
سنڌ جي ڊوميسائيل پي آر سي تي ڪيتريون نوڪريون ۽ داخلائون ڏنيون ويون ويون، سنڌ سرڪار وفاق کان 20 سالن جو رڪارڊ گهري ورتو آهي، سنڌ سرڪار طرفان صوبي جي سمورن ضلعن ۾ جعلي ڊوميسائيل جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، قاضي شاهد پرويز جي اڳواڻيءَ ۾ جڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پٽاندڙ پي آر سي قانون ۾ خامين جو جائزو وٺڻ صوبائي وزير ناصر شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪميٽي 30 ڏينهن اندررپورٽ ۽ سفارشون تيار ڪري وڏي وزير آڏو پيش ڪندي، گهرو سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ جڙيل اپيلٽ فورم جعلي ڊومسائيل ڏيندڙ ۽ وٺندڙ خلاف ڪارروائي ڪندو، حڪومتي ڪميٽي سان گڏ شهري به اپيلٽ فورم آڏو شڪايت داخل ڪري سگهندا، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته جعلي ڊوميسائيل تي ورتل نوڪريون ۽ داخلائون ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو ويندو.