سنڌ سرڪار پاران عيد جي چار ڏينھن موڪل جو اعلان

سنڌ سرڪار عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 4 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪندي برساتن دوران ايمرجنسي سبب مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 12 کان 15 آگسٽ تائين عام موڪل هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي موقعي تي سومر کان خميس تائين سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا بند رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي موڪلن ۽ برسات ۾ هنگامي صورتحال دوران سنڌ پوليس، سرڪاري اسپتالن، پي ڊي ايم اي، لوڪل گورنمينٽ، ڪي ايم سي، فائر برگيڊ، ضلعي انتظاميا ۽ سول ڊفينس ۾ ملازم ڊيوٽي تي موجود رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ اُنهن کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اُنهن ادارن جو عملو آفيس توڙي فيلڊ تي پنهنجي موجودگيءَ کي يقيني بڻائين.

وڌيڪ پڙھو

ثقافتي ڏينھن جوش جذبي سان ملھايو ويو. مختلف شھرن ۾ ريليون تقريبون

ثقافتي ڏينھن جوش جذبي سان ملھايو ويو. مختلف شھرن ۾ ريليون تقريبون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين طرفان ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *