سنڌ سدائين نظر انداز-ائين آخر ڇو؟

حيات تنيو

هندستان تي انگريزن جو قبضو ماضي جي سمورن حملي آورن کان ڪافي مختلف هيو. ڇاڪاڻ ته ماضي جا حملي آور هندستان تي قبضو ڪرڻ کان بعد اتي ئي رهي پيا ۽ هندستان کي ئي پنهنجو وطن بنائي ڇڏيو. پر انگريزن هندستان تي قبضو ڪرڻ جي باوجود به ان کي پنهنجي اصل وطن انگلستان کان ڪنٽرول ڪرڻ جي حڪمت عملي اپنائي. اهڙي ريت حقيقت ۾ هندستان پهريون ڀيرو نوآبادياتي بڻيو. هندستان تي قبضو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انگريزن آبپاشي، زراعت، مواصلاتي نظام، تعليم ۽ معشيت ۾ ڪيترا ئي نوان سڌارا ۽ تبديليون آنديون. پر 1857ع کان بعد هندستان جي معشيت ۾ سڀ کان اهم جيڪا تبديلي آندي وئي اها هتان جي زمين کي نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو آغاز هو. انگريزن هندستان تي قبضي ڪرڻ وقت جن جن مقامي ماڻهن کان تعاون حاصل ڪيو انهن کي زمينون ڏيڻ ۾ واضع اهميت ڏني وئي. جاگيردارن جي وفادار طبقي ماضي جي حڪمرانن جيئان جنگين جي مختلف موقعن تي انگريزن جي ڪافي مدد ڪئي. پهرين ۽ ٻئي عالمي جنگين دوران ان طبقي پنهنجي زير اثر علائقن مان فوجي ڀرتي لاءِ ماڻهون ڏيڻ کان علاوھ بار ڍوئيندڙ جانور فراهم ڪرڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي. اها به هڪڙي حقيقت آهي ته برصغير هندستان ۾ جاگيردار طبقي جي اها تاريخ رهي آهي ته انهن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مقصد ۽ مفادن کان علاوھ ڪنهنجو به ساٿ ناهي ڏنو، پر ان جي پس منظر ۾ هميشه انهن جي ذاتي مفادن جو تحفظ هوندو آهي. جاگيردار طبقو جيڪڏهن ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيندو آهي ته ان پارٽي جي پروگرام يا منشور سان متفق ٿي شامل ٿيڻ بجاءِ هو سڀ کان وڌيڪ ان ڳالھ جو خاص خيال رکندو آهي ته ان جماعت ذريعي هو پنهنجي روب تاب، حيثيت، شخصيت ۽ طاقت کي مظبوط ۽ برقرار رکي سگھي. جاگيردار ۽ ڀوتارڪي طبقي جي اها به ڪوشش هوندي آهي ته جيڪڏهن هڪ ئي وقت ڪي ٻه جماعتون طاقتور هونديون آهن ۽ ٻنهي جماعتن کي اقتدار حاصل ڪرڻ جي برابر موقعو هوندو آهي ته پوءِ ان صورت ۾ هڪ ئي خاندان جا ماڻهون ٻنهي جماعتن ۾ شموليت اختيار ڪري هر صورت ۾ اقتدار ۾ رهڻ چاهيندا آهن. انڪري ئي جاگيردارن هندستان ۾ برطانوي حڪومت جي حمايت ڪندي سندن ساٿ ڏنو ۽ انگريزن جي وفادارن ۾ شامل ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته جاگيردار طبقي جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزوري اقتداري پاور ۽ پئسو هوندو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ جلدي ۾ تيار ٿي ويندو آهي. 
انگريز پنهنجي دور ۾ ڪيترن ئي ادارن کي مظبوط ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ جديد طرز تي فوج کي منظم ڪيو. فوج ۾ ڀرٿي وقت انگريزن اهڙن علائقن جي ماڻهن کي وڌيڪ ترجيح ڏني جيڪي نهايت پٺ تي پيل علائقا هئا، جتي زراعت سميت آمدني جو ٻيو ڪو به وسيلو نه هو يا زرعي آمدني به ايتري نه هوندي هئي جو ماڻهن جي ضرورت پوري ٿي سگھي. جڏهن ته فوجي ڀرتي ڪرڻ وقت نسلي پهلو کي به نمايان اهميت ڏيندي وڌيڪ ترجيح انهن ماڻهن کي ڏني ويندي هئي جيڪي ماڻهون ظاهري طور تي وڌيڪ صحتمند ۽ طاقتور هوندا هيا. انهن ۾ سکن، راجپوتن، پنجاپين ۽ پختونن کي وڌيڪ اوليت ڏني وئي. جڏهن ته تامل، گجراتي، بنگالي ۽ ٻين قومن جي ماڻهن کي نظراندز ڪيو ويو. فوج ۾ ڀرٿي ڪيل ماڻهن جي ذهني تربيت اهڙي ڪئي وئي جو هو پاڻ کي باقي ٻين سمورن ماڻهن کان وڌيڪ برتر، اعلي ۽ افضل سمجھڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي قسم جي ذهنيت، سوچ ڏينهنون ڏينهن وڌيڪ پڪي ۽ پختي ٿي رهي آهي. انڪري ئي انگريزن کي آخري وقت تائين پنهنجي ان انتظامي طريقيڪار تي ناز هو ۽ آخري وقت تائين پنهنجي حڪمراني جي ڪاميابي جو راز پنهنجن ٻن ادارن فوج ۽ آفيسر شاهي کي قرار ڏئي رهيا هئا. اهو انگريز جي پاليسين جي تسلسل جو ئي نتيجو آهي جو ٻاهتر سالن کان پوءِ به ملڪ جي اقتدار ۽ سمورن ادارن تي اسٽيبلشمينٽ، پنجاپ ۽ ان جي دلالي ڪندڙ جاگيردارن، چودرين ۽ سردارن جو قبضو آهي، جنهنڪري هتي جمهوري روايتون، قدر، ادارا ڪمزور ٿي بيوس بڻجي ويا آهن. جڏهن ته ڪجھ فرد، خاندان، مخصوص طبقا وڌيڪ مظبوط، طاقتور، اڇي ڪاري جا مالڪ ۽ ڌڻي بڻيل آهن.
جن ملڪن ۾ جمهوري روايتون ۽ ادارا ڪمزور ٿي ويندا آهن انهن معاشرن ۾ جبر، بربريت، آپيشاهي ۽ آمريت جو راڄ قائم ٿيڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي آهي. فيڊريشن يا گھڻ قومي ملڪن ۾ جيڪڏهن سمورن قومن کي برابري جي بنياد تي هڪ نظر سان نه ڏٺو ويندو يا انهن کي پنهنجا جائز سمورا آئيني، قانوني، انساني ۽ اخلاقي حق نه ڏنا ويندا ته پوءِ لازمي طور تي قومن ۾ بيچيني، ڪاوڙ، نفرت، مايوسي ۽ احساس محرومي جنم وٺندي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي هن فيڊريشن ۾ اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان پنهنجن سمورن قومي حقن کان محروم بڻيل آهن. سنڌي توڙي بلوچ قومن سان نامناسب ۽ حقارت آميز رويو روا رکيو پيو وڃي، اهڙي قسم جي پاليسي ۽ روش هن ملڪ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائديمند ناهي. سنڌي ڪا مفتوح قوم ناهي يا سنڌ ڪو فتح ڪيل ملڪ ناهي جو ان کي پنهنجن سمورن وسيلن ۽ حقن کان محروم بڻائي ڀِتِ سان لڳايو پيو وڃي، جو سنڌي ماڻهون بک، بيروزگاري، مهانگائي کان تنگ ٿي پنهنجا ٻچا کپائڻ ۽ خودڪشيون ڪري پنهنجون زندگيون تباھ ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. سنڌي هن ملڪ جي خالق قوم آهي جيڪا برابري جي بنياد تي هن فيڊريشن ۾ شامل ٿي هئي. ڇا سنڌين جو ڏوھ اهو هو ته هنن سوين صدين تي مشتمل پنهنجي تاريخ، تهذيب، تمندن، ڪلچر، ٻولي، قومي ڪردار، جاگرافيائي حدون ۽ تاريخي طور تي الڳ وطن هجڻ جي باوجود به 1940ع جي ڪرارداد مطابق پاڪستان نالي نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه صرف راضي ٿيا هئا پر جڏهن پنجاپين ۽ پختونن پنهنجين صوبائي اسيمبلين مان نئين ٺهندڙ ملڪ جي حق ۾ بل پاس ڪرائڻ کان محمد علي جناح کي کتو جواب ڏنو هو ته ان وقت سائين جي جي ايم سيد اهو پهريون شخص هيو جنهن مارچ 1943ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي پاڪستان نالي ٺهندڙ ملڪ لاءِ اخلاقي ۽ قانوني جواز فراهم ڪيا هئا. ڇا سنڌين جو ڏوھ اهو هو ته هنن نئين ملڪ جي عشق ۾ يو پي ۽ سي پي سميت هندستان جي مختلف علائقن مان انگ اگھاڙن، پيٽ بکايل ۽ هٿين خالي آيل ماڻهن کي مسلماني ۽ انسانيت جي بنياد تي نه صرف پنهنجون دليون کولي سندن آدرڀاءُ ڪيو پر دلين جي دروازن سان گڏ گھرن جا به در کولي ڇڏيا. سنڌي ماڻهن مهمانوازي، فراخدلي ۽ سخاوت جا اعلي مثال قائم ڪندي پنهنجا دوڪان، واپار ۽ ڪاروبار مسلمان قلمي گو ڀائرن جي حوالي ڪري ڇڏيا. پر بدقسمتيءَ سان سنڌين جي ان جذبي نيڪ نيتي ۽ چڱاين جي موٽ اها ملي رهي آهي ته جنهن ڌرتي کين پناھ ڏني، روزگار ڏنو، گھر ڏنا، اڄ اهي ئي ماڻهون ان مادرِوطن سنڌ جي وجود جا ويري بڻجي کين ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون نت نيون سازشون سِٽي رهيا آهن! اهڙي قسم جون سازشون نه رڳو سنڌ وطن پر هن ملڪ جي استحڪام لاءِ به تمام وڏو خطرو آهن. پر هن ملڪ ۾ سدائين ابتي گنگا وهندي رهي آهي. جيڪا دهشتگرد تنظيم ۽ ان جا ماڻهون ملڪ جي خلاف ڪم ڪن، ملڪ ٽوڙڻ جون شازشون ڪن، ملڪ دشمن عالمي قووتن جا ايجنٽ بڻجي ماڻهن کي گمراھ بڻائي پنهنجا شخصي ۽ طبقاتي مفاد ماڻن، انهن کي حڪومتن ۾ شامل ڪري وزارتون ۽ مشاورتون عطا ڪيون وڃن، ترقياتي پئڪيجن جي نالي ۾ اربين روپيا ڏئي کين وڌيڪ طاقتور بڻائي سنڌ جي وحدت خلاف استعمال ڪيو وڃي. باقي جيڪي قومون ملڪ جي آئين ۽ دستور مطابق پنهنجا حق گھرن ، قومن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا برابر ۽ هڪ جھڙا موقعا فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪن ته انهن جي خلاف ملڪ دشمني ۽ غداري جون فتوائون جاري ڪري کين ٽارچر سيلن جي اذيتن، سزائن ۽ ڦاهين جي حوالي ڪيو وڃي. انهن جا اگھاڙا لاش روڊن تي ڦٽا ڪيا وڃن. حاڪمن جي اهڙن روين ۽ پاليسين جي ڪري هي ملڪ اڳ ۾ ئي ٻه ٽڪرا ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن اڃان به حڪمرانن تاريخ مان سبق پرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته پوءِ سندن الله ئي واهي آهي. باقي سنڌي ماڻهون 1940ع واري معاهدي موجب هن ملڪ جي فيڊريشن ۾ رهندي پنهنجا سمورا قومي حق چاهن ٿا ڇو ته سنڌي هن ملڪ ۾ ڪنهن فتح ٿيل قوم جيئان غلام بڻجي رهڻ بجاءِ برابري واري بنياد تي ڀائرن سان ڀاءُ بڻجي رهڻ چاهن ٿا. ان ۾ ئي هن ملڪ جي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ سمورن قومن جي بهتري ۽ ڀلائي آهي. انڪري هن ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته رنگ، نسل، زبان جي بنياد تي قومن جي تاريخي سڃاڻپ ۽ تشخص کان انڪار ڪرڻ بجاءِ کين برابري جي بنياد تي سمورا حق ڏنا وڃن، تڏهن هي ملڪ نفرت، تعصب، انتها پسندي، دهشتگردي سميت اندروني توڙي بيروني خطرن کان محفوظ بڻجي ترقي ۽ خوشحاليءَ واري راھ تي هلي سگھي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ سياسي پارٽين کي گھرجي ته هو نهايت ئي سهپ، رواداري ۽ صبر جو مظاهرو ڪندي هڪٻئي جي حڪومتن کي ڪيرائڻ لاءِ سازشون ڪرن بجاءِ هڪٻئي جي مئنڊيٽ جو لازمي طور تي احترام ڪن ته جيئن ڪنهن به غيرسياسي قووت کي موقعو نه ملي ته عوام جي مئنڊيٽ تي راتاهو هڻي سگھي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي تاريخ رهي آهي ته هتي جڏهن به آمريتون آيون آهن ته سدائين سياسي پارٽين ئي انهن جي اچڻ جو جواز پيدا ڪيو آهي.
قيام پاڪستان کان فورن بعد ۾ مسلم ليگ مظبوط جماعت جي حيثيت سان اڀري آئي ۽ پنهنجي حڪومت ۾ به قائم ڪيائين، پر انهيءَ سان گڏوگڏ اها به ڪوشش ڪيائين ته هن جي حڪومت بغير ڪنهن مخالفت جي سدائين لاءِ قائم ۽ دائم رهي ۽ ڪنهن به ٻئي جماعت کي نه اقتدار ۾ شراڪت ڏجي ۽ نه ئي ڪنهن کي اهو موقعو ڏنو وڃي ته اها اقتدار حاصل ڪري سگھي. مخالف ڌر جيڪا جمهوريت لاءِ تمام ضروري هوندي آهي، ان کي اڀرڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. قيام پاڪستان بعد به مسلم ليگ پنهنجي اقتدار کي مظبوط ڪرڻ لاءِ نوآبادياتي روايتن کي قائم رکڻ جي ڪوشش جاري رکندي حڪومت جي سمورن ادارن کي پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ بي رحماڻي طريقي سان استعمال ڪندي رهي، جنهن ڪري ملڪ جا جمهوري ادارا مظبوط نه ٿي سگھيا ۽ نه ئي ملڪ جو دستور ٺاهڻ جي طرف ڌيان ڏنو ويو، نه ئي عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ڪري ماڻهن کي اهو موقعو ئي نه مليو ته هو سياسي معاملن ۾ دلچسپي وٺن. اهڙي ريت ماڻهن جي سياست ۽ ملڪي مسئلن مان آهستي آهستي دلچسپي ختم ٿيندي وئي ۽ هو سياست کان لاتعلق ٿيندا ويا. مسلم ليگ جي اهڙين غيرجمهوري روايتن جي ڪري جمهوري ادارا مظبوط ٿيڻ بجاءِ ڪمزور ٿيا ته ملڪ ۾ آمريت لاءِ راءِ هموار ٿي، جنهن ڪري 1958ع ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو.
ايوب خان ۽ يحي خان جي ڊگھي آمريت بعد ملڪ ۾ ڪجھ وقت لاءِ جمهوريت قائم رهي، پر ان ۾ به ذوالفقار علي ڀٽو جي ذاتي خواهشن ۽ جاگيردارانه ذهنيت جي ڪري جمهوري روايتن ۽ ادارن کي مظبوط ڪرڻ طرف ڪو به توجھ نه ڏنو ويو. حزب اختلاف کي برداشت نه ڪيو ويو، پريس جي آزادي تي بندش لڳائي وئي. ڪيترن ئي سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي بندش وڌي ئي، سنڌي اديبن کي جيل ۾ وڌو ويو، ريڊيو ۽ ٽيليويزن کي حڪمرانن ۽ سندن جماعت جي پروپئگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ويو. شاگردن ۽ مزدورن جي يونين ۾ حڪومتي پارٽي جي ڪارڪنن کي داخل ڪري ڏاڍ ۽ داداگيري جي ذريعي انهن جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجھڻ سان گڏ انهن کي خوف ۽ لالچ جي ذريعي پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهنڪري فوج کي هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو مليو ته اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ ۾ آمريت قائم ڪئي وئي. اهڙي ريت ملڪ جي سياسي پارٽين آمريتن لاءِ سدائين جواز ۽ موقعا پيدا ڪيا آهن.
