
سنڌ ۾ مختلف وقتن تي ڀرتي ڪيل استادن پاران اڄ 3 آگسٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي مستقلي جي مطالبي لاءِ “ريگيولائيز سنڌ ٽيچرس” جي ھيشٽيگ سان ٽرينڊ هلايو ويو جيڪو هڪ لک کان مٿي ٽوئٽس سان پاڪستان جي ٽاپ ٽرينڊ ۾ رهيو. استادن پاران هلايل هيشٽيگ تي م استادن کانسواءِ مختلف سماجي سياسي جي ڪارڪنن پڻ حصو ورتو. سمورين ڌرين جو مطالبو هو ته سنڌ ۾ مختلف وقتن تي ڀرتي ڪيل استادن کي هاڻي مستقل ڪيو وڃي اهو سندن جائز ۽ قانوني حق آھي