سنڌ جي قومپرستن کي اتحاد ڪرڻ گهرجي

عظيم دانشور فرانز فينن جو چوڻ آهي ته “هو متحد انڪري آهن، جو اوهان منتشر آهيو. هُنن جو اتحاد ئي اوهان جي انتشار جو سبب آهي. جڏهن اوهان متحد ٿيڻ شروع ڪيو، ان ڏينهن هُنن جو انتشار شروع ٿي ويندو. هُنن جي ٻڌي ٽوڙڻي آهي ته پاڻ ۾ اتحاد ڪيو”. سنڌين سان به پنهنجي مادر وطن سنڌ ۾ ساڳي صورتحال  آهي. پاڪستان جي قيام کان وٺي، سنڌين جي ٻولي، ثقافت، تهذيب، جاگرافي، زمين، ٻيلا، درياءَ، سمنڊ، معدنيات ۽ گذر جي سمورن ذريعن تي قبضن سميت  ڌارين جي مسلسل جاري رهندڙ يلغار ۽ ٻين تمام گھڻين زيادتين جي تاريخ هن ملڪ جي عمر جيتري ئي ڊگھي آهي.  انگريزن جي فوجن هٿان 1843ع ۾ ٽالپرن مياڻيءَ وٽ شڪست کاڌي، جنهن جي نتيجي ۾ آزاد سنڌ کي برطانوي سلطنت جي غلامي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. اهڙي طرح هڪ صدي انگريزن جي غلاميءَ ۾ گذاريندڙ سنڌ 23 مارچ 1943ع تي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل طرفان منظور ٿيل پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ ڪيل واعدي تي ڀروسو ڪندي، پاڪستان ۾ شامل ٿي. ان ٺهراءَ موجب پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي اها ضمانت ڏني وئي هئي ته، نئين ملڪ ۾ شامل ٿيندڙ سموريون قومون خودمختيار ۽ خود حڪمران هونديون، جنهن ۾ وفاق وٽ صرف دفاع، ناڻو ۽ پرڏيهي معاملا هوندا، باقي سمورا کاتا يونٽن وٽ هوندا ۽ هر يونٽ جي مک عهديدار کي وزيراعظم سڏيو ويندو.

سنڌ، آل انڊيا مسلم ليگ جي اهڙن دلفريب واعدن، دلاسن ۽ خاطرين تي اعتماد ڪندي 1947ع ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿي. نئين ٺهندڙ ملڪ تي قابض قوتون پنهنجن واعدن ۽ وچنن جو ڀرم رکي نه سگھيون. پهرين ڏينهن کان ئي سنڌ سان مفتوحن وارو رويو رکندي زيادتن ۽ ويساھه گھاتين جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪو اڃان تائين جاري آهي ۽ کٽڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. تقريبن مُني صديءَ کان وٺي سنڌ لڳاتار پيڙجندي ۽ عذاب ڀوڳيندي رهي ٿي. سڀ کان پهريان ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي سازش کان وٺي هندستان جي مختلف علائقن کان ڌارين ماڻهن کي آڻي سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ، سنڌي هندن کي ڌمڪائي، ڊيڄاري، هيسائي سنڌ مان لڏائڻ، سندن گھرن، دوڪانن، مارڪيٽن، زمينن ۽ ٻين ملڪيتن تي ڪوڙن ڪليمن ذريعي قبضو ڪرائڻ، ون يونٽ ٺاهڻ، سنڌ جي زمينن تي مختلف بهانن سان ٻين صوبن جي ماڻهن کي آباد ڪرڻ، سنڌ جي نوڪرين، ناڻي ۽ پاڻيءَ تي قبضو ڪرڻ، سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ نسل پرست دهشتگرد ٽولن جي پوئيواري ڪري کين طاقتور بنائڻ، ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ٺاهي، سنڌ ورهائڻ جون ناپاڪ حرڪتون ڪرڻ، ٻٽو مڪاني نظام ۽ ٻيٽن تي ناجائز قبضي تائين، وفاق سنڌ سان وک وک تي ويساھه گھاتيون ۽ اُرھه زورايون ڪيون ويون آهن، ۽ اڃان تائين جاري آهن.

ايئن به ناهي ته ان سموري عرصي دوران سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ حق تلفين تي سنڌي ماڻهو هٿ هٿ تي رکي خاموش تماشائي بڻجي رڳو خالي دانهون ڪندا ۽ ڏسندا رهيا آهن. پنهنجي مادر وطن جي بچاءَ ۽ تحفظ خاطر ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ، ون يونٽ مخالف تحريڪ، نسل پرست دهشتگردي خلاف مزاحمتي جدوجهد، ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ٺاهڻ واري سازش کي ناڪام بنائڻ، ٻٽو مڪاني نظام واپس ڪرائڻ ۽ تازو سنڌ جي ٻيٽن تان وفاق جو قبضو ختم ڪرائڻ سميت سنڌي وقت بوقت وڙهندا، جھيڙيندا ۽ جدوجهد به ڪندا رهيا آهن،  جنهن ڪري کين ڪيترن ئي موقعن تي شاندار فتحون به نصيب ٿيون آهن. پر، ان سمورين جدوجهدن، تحريڪن، مزاحمتن، شهادتن ۽ قربانين جي باوجود به سنڌ تان خطرا ٽريا، يا ختم ته ناهن ٿيا پر، اڃان به وڌيا ضرور آهن. هتان جي حڪمرانن، پنجاب اسٽيبلشمينٽ، نسل پرست ٽولن يا سنڌ جي ويڪائو وڏيرن ۽ موقعي پرست جاگيردار طبقي جي ڳٺ جوڙ سان هر اڀرندڙ سج سنڌ لاءِ نيون مشڪلاتون، مصيبتون ۽ ذلتون کنيو پيو اچي. سنڌ جي سمورن وسيلن، روزگار جي ذريعن، معدنيات جي ذخيرن، ناڻي ۽ پاڻيءَ تي ته اڳ ۾ ئي تسلط قائم آهي پر، ڌارين جي مسلسل يلغار ته هاڻي ان حد تي وڃي پهتي آهي جو سنڌي ماڻهن کي ٿورڙائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جا خطرا انتها درجي تائين وڌي ويا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي گھڻگھرن جلد اکيون نه پٽيون ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌاريا بڻجي رهجي ويندا. ان کان علاوه سنڌ جي جاگرافي توڙي وحدت کي ڪيترائي خطرا لاحق آهن. مختلف طرفن کان سنڌ جي قومي ۽ تاريخي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ سازشون ۽ اٽڪلون پنهنجين سمورين حرفتن، مڪارين ۽ بڇڙاين سان جيئن جو تيئن جاري آهن. اڃان به وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ وڌيڪ سنجيدگي ۽ پختگي پيدا ڪئي پئي وڃي. ان جي ابتڙ اسان جيڪي هزارين ورهين کان هن وطن جا تاريخي مالڪ ۽ وارث آهيون، سي سڀئي پنهنجن قومي فرضن ۽ ذميوارين کان بيخبر ۽ غافل آهيون.

اسان اڃان تائين لاپرواهي ۽ غفلت جي ننڊ سُتا پيا آهيون. جيڪي ٿورڙا ڪي گھڻا سڄاڳ آهن، حالتن جي سنگينيءَ جو ۽ ايندڙ خطرن جو ادراڪ رکن به ٿا، ته انهن جون به واٽون ويھه بڻيل آهن. اهي به گڏ ناهن. اهي به ڇڙوڇڙ آهن. هر ڪنهن جي سياسي ڪُني ڌار چڙهيل آهي. انهن وٽ به پنهنجا عهدا، پنهنجا جھنڊا، پنهنجو پارٽيون، پنهنجا منشور ۽ پنهنجا مفاد سنڌ کان وڌيڪ عزيز آهن. پر جيڪڏهن اسان پنهنجا سمورا ويڇا وساري، پنهنجون سڀئي انائون ختم ڪري، ذاتي ۽ گروهي مفادن تي اجتماعي ۽ قومي مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏيون، سڄاڳ ۽ متحد ٿيون ته اسان پنهنجا وڃايل سمورا وسيلا ۽ کسيل حق واپس وٺي  باوقار قومن جيان خوشحال زندگي گذاري سگھون ٿا. ان موقعي تي وري به مونکي فرانزفينن جي ڳالھه ياد پئي اچي، جنهن چيو آهي ته؛ “جيڪڏهن ماڪوڙيون به متحد ٿين ته شينهن جي کل لاهي سگھن ٿيون. دنيا ۾ ظالمن جي سگھاري هئڻ جو سبب صرف مظلومن جو ڇڙوڇڙ هئڻ آهي”. اسان ته وري به پنج ڪروڙ کان  وڌيڪ زنده انسانن جي قوم آهيون، جنهن تاريخ جي تمام وڏن جابرن، غاصبن، ڦورن ۽ لٽيرن سان مهاڏا اٽڪائي انهن کي هتان ڀڄائي ۽ تڙي ڪڍيو آهي. تنهن ڪري اسان کي پنهنجين ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو پوري ايمانداريءَ سان جائزو وٺندي، پاڻ کي درست ۽ متحد ڪرڻو پوندو. حقيقتن کي قبول ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان ٿورڙي وقت لاءِ به خودفريبين ۽ خوشفهمين جي جهان مان ٻاهر نڪري، جھٽ سوا لاءِ به حقيقت پسند ٿي سوچينداسين ته، هن وقت تائين سنڌين وٽ ڪا هڪڙي به اهڙي منظم ۽ سگھاري تنظيم ڪونهي، جيڪا هنن سمورن خطرن کي منهن ڏئي سگھي يا هنن غاصب ۽ پرمار قوتن جي سمورين سازشن جو اڪيلي سر مقابلو ڪري،

سنڌين جي مقدر ۾ خوشيون ۽ فتحون لکي سگھي. اهڙي پيچيده ۽ خطرناڪ صورتحال ۾ اسان وٽ بچاءَ جي صرف هڪڙي ئي واٽ بچي ٿي ته اسان سمورا پاڻ ۾ مڙي مٺ ٿيون. ان لاءِ  سڀ کان پهريان پارلياماني سياست ۾ ويساھه رکندڙ سنڌ جي سمورين قومپرست پارٽين جا اڳواڻ پاڻ ۾ گڏجي ويهن. پارٽين، شخصي انائن، ذاتي ۽ گروهي مفادن ۽ عهدن کان مٿانهان ٿي غور ۽ فڪر ڪن. سنڌ کي درپيش خطرن ۽ مصيبتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي خيالن کان تفصيلي طور تي واقف ٿي ڪري هڪڙي پارٽي، هڪڙي جھنڊي ۽ هڪڙي پليٽ فارم تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو عهد ڪن. جيڪڏهن شروعاتي طور تي ايئن ممڪن نه به بڻجي سگھي ته پوءِ گڏيل صلاح مشوري ۽ بهتر حڪمت عملي سان ڪا ايجنڊا طئي ڪري کين هڪ وسيع پارلياماني اتحاد جوڙڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي پنهنجين سمورين موقعي پرستين، سنڌ دشمن فيصلن  جي باوجود، هن وقت تائين به سنڌ جي سڀ کان وڏي پارلياماني پارٽي بڻيل آهي. تنهن ڪري انتهائي ضروري آهي ته سنڌي قوم کي پيپلزپارٽيءَ جي متبادل طور تي هڪ مضبوط ۽ سگھارو پليٽ فارم مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ قومپرست اڳواڻن کي سنجيدگيءَ سان پنهنجون ڪوششون   تيز ڪرڻ گھرجن. مان آخر ۾ اها ڳالھه ضرور چوندس ته قومپرستن جو انضمام يا اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي، ان کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي ته بهتر ٿيندو.

وڌيڪ پڙھو

سرداري پڳ جو سياسي سفر

سرداري پڳ جو سياسي سفر

تاريخ جا پيرا کڻون ٿا ته انگريز راڄ جو اهم ڪارندو رابرٽ سنڊيمن 1876ع ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *