سنڌ جي وڏي عهدي گورنر شپ جي ڪرسي تي تبديلي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال جو نالو مضبوط اميدوار طور سامهون آيو آهي.
هوڏانهن ايم ڪيو ايم ڪنوينر خالد مقبول صديقي گورنر جي تبديلي جي خبرن تي ترديد ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته گورنر جي تبديلي جي خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي، ڪامران ٽيسوري تي اسان کي مڪمل اعتماد آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون سٺي نموني ادا ڪري رهيو آهي.
ان کان اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي ۾ سينئر ڊپٽي ڪنوينرن جي واڌ ڪئي، جن ۾ نسرين جليل، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل آهن، جڏهن ته انيس قائم خاني کي ڊپٽي ڪنوينر طور تنظيمي ذميواري ڏني وئي آهي.
