سنڌ جي وحدت جي بقاء جي لاءِ آخري دم تائين جدوجهد ڪنداسين-ڊاڪٽر قادرمگسي


سنڌ جا ماڻھو پنهنجي وطن لاء چوئڪ چوئڪ گهٽي گهٽي تيار رھو ۽ سنڌ ماء جي وحدت بچائڻ لاء آخري دم تائين جدوجهد جاري رکڻ جي تياري ڪريو
ايس ٽي پي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادرمگسي پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته ھي فرغ نسيم الطاف حسين جو حلفہ يافته ڪارڪن آھي را موساد جي گڏيل ايجندا تحت الطاف جي اشارن تي ڪم ڪري رھيو آھي.
ھن وقت به ڪراچي جي اشو تي 144 لاڳو ڪرڻ جو مقصد آھيو آھي ته ڪشمير جي خلاف اٿندڙ تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ ۽ را جي ايجندا تعميل ڪرڻ برابر آھي جيئن سنڌ جا ماڻھو روڊن رستن تي نه نڪرن ۽ ڪشمير جي تحريڪ پردي پويان ھلي وڃي.
عمران خان کان ڪا به عقل ۽ چڱائي جي تقاضا رکڻ بيوقوفي آھي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ کي خبردار ٿا ڪريون ته سنڌ جي خلاف اھڙا سياسي تماشا بند ڪرايا وڃن ۽ ملڪ جو مقدر غير ملڪي طاقتن جي ايجندا جي حوالي نه ڪيو وڃي .
سنڌ جا ماڻھو پنهنجي وطن لاء چونڪ چونڪ گهٽي گهٽي تيار رھو ۽ سنڌ ماء جي وحدت بچائڻ لاء آخري دم تائين جدوجهد جاري رکڻ جي تياري ڪريو
ڊاڪٽر قادر مگسي
چيئرمين ايس ٽي پي.

وڌيڪ پڙھو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو …