سنڌ غلام ڪئين ۽ ڇو آھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

اسانکي آزادي جو فظ اچارڻ کان اڳم غلامي جي بدترين شڪلين کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي
سنڌ هن وقت مجموعي طرح ٽن قسم جي غلامي ۽ ذلتن ۾ ڦاٿل آهي

قومي غلامي

قومي غلامي جيڪا سڌي طرح رياست طرفان مڙهيل آهي اهاسياسي نوعيت جي غلامي آهي جيڪا ڪنهن فاتح لشڪر ڪشي ذريعي نه پر سنڌ جي سياسي قيادت ۽ اجتماعي شعور جي سياسي فيصلي سبب مڙهي ويئي آهي جنهن سبب اسين چاهيون ٿا هن ملڪ ۾ قومي غلامي جي خاتمي جو هڪ اهو به رستو آهي ته اسين سنڌي پهنجي مڪمل اتحاد ۽ سياسي پارلياماني مينڊٽ زريعي سنڌ جي خود مختيار سياسي حيثيت بحال ڪريون

طبقاتي غلامي


دراصل اها طبقاتي غلامي اسانجي قومي غلامي جو بنيادي سبب آهي بمبئي کان سنڌ جي علحدگي کانپوء اسنانجي مقدر جا سمورا فيصلا ان جاگيردارن ۽ انهن جي نمائندن ڪيا آهن جنهن ڪري پاڻ سنڌي زندگي جي معمولي کان معمولي ضرورت جو پورائو ڪرڻ کان قاصر آهيون غريب ۽ محڪوم ماڻهن جو انساني وقار ذلتن حوالي آهي ان لاء سنڌ کي قومي ۽ انساني آزادي حاصل ڪرڻ لاء جاگيرداڻي تسلط جو خاتمو آڻڻو پوندوسنڌ جي گلين ۾ انساني تذليل کان وٺي پارليامان ۾ انسان دشمن عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن فيصلن ۽ قانون مڙهڻ جا ذميوار اهي آهن

نسلي غلامي


ٽين غلامي سنڌ تي نسلي غلامي مڙهيل آهي جنهن ۾ منظم طريقي سان سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري آڻي انکي منظم ۽ ھٿياربند ڪري سنڌين جي مالي جاني نقصان ڪري سنڌ تي سياسي ۽ معاشي تسلط کان وٺي سنڌ مادر وطن کي تقسيم ڪرڻ جون سازشون ڪندا رهن ٿا هر دور جو جاگيردار سياسي قيادت انهن جي ساٿاري رهي آهي پوء اها بي نظير هجي پاڳارو هجي زرداري هجي يا ارباب رحيم سڀ ان نسل پرست دهشتگردن جا اتحادي ۽ حامي رهيا آهن ويندي قومپرست سياست جا مختلف ڪردار بشير قريشي دلشاد ڀٽو منور لغاري شفيع برفت ۽ آريسر به حمايتي رهيا آهن
ان صورتحال ۾ پاڻ ڪڏهن به ڪنهن دٻاءُ ۽ لالچ ۾ گمراهي جو رستو نه ورتو انڪري ا ڄ سنڌ ۾ ڪو نسل پرست قبضي گيري جي ڪابه سازش سٽي ٿو ته سنڌ جو هر هڪ فرد انجي مزاحمت ۽ مقابلي لاء تيار آهي 
اهڙي طرح اڄ جاگيردار سياسي قيادت کي ھٽائي متبادل قيادت جي ڳولها هر هڪ سمجهدار فرد کي آهي هر ماڻهو پهنجا فارمولا پيش ڪري پيو نجات يقيني تڏهن ٿيندي جڏهن ايس ٽي پي سان گڏجي سياسي رستو اختيار ڪيو ويندو اهڙي طرح اسٽيپ باء اسٽيپ قومي غلامي جو خاتمو ايندو ۽ پاڻ باوقار ۽ برابري جي بنياد تي پهنجي ايندڙ نسلن ڪي پهنجي وطن جو حاڪم ۽ مالڪ ٺاهي سگهون ٿا

وڌيڪ پڙھو

سگھ صرف انسان جي شعور ۾ آهي-

سگھ صرف انسان جي شعور ۾ آهي-

. مرحوم ولي خان پنهنجي ھڪ انٽرويو ۾ چيو ھو ته ھٿيارهڪ بي جان شئي …