جنرل ضياءَ جي حادثي کان پوءِ، جنرل مشرف جي آمريت کان علاوھ ملڪ ۾ ٻن سياسي پارٽين مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جون واري واري سان حڪومتون رهيون آهن، پر هر ڀيري ٻنهي حڪومتن تي بدعنواني سميت ڪيترائي الزام لڳندا رهيا آهن، جهن جي نتيجي ۾ اڄ ڪي جلاوطن، ڪي روپوش، ڪي جيلن ۾ ته ڪي نيب وٽ پيشون کائي رهيا آهن، اڳتي ڇا ٿو ٿئي ان لاءِ ٿورڙي ئي وقت ۾ خبر پئجي ويندي. پر هن وقت ملڪ ۾ وفاقي حڪومت عمران خان جي تحريڪ انصاف جي آهي، جنهن لاءِ ايترو ئي چئي سگھجي ٿو ته هن اليڪشن دوران جيڪي به ڳالهيون يا عوام سان وعدا ڪيا هئا انهن جي بلڪل ابتڙ عمل ٿي رهيو آهي. عوام کي جيڪي سرسبز باغ ڏيکاريا ويا هئا اتي صرف رڃ ئي رڃ نظر اچي رهي آهي. جنهن ڪري عوام ۾ سخت مايوسي ۽ ڪاوڙ جنم وٺي رهي آهي. جيڪڏهن تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائي تي جلد ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا ته عوام ۾ وڌيڪ بيچيني ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيندي جيڪا عمران خان جي حڪومت لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون ۽ ڏکيائون پيدا ڪري سگھي ٿي. ساڳئي وقت ان حقيقت کان به انڪار ڪونهي ته اهڙي قسم جي صورتحال ۾ ماضي جي حڪمرانن جي شاھ خرچين ۽ ڪرپشن جو هٿ ضرور آهي. 
ڪرپشن ۾ ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت تمام وڏي مهارت رکي ٿي. سنڌ جيڪا ٻارهن ورهين کان پيپلزپارٽي جي حوالي آهي. پر انهن ٻارهن ورهين جي دوران سنڌ سان جيڪي ڪلور ڪيا ويا آهن اهي شايد ئي ڪي پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ٿيا هجن. سنڌ جو اهڙو ڪو به ادارو ڪونهي جيڪو پنهنجن پيرن تي بيٺو هجي يا پنهنجا بنيادي ڪم پورا ڪندو هجي. ڪرپشن ڪلچر ۽ سفارش ڪلچر سمورن ادان کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي هيڏي ساري آمدني ۽ وسيلن جي باوجود به سنڌ جي ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي بنيادي سهولت به ميسر ناهي. سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي ڪاري ڪامڻ، کنگھ، سهڪي ۽ ٽي بي کان پوءِ هيئنر ايڊز جي جھڙي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي پر حڪمرانن کي گلن جھڙن معصوم ٻارڙن سميت ماڻهن جي موت جو ذري برابر به احساس ڪونهي. صرف پنهنجن ڪرتوتن ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ ۽ بدعنواني ذريعي گڏ ڪيل دولت کي بچائڻ لاءِ عوام سان رڳو دوکا، ٺڳيون، چالاڪيون، ڊراما ۽ ناٽڪ ڪيا پيا وڃن. سنڌ ۽ سنڌ جي رهاڪن سان پيپلزپارٽي کي نه ڪا همدردي آهي ۽ نه ئي سڄڻائپ آهي. ان لاءِ سنڌين جو شايد اهو ئي ڏوھ آهي ته سنڌي ماڻهون هر وقت پيپلزپارٽي جي چالاڪين، مڪارين ۽ ڪوڙن واعدن تي اعتبار ڪندي کين ووٽ ڏئي رهيا آهن.

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *