سنڌ سجاڳي فورم جو سارنگ جويو کنڀجي ويو. سنڌ ۾ احتجاج – ڪراچي پريس ڪلب اڳيان انعام عباسي جو مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال جو اعلان

ڪراچي مان سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سارنگ جويو کنڀجي ويو، ان سلسلي ۾ سارنگ جويو جي گهرواري سهڻي جويو جو چوڻ آهي ته سارنگ جويو کي اختر ڪالوني واري گهر مان رات جو دير سان کنڀيو ويو آهي، هو سياسي سماجي ڪارڪن آهي، هُن جو ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي ۾ هٿ ڪونهي، سارنگ جويو جي گهرواري مڙس جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. ٻي پاسي پريس ڪلب ڪراچي جي اڳيان احتجاجي ڪئمپ ڪري احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي انعام عباسي سارنگ جويو جي آزادي جي گھر ھيٺ مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال تي ويھڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏھن سوشل ميڊيا تي اڄ سڄو ڏينھن سارنگ جويو جي کنڀجڻ جو خبرون مذمتون ۽ سندس آزادي جا مطالبا ٿيندا رھيا.سارنگ جويو مشھور اديب تاج جويو جو پٽ آھي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جو مرڪزي جوائينٽ سيڪريٽري آھي ھو گم ٿيل ماڻھن جي لاءِ احتجاجن ۾ متحرڪ رھيو آھي،

ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …