سنڌ حڪومت ڪورونا جي صورتحال سبب 22 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

سنڌ حڪومت ڪورونا جي صورتحال سبب 22 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

سنڌ ۾ تعليمي ادارا کُلندي ئي ڪورونا جي ڪيسز ۾ واڌ اچي وئي آهي، سنڌ سرڪار 28 سيپٽمبر کان پرائمري اسڪولز کولڻ واري اعلان تي نظرثاني جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارا کُلڻ بعد ڪورونا جا ڪيس وڌڻ تي سنڌ سرڪار پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، صوبائي وزير سعيد غني تعليمي ادارن جي دوري بعد اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي ڪيسز تي واڌ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ ذريعن جو چوڻ آهي ته 22 سيپٽمبر تي مڊل اسڪول کولڻ وارو فيصلو في الحال ملتوي ڪجي ٿو جيڪڏھن صورتحال بھتر ٿي تہ سنڌ حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪري ڇڏيو، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڇهين کان اٺين جماعت جا ڪلاسز 21 سيپٽمبر تي نه کلندا، ڄاڻايل ڪلاسز 28 سيٽمبر تي کوليا ويندا، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته صورتحال بهتر نه ٿي ته تاريخ اڳتي وڌائينداسين، تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي، سنڌ حڪومت ٻارن جي صحت تي سوديبازي نه ڪندي، سعيد غني چيو ته 15 تاريخ کان جيڪي تعليمي ادارا کوليا ويا مون لاڳيتو چار ئي ڏينهن اسڪولن جي وقت تي اوچتا دورا ڪيا، مختلف ڪاروبار شروع ڪرڻ وقت سڀني انهن ايس او پيز تي عمل جي خاطر ڪرائي، سڀ ڪجهه کوليو ويو پر بدقسمتي سان اڪثر هنڌن تي عمل نه ڪيو ويو، ڪورونا جي حوالي سان بهتري آئي ڪيسن ۾ ۽ فوت ٿيڻ وارن انگن ۾ گهٽتائي آئي، اسڪول کولڻ جي حوالي سان والدين انتظاميه ۽ سرڪار ۾ ڳڻتي هئي، ملڪ جي ڪروڙين شاگردن کي هڪ ٻئي سان ملڻ يا اچڻ وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيڻو هو. سڀني کي گڏ نه موڪلڻ جو سبب ايس او پيز تي عمل ٿي سگهي ٿواسڪول کوليا ويندا. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان پنهنجي فيصلي کان اين سي او سي کي آگاهه ڪيو ويندو

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *