سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رڪاري نوڪري جي خواهشمند وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي، سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي حد 28 سال مقرر آهي، 28 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو اهل هجڻ جي باوجود به سرڪاري نوڪري حاصل نٿا ڪري سگهن پر هاڻ سنڌ حڪومت ان قانون ۾ سختي ختم ڪندي سرڪاري نوڪري جي خواهشمند وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ 15 سالن تائين رعايت ڏئي ڇڏي آهي.
ايس جي اي اينڊ سي ڊي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب پبلڪ سروس ڪميشن ۽ پوليس ۾ ڀرتين تي اهو نوٽيفڪيشن لاڳو نه هوندو، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ پوليس ۾ ڀرتين کان سواءِ ٻيا کاتا عمر جي حد ۾ رعايت ڏيڻ جا پابند هوندا.
ياد رهي ته پهريان به سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏني هئي جيڪا 30 جون 2022ع تي ختم ڪئي وئي هئي. جنهن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏني آهي عمر جي حد ۾ واڌ بعد 43 سالن جي عمر وارا اميدوار به سرڪاري نوڪري لاءِ اهل ٿي ويا آهن. عمر ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن پهرين جولاءِ 2022 کان 30 جون 2024 تائين لاڳو رهندو.

ھي بہ پڙھو

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

اميربخش ڀٽو ۽ اللہ بخش انڙ بہ عمران خان کي ڇڏي ويا.

لاڙڪاڻو: تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر نائب صدر امير بخش ڀٽو ۽ نائب صدر الله …