اوليت جي بنياد تي ججھي تعداد ۾ کين نوڪريون ڏنيون ويون. پاڪستاني تاريخ جي شروعاتي سالن کان ئي مهاجر مرڪزي حڪومت سميت نوڪرين ۾ پڻ اڪثريت ۾ رهيا. ملڪ جي پهرين وزارت عظميٰ، ڪابينا جي اهم وزارتن ۽ حڪمران جماعت مسلم ليگ جي قيادت تي انهن جو قبضو رهيو. ڊسمبر 1947ع ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جي 300 ميمبرن مان 160 ۽ مجلس عامله جي 23 ميمبرن مان 13 ميمبر مهاجر هئا. انڊين سولِ سروس ۽ انڊين پوليٽيڪل سروس جي 101 مسلمان آفيسرن مان 95 آفيسرن پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ قبول ڪئي. انهن مان اڌ مهاجر ۽ باقي پنجابي هئا. 1952ع ۾ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ مشرقي پنجاب جي مهاجرن سميت  پنجابين جو تعداد 40 هو باقي 33 مهاجر هئا. اهڙي طرح پاڪستان جي قيام کان وٺي اقتدار اعليٰ سميت فوج ۽ بيوروڪريسي ۾ پنجابين ۽ مهاجرن جي اڪثريت هئي.اڳتي هلي مهاجرن جي وڌندڙ اڪثريت ۽ اثر کان پنجابي پڻ خوفزده ٿيڻ لڳا، جنهن ڪري اقتدار جي رساڪشي، نوڪرين ۽ ٻين معاملن تي سندن وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا.

ملڪي اقتدار، اختيار ۽ سمورن وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل قابض قوتن جي تعصب ۽ ڪٽرپڻي وارين حڪمت عملين، پاليسن، فيصلن  ۽ احساس برتري وارن روين ملڪ ۾ شامل سنڌين، بنگالين ۽ ٻين قومن ۾ احساس محرومي پيدا ڪري ڇڏي. حالانڪه پاڪستان جو وجود 1940ع جي قرارداد جي بنياد تي قائم ڪيو ويو هو. جنهن تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي صوبائي خودمختياري، پنهنجن وسيلن ۽ تاريخي ورثن جي مالڪيءَ سميت تاريخ، تهذيب، جاگرافي، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي تحفظ جو پڻ مڪمل يقين ڏياريو ويو هو. جنهنڪري ملڪ ۾ شامل قومون پاڪستان جي قيام جي پهرين ڏينهن کان ئي تاريخي، قومي ۽ جاگرفيائي طور تي پاڻ کي الڳ قومون تسليم ڪري رهيون هيون. بنگالي قوم سميت اولھه پاڪستان جون محڪوم قومون پنهنجي جائز حصي جي گھُر ڪري رهيون هيون، ته جيئن پاڪستان جھڙي گھڻ قومي ملڪ ۾ خودمختيار حڪومتون ۽ پنهنجا جائز قومي ۽ تاريخي حق حاصل ڪري سگھن. پر، ملڪ جي حڪمران جماعت مسلم ليگ سمورين قومن کي برابريءَ جي بنياد تي گڏ کڻي هلڻ لاءِ ڪنهن متفق سياسي سماجي نظام جي تشڪيل ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي هئي. تنهنڪري پاڪستان ۾ شامل قومن جي وچ ۾ شروعاتي ڏينهن دوران ئي وڇوٽيون شروع ٿي چڪيون هيون.

فيبروري 1948ع تي لياقت علي خان دستورساز اسيمبليءَ ۾ اعلان ڪيو ته پاڪستان جي واحد سرڪاري زبان اردو هوندي. اختلافن جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ان وقت ٿيو، جڏهن محمد علي جناح ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ تقرير ڪندي اردو کي ملڪ جي واحد سرڪاري زبان واري اعلان کي ورجايو. نتجي طور بنگال ۾ شديد عوامي مزاحمتي ردعمل سامهون آيو. ڇهن سالن کانپوءِ 4 فيبروري 1954ع تي ان وقت جي وزيراعظم محمد علي بوگره مجبور ٿي بنگاليءَ کي به قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو. سنڌي دانشورن ۽ اديبن بنگالي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان طور قبول ڪرڻ واري اعلان تي سرهائي جو اظهار ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي به سرڪاري زبان طور قبول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌين جي اهڙي جائز مطالبي جي مهاجر تنظيمن سخت مخالفت ڪندي 22 اپريل 1954ع تي ڪراچي ۽ حدرآباد ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪندي بنگالي ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف نفرت انگيز نعرا لڳايا . سنڌي اخبارن جي دفترن تي حملا ڪيا ويا. ان کان پهريان ڊسمبر 1953ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طرفان امتحاني پرچن جو سنڌيءَ ۾ جواب لکڻ تي پڻ پابندي لڳائي وئي.

جڏهن ته سچ اهو آهي ته پاڪستان جي قيام کان گھڻو وقت اڳ ئي سنڌي ۽ بنگالي اهڙيون زبانون هيون جيڪي نه صرف قديم ۽ ترقي يافته ٻوليون هيون پر مضبوط اشاعتي وجود به رکنديون هيون. سنڌي ٻولي انگريزن جي دور ۾ به عدالتي، تعليمي، ادبي توڙي سرڪاري زبان طور سنڌ ۾ رائج هئي. 1948ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ 11 روزاني اخبارون، 54 هفتيوار ۽ 15 ماهوار رسالا شايع ٿيندا هئا.  پر بدقسمتيءَ سان هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي حاصل نه هجڻ ڪري ڪراچي جي پرائمري اسڪولن سميت مارڪيٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولن مان به تيزيءَ سان ختم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ تمام گھڻيون سازشون ڪيون پيون وڃن.

ڪانفرنس دوران ٽنڊوالهيار وارو تازو واقعو به بحث جو موضوع رهيو، جنهن تي مون ڳالهائيندي چيو ته تقريبن ڏيڍ سال اڳ ترقي پسند پارٽيءَ جي وائيس چيئرمين کي ڀولو خانزادو، اسلم رند ۽ ٻين هڪ سازش تحت شهيد ڪيو هو. شهيد جي تدفين توڙي چاليهي ۾ هزارين سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سخت ڪاوڙ ۽ شديد جذباتي ماحول جي باوجود به قاتلن توڙي ڪنهن به اردو ڳالهائيندڙ جي گھر يا دوڪان کي هڪڙو پٿر به نه هنيو ويو. ڇاڪاڻ ته ترقي پسند پارٽي ڪنهن به صورت ۾ لساني فساد ڪرائڻ نٿي چاهي. ٽنڊوالهيار سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ ايس ٽي پي جا نه رڳو ڪارڪن پر ضلعن جا عهديدار پڻ آهن. تازو ڪورٽ ۾ پيشي دوران ڀولو خانزادي تي نامعلوم ماڻهن حملو ڪيو، جنهن ۾ هو مارجي ويو. جيئن ته اسد جسڪاڻي به پنهنجي ڀاءُ شهيد الطاف جي قتل ڪيس ۾ شنوائي تي ويل هو، اهو به ان حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پنهنجي بچاءَ ۾ کنيل هٿيار سميت پوليس گرفتار ڪيو. جيئن ته سرڪاري پڌرائي موجب ڀولو خانزادو هڪ نامي گرامي ڪرمنل ماڻهو آهي، جنهن تي درجنين ڪيس داخل ڪيل آهن، جن جي تفصيل پڻ سوشل ميڊيا تي موجود آهي. ان سموري حقيقتن جي باوجود به ايم ڪيو ايم جي صورت ۾ نسل پرست ٽولا سڄي معاملي کي لسانيت جو رنگ ڏئي فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

فاروق ستار، آفاق احمد، مصطفيٰ ڪمال، وسيم اختر ۽ ٻيا مسلسل نفرت انگيز، چڙ ڏياريندڙ ۽ گندي ٻولي جو استعمال ڪري رهيا آهن. ٽنڊوالهيار شهر ۾ دهشتگرديءَ جون مسلسل ڪارروايون ڪندي سرڪاري توڙي عام ماڻهن جي ملڪيتن کي باهيون ڏئي ساڙيو پيو وڃي، جنهن مان چِٽيءَ طرح سان ظاهر ٿو ٿي ته دهشتگرد ٽولن ۽ سياسي تنظيمن ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي. جيئن ته سنڌ سدائين امن، پيار، محبت، عالمي امن، ڀائيچاري ۽ “دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين”جو پيغام ڏنو آهي. سنڌي ماڻهن جي تاريخ رهي آهي ته هو ڪڏهن به امن دشمن، شرپسند، اڳرائي پسند، دهشتگرد ۽ حملي آور ناهن رهيا. هو جڏهن به وڙهيا آهن ته پنهنجي بچاءَ ۾ وڙهيا آهن، پنهنجي وطن، ڌرتي، وسيلن جي مالڪي ۽ شهيدن جي پلاندن لاءِ وڙهيا آهن. سنڌي سدائين ننگن ۽ دنگن لاءِ جانيون نثار ڪيون آهن. تنهنڪري هينئر به وقت جي ضرورت آهي ته سنڌي ماڻهو سڄاڳ ٿين، پاڻ ۾ ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪو پيدا ڪري امن جي ڌرتيءَ تي جنگ  جدل ۽ نفرتون ڦهلائيندڙ ناڪاري قوتن جي سمورين ناپاڪ سازشن کي ناڪام بڻائين

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *