سنڌ ھن وقت مشڪلاتن جي گھيري ۾ آھي سنڌي قوم متحد ٿئي

سنڌ ھن وقت مشڪلاتن جي گھيري ۾ آھي سنڌي قوم متحد ٿئي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته هن وقت سخت مشڪلاتن ۽ سازشن جي گهيري ۾ آهي. سنڌي قوم کي پنهنجي مادر وطن جي دنگن، پاڻي ۽ وسيلن سان گڏ قومي وجود جي بقاءُ لاءِ گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ته سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم قبول ناهي. ڊيم ٺاهي بجلي پيدا ڪرڻ جي بدران ان جا ٻيا متبادل طريقا استعمال ڪري توانائي پيدا ڪئي وڃي. سنڌو درياءَ جو پاڻي سنڌ جي جياپي جو ذريعو
آهي. ان تي سنڌ جو موقف واضح ۽ چٽو آهي. هن چيو ته اسان وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ٿيندڙ هن سازش تي اڳ ۾ پنهنجا خدشا ظاهر ڪري چڪا آهيون ته هن سازش سان سنڌين جي آبادي کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ٿيندڙ آدمشماري مڪمل غير سائنسي آهي جنهن ذريعي حڪمران من پسند نتيجا وٺڻ چاهين ٿا. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته موجوده حڪمرانن عوام
کي ڪنگال بڻائي سگهيو. مھانگائي سبب عام ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن ملڪ ۾ بک بدامني ۽ لاقانونيت عروج تي آهي. حڪمرانن کي عوام جو ڪوبه فڪر ناهي. عوام جي جان مال جي تحفظ ۾ حڪمران مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن.

ھي بہ پڙھو

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

لاڙڪاڻو: تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر نائب صدر امير بخش ڀٽو ۽ نائب صدر الله …