سنڌ خلاف سازشون بند ڪريو ڏھرڪي ۾ ايس ٽي پي جي احتجاجي ريلي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعا گهوٽڪي پاران ترقي پسند هائوس ڏهرڪي کان ڏهرڪي پريس ڪلب ڏهرڪي تائين سنڌ جي ورهاڳي ۽ ڪراچي ڪميٽي خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو سوين ڪارڪنن پي ٽي آئي حڪومت ۽ سنڌ جي ورهاڳي جي ڳالھ ڪندڙ فروخ نسيم ۽ حليم عادل شيخ خلاف زور دار نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي پريس ڪلب ڏهرڪي اڳيان ڪارڪنن ۽ شهرين کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻن زاهد ميراڻي، ڄام معشوق، آفتاب خان شر، علي نواز جلباڻي، گلزار احمد شر، نجم ڀنگر، معروف سميجو، زبير خان چاچڙ، ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ شبير شر ،صادق لغاري خطاب ڪندي چيو ته نيازي حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سازش تحت ڪراچي کي گند ۾ وڪوڙي رهيا آھن جيئن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪيو وڃي هنن چيو ته اسين ٻڌائڻ چاهيون ٿا نسيم فروخ حليم عادل شيخ ۽ پي ٽي آئي حڪومت کي جيستائين هڪ به سنڌ جي حلالي پٽ جي سسئي ۾ ساھ آهي توهان جا اهي نه پاڪ اراده رت جي آخري ڦڙي تائين ڪامياب نه ٿيندا سنڌي پنهنجي سنڌ کي سنڌ امڙ جو درجو ڏين ٿا ۽ سنڌ اسان جي امڙ آهي جيڪو به اسان جي ماء تي ميري اک کڻي ڏسندو ان جون اکيون ڪڍي وجهنداسين ڪراچي سنڌ جي دل آهي هنن جو چوڻ هو ته عمران خان سنڌين کان معافي وٺي ٻئي صورت ۾ هن جا ايم پي اي ايم اين اي تڪ ۾ گهمي ڪونه سگهندا

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …