
ايس ٽي پي جي چيئرمن ڊاڪٽر قادر مگسي جو نوجوان پٽ سارنگ مگسي رضا الاهي سان وفات ڪري ويو آهي، سارنگ مگسي ننڍپڻ کان شگر جي عارضي سبب علاج هيٺ هو طبعيت خراب هجڻ گذريل ٻن ڏينهن کان سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل هو . جتي کيس هارٽ اٽيڪ ٿيو جنهن سبب 33 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو
سارنگ مگسي جي تدفين خميس جي ڏينهن ٺٽي ۾ اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي . جنازي نماز شام چار وڳي ٺٽي ۾ ادا ڪئي ويندي.