سنڌ مٿان مڙهيل جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ مٿان مڙهيل جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي سنڌ جي مٿان مڙهيل جاگيرداري نظام سنڌ جي لاءِ ناسور بڻيل آهي ان جي خاتمي تائين سنڌ مٿان مصيبتون ختم نه ٿينديون. سنڌ کي تبديل ڪرڻ ۽ هن نظام جي خاتمي لاءِ اسان کي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ وڃي عوام کي جاڳاڻو پوندو اهڙن خيالن جو اظهار هن ترقي پسند ھائوس تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع نوابشاھ جي ضلعي تعلقن جي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو سنڌ هن وقت جنهن صورتحال مان گذري آهي ان ۾ هڪ طرف ڌارين جي آبادڪاري کي نه صرف منظم طريقي سان هٿي ڏني پئي وڃي پر ان سان گڏ پ پ پ سرڪار سياسي فائدن ۽ ووٽن جي لالچ ۾ ڌارين کي سنڌ اندر ووٽ جو حق سميت مختلف سهولتون ڏئي کين آباد ڪري رهي آهي. سنڌ جو پورهيت طبقو جيڪو اڪثريتي طبقو آهي اهو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي عتاب هيٺ آهي ۽ انهن وٽ يرغمال بڻيل آهي جنهن ڪري اهو پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏئي نٿو سگهي. اصل طاقتور ڌريون نٿيون چاهين ته جاگيردار طبقو ڪمزور ٿئي ڇو ته انهن کي خبر آهي جيڪڏهن جاگيرداري جي ڪمزور ٿي ته پوءِ سنڌ اندر انهن جي مرِضي نه هلي سگهندي سنڌ کي هن صورتحال مان ڪڍڻ جي لاءِ اسان کي سنڌ جي پورهيت ۽ مظلوم طبقي منظم ڪرڻو پوندو جنهن جي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سڄي سنڌ جي اندر انهن وڏيرن سردارن ڀوتارن جو مقابلو ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ سنڌ جي سمورن سنڌ دوست پارليماني سياست ڪندڙ ڌرين جو گڏيل پارلياماني محاذ جوڙڻ جون ڪوششن ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو سنڌ کي وفاقي پارٽين مان ڪا اميد نه رکڻ گهرجي نه انهن جي ايجنڊا تي سنڌ آهي. هن چيو وفاقي پارٽين جي حالت اها آهي جو اهي اقتدار جي حصول لاءِ اخلاقي قدر وڃائي ويٺا آهن جيڪا هڪ ٻئي لاءِ ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن ان تي پوري دنيا کلي رهي آهي پر اقتدار جي نشي ۽ رونشي ۾ هي صفا انڌا لڳا پيا آهن هنن کي صرف ڪرسي نظر پئي اچي. ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي، قادر چنا ، نثار ڪيريو، سبحان مگسي، اطهر شاھ ، ٻڍل مگسي ، عثمان ٻگهيو، حاڪم انڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …

Leave a Reply

Your email address will not be published.