سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو. شاندار احتجاج

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو. شاندار احتجاج

 ٻيٽ بچايو سنڌ بچايو سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران گورنر هائوس اڳيان هزارن جي تعداد ۾ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهري ۾ مختلف قومپرست ڌرين  ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم، عوامي تحريڪ،ع ج پ، جسم، جسقپ، ورڪرز پارٽي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪراچي کي افغانستان ٿيڻ نه ڏينداسين. پنجاب اسيمبلي ۾ به جلد صدارتي آرڊيننس خلاف بل آندو ويندو. هن چيو ته اسان سنڌ تي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون۔ عوامي طاقت سان انقلاب آڻينداسين. پي ٽي آء حڪومت سنڌ جي ملڪيت تي قبضا ڪرڻ آئي آهي. پي ٽي آءِ کي گهرجي ته صدارتي آرڊيننس واپس وٺي. وفاق هن مهل تائين صدارتي آرڊيننس واپس نه ورتو آهي پر اسان وفاق کي چتاءُ ٿا ڏيڻ چاهيون ته سنڌ کي ننڌڻڪو نه سمجهيو وڃي سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي۔ اسان ٻيهر وفاق جي نمائندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي گورنر هائوس ٻاهران اهو پيغام ٿا ڏيڻ چاهيون ته صدارتي آرڊيننس ۽ صوبن جي ملڪيتن تي وفاق قبضا نه ڪري۔

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاق پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ته پوءِ سنڌ جي عوام ڪفن ٻڌي صدارتي آرڊيننس خلاف اسلام آباد جو رخ ڪندي۔ هن وقت پوري سنڌ صدارتي آرڊيننس خلاف سراپا احتجاج آهي پر وفاق خاموش آهي. سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن ٻيٽن تي ۽ صدارتي آرڊيننس کي اسيمبلين مان رد ڪري چڪي آهي۔

ان موقعي تي ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي ٻن صوبائي اسيمبلين صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري چڪيون آهن پر هن مهل تائين صدارتي آرڊيننس واپس نه ورتو ويو آهي ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان سان دشمني جو ثبوت ڏئي رهي آهي پر اسان وفاق جي نمائندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي اڄ واضح پيغام ٿا ڏيڻ چاهيون ته صدارتي آرڊيننس فوري طور تي واپس ورتو وڃي۔ ٻي صورت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام صدارتي آرڊيننس خلاف اسلام آباد جو رخ ڪندي۔

هن جو چوڻ هو ته وفاق سنڌ کي اسلام آباد جي ڪالوني سمجهي رهي آهي۔ سنڌ سرڪار صوبن جي ٻيٽن جي وڪري جي اين او سي ڏئي وڏي غلطي ڪئي هئي۔ سنڌ جو ٻچو ٻچو صوبي جي ملڪيت تي قبضي خلاف مزاحمت ڪرڻ لاء تيار آهي.

جسقم سربراهه صنعان قريشي چيو ته وفاق صدارتي آرڊيننس جاري ڪري غيرآئيني قدم کنيو آهي، صدارتي آرڊيننس کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. سندس جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري. ڪراچي سنڌ جي دل آهي۔ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ٽڪرا ٿي ويا آهن۔ سنڌ ڏانهن ميري اک ڏسندڙن خلاف سنڌ جو ٻچو ٻچو سخت مزاحمت ڪندو.

ع ج پ سربراهه وشنو مل خطاب ڪندي چيو ته اڄ لکين ماڻهن سنڌ جي ملڪيت ٻيٽن تي جبري قبضي ۽ ڪاري آرڊيننس خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت رهندي ۽ ان تي سنڌين جو حق تسليم ڪيو وڃي.

جسقپ مرڪزي اڳواڻ سوڀ قمر ڀٽي چيو سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي روش برداشت نه ڪنداسين.

جسم سربراهه رياض چانڊيو چيو ته ڌرتي جي انچ انچ جا وارث اسين سنڌي آهيون، نام نهاد ترقي وارن منصوبن ذريعي سنڌين جي زمين کسڪائي پئي وڃي.

جيئي سنڌ قومي پارٽي سربراهه نواز خان زئور چيو ته عوامي طاقت ۽ پرامن قومي جدوجهد سان حڪمرانن ٻيٽن وارو منصوبو واپس ورتو پر جيستائين ان کي مڪمل رد نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين احتجاج جاري رهندو.

زين شاهه چيو ته سنڌ تاريخي وطن آهي ان ۾ ڌاري جي آبادي ذريعي تبديلي هرگز قبول نه آهي، سنڌ جي تقسيم ۽ قبضي خلاف ڪروڙين ڌرتي واسي تيار آهن، اسين برابر جا شهري آهيون نه ڪي مقبوضا قوم، ان ڪري ادارا قبلو درست ڪن.

مظاهري ۾ غلام قمبر حاجاڻو، رياض کيمٽيو، عثمان بلوچ، حريف چانڊيو، دودو ديشي، مصطفيٰ چانڊيو، پرهه سومرو، نورالدين جمالي، محمد خان شيخ ۽ ٻين هزارين مرد توڙي عورت اڳواڻن شرڪت ڪئي.

آخر ۾ هيٺيون قراردادون اتفاق راء سان پڻ  منظور ڪيون ويون.

اڄ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو هي احتجاجي ميڙ وفاقي سرڪار طرفان جاري ڪيل پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي صدارتي آرڊيننس (پيڊا) 2020ع کي غيرآئيني قرار ڏيندي سرڪار کان گُهر ٿو ڪري ته اهو آرڊيننس واپس ورتو وڃي.

هي احتجاجي ميڙ سمجهي ٿو ته سنڌ جي ٻيٽن متعلق جاري ڪيل پيڊا آرڊيننس سنڌ جي صوبائي سرحدن ۾ ڦير گهير جو عمل آهي، جيڪو پاڪستان جي آئين جي خلاف ورزي آهي، تنهن ڪري گهر ٿي ڪجي ته اهو آرڊيننس واپس ورتو وڃي.

اڄ جو هي احتجاجي ميڙ سنڌ سرڪار  کان گهر ٿو ڪري ته ٻيٽن جي سروي ڪرائي انهن حدن کي ديهه سروي لينڊ ريوينيو رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.

اڄ جو هي احتجاجي ميڙ سنڌ سرڪار کان گهر ٿو ڪري ته پيڊا آرڊيننس خلاف سي سي آءِ جو اسپيشل اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڏئي وفاقي سرڪار کان اهو واپس وٺرائڻ جي گهر ڪري.

اڄ جو هي احتجاجي ميڙ سرڪار کان گهر ٿو ڪري سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل سڀني قومپرست سياسي ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *