سنڌ جي ٻيٽن تي صدارتي آرڊينس خلاف ايس ٽي پي پاران 11 آڪٽومبر ڪراچي ۾ گورنر ھائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان

سنڌ جي ٻيٽن تي صدارتي آرڊينس خلاف ايس ٽي پي پاران 11 آڪٽومبر ڪراچي ۾ گورنر ھائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن مطعلق جوڙيل اٿارٽي جي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو تہ سنڌ جا ٻيٽ ۽ سامونڊي پٽي سنڌ جي ملڪيت آھن ۽ ڪنھن بہ صورت ۾ آرڊيننس ذريعي ان کي وفاق حوالي نہ ٿو ڪري سگھجي. وفاق آئين پاڪستان ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آھي. جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ نہ آئيني آھي ۽ نہ قانوني آھي ۽ اھڙو آرڊيننس جاري ڪرڻ قانون ۽ آئين سان غداري جي زمري ۾ اچي ٿو. جنھن کي سنڌ جا ڪروڙين انسان ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندا ۽ اھڙي عمل خلاف آرڊيننس جي خاتمي تائين ڀرپور مزاحمت ڪندا. ھن چيو تہ ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي 6 ۽ 7 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرا ڪندي ۽ 11 آڪٽوبر تي سنڌ جا غيرتمند لکين ماڻھو ڦوھارا چوڪ تي گڏ ٿي گورنر ھائوس اڳيان پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ۽ سنڌ طرفان احتجاجي ياداشت نامو گورنر سنڌ معرفت صدر پاڪستان کي موڪليو ويندو ۽ ريلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا قوم پرست اڳواڻ خطاب ڪندا. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ھوت خان گاڏھي، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو، محمد علي ابڙو، نصرت چنا ۽ ڄام شوڪت ابڙو موجود ھئا.

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *