سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ ۾ برسات متاثرين جي امداد جي لاءِ امدادي ڪئمپون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ حيدرآباد ضلع اڳواڻن جو گڏيل هنگامي اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ برساتن سبب سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهي آهي. برسات متاثرين هن وقت انتهائي عذاب واري وقت مان گذري رهيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ انتظامي مشينري روايتي ڪامورڪي چالاڪي ۽ مڪاري جو مظاهرو ڪري رھيا آھن. ان لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي کي هن ڏکي وقت ۾ پنهنجي ماڻهن جي واهر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي وس آهر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي کان سڄي سنڌ ۾ برسات متاثرين جي سهائتا جي لاءِ امدادي ڪئمپون لڳايون وينديون. جن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ دوائن کي گڏ ڪري متاثرين تائين پهچايون وينديون

اجلاس ۾ سڄي سنڌ اندر ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن سان رابطا ڪري سڄي سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ جي لاءِ انتظام ڪندي

اجلاس ۾ برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال سبب ڳوٺن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ ضلع انتظاميا، ميڊيا ۽ دفاعي ادارن جي مدد سان ٻيڙين ذريعي محفوظ ڪئمپن تائين پهچائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون.

اجلاس ۾ ضلع ڊپٽي ڪمشنرن تي زور ڀريو ويو ته مليل امداد جا تفصيل نوٽيس بورڊن تي لڳايا وڃن. جئين عوامي امداد جا تفصيلن کان عوام کي آگاهي ملي سگهي. ڪنهن به صورت ۾ آرامده ڪمرن ۾ ويٺل ڪامورن ۽ نمائيندن کي برسات سٽيلن جي امداد تي عياشي ڪرڻ نه ڏني ويندي

سڄي سنڌ امدادي ڪمن جي سارسنڀال لهڻ جي لاءِ ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادر چنا ،عاشق سولنگي ، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي گاڏهي خدا بخش درس، محمد علي ابڙو ۽ نصرت حسين چن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي

اجلاس ۾ حيدر آباد ضلع جي اڳواڻن رستم لاشاري، شبير جوڻيجو ، جان محمد جوڻيجو ، لياقت جويو ، بابو شيدي ، سرواڻ مگسي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ حيدرآباد، بدين، ٺٽو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published